Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.پطرس 2:25 - Sindhi Bible

25 ڇالاءِ جو پهرين اوهين رڍن وانگر رُلي ويا هئا؛ پر هاڻي پنهنجن روحن جي ڌنار ۽ نگهبان (بشپ) وٽ موٽي آيا آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

25 هائو، اڳي اوهين ڀَٽڪيل رڍن وانگر هئا پر هاڻي پنهنجين آتمائن جي ڌنار ۽ سنڀاليندڙ وٽ موٽي آيا آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 هائو، اڳي اوهين ڀٽڪيل رڍن وانگر هئا پر هاڻي پنهنجن روحن جي ڌنار ۽ نگهبان وٽ موٽي آيا آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

25 ڇالاءِ⁠جو اڳي اوھين ڀٽڪيل رڍن وانگر ھئا پر ھاڻي پنھنجن روحن جي ڌنار ۽ نگھبان وٽ موٽي آيا آھيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.پطرس 2:25
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ گم ٿيل رڍ وانگي گمراهہ ٿي ويو آهيان؛ تون پنهنجي بندي کي ڳولي لهہ؛ ڇو جو آءٌ تنهنجن حڪمن کي نٿو وساريان.


اي اسرائيل جا ڌنار، تون جو ڌڻ وانگي يوسف جي رهبري ٿو ڪرين، ڪن ڏيئي ٻڌ: تون جو ڪروبين تي ويٺو آهين، پنهنجو نور چمڪاءِ.


۽ هيئن ٿيندو جو ڀڄايل هرڻ وانگي، ۽ انهن رڍن وانگي جن کي ڪوبہ گڏ نٿو ڪري، هو سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي قوم ڏي ورائيندا، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي ملڪ ڏي ڀڄائيندا.


هو پنهنجو ڌڻ ڌنار وانگي چاريندو، ۽ هو گهيٽن کي پنهنجين ٻانهن هيٺ گڏ ڪري پنهنجي ڀاڪر ۾ کڻي هلندو، ۽ جيڪي کير پيارين ٿيون تن کي آهستي آهستي وٺي ويندو.


پر هو اسان جي گناهن جي ڪري ڦٽيو ويو، ۽ اسانجين خطائن جي ڪري چٿيو ويو: اسان جي سلامتي لاءِ هن تي سزا آئي؛ هن جي مار کائڻ ڪري اسان شفا حاصل ڪئي.


اسين سڀ رڍن وانگي گمراهہ ٿي ويا آهيون؛ اسان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي رستي ڏانهن ڦري ويو آهي؛ پر خداوند اسان سڀني جو گناهہ هن جي مٿان رکيو آهي.


تنهن ڪري خداوند اسرائيل جو خدا منهنجي قوم جي ڌنارن جي برخلاف هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهان منهنجو ڌڻ ڇڙ وڇڙ ڪري ڇڏيو آهي، ۽ انهي کي هڪالي ڪڍيو آهي، ۽ انهي جي خبر نہ لڌي اٿوَ؛ ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان جن ڪرتوتن جي بڇڙائي سبب اوهان جي خبر لهندس.


منهنجون رڍون سڀني جبلن تي، ۽ سڀ ڪنهن مٿانهين ٽڪريءَ تي رلنديون رهيون: هائو، منهنجون رڍون سڄي زمين تي پکڙجي ويون؛ ۽ اهڙو ڪوبہ ڪونہ هو جو انهن کي ڳولي يا پٺيان پئي هٿ ڪري.


۽ منهنجو ٻانهو دائود هن جي مٿان بادشاهہ ٿيندو؛ ۽ هنن سڀني جو هڪڙو ڌنار ٿيندو؛ هو منهنجن حڪمن تي بہ هلندا، ۽ منهنجي قانونن جي سنڀال ڪندا، ۽ انهن تي عمل ڪندا.


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اي ترار منهنجي ريڍار جي، يعني انهيءَ انسان جي، جو منهنجو رفيق آهي، تنهن جي برخلاف اُٿ، ۽ ريڍار کي ڌڪ هڻ، تہ رڍون ڇڙوڇڙ ٿي وڃن: ۽ آءٌ ننڍن تي بہ هٿ هلائيندس.


اوهين ڪيئن ٿا ڀانئيو؟ جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي سؤ رڍون هجن، ۽ انهن مان هڪڙي گم ٿي وڃي، تہ هو نوانوي کي ڇڏي، جبلن ۾ وڃي اُها جيڪا گم ٿي ويئي آهي، تنهن کي ڪين ڳوليندو؟


پر جڏهن هن ميڙاڪا ڏٺا، تڏهن مٿن رحم آيس، ڇالاءِ جو هو نڌڻڪين رڍن وانگر رليل ۽ پريشان هئا.


اوهين پنهنجي ۽ اُنهي ساري ڌڻ جي سنڀال ڪجو، جنهن جو پاڪ روح اوهان کي نگهبان مقرر ڪيو آهي، ۽ خدا جي انهيءَ ڪليسيا کي سنڀاليندا رهجو، جا هن خاص پنهنجي رت سان خريد ڪئي.


هاڻي خدا جو اطمينان جو چشمو آهي، جنهن رڍن جي وڏي چرواهي کي، يعني اسان جي خداوند يسوع کي، هميشہ جي عهد جي رت جي وسيلي مُئلن مان وري جياري اُٿاريو،


تنهنڪري اي پاڪ ڀائرو، جي آسماني ڪوٺ ۾ شريڪ آهيو، اوهين انهي رسول ۽ سردار ڪاهن تي، يعني يسوع تي غور ڪريو، جنهن کي اسين مڃون ٿا.


اُهو جاهلن ۽ گمراهہ ٿيلن سان نرميءَ جي هلت ڪري ٿو سگهي، ڇالاءِ جو هو پاڻ بہ ڪمزوريءَ کان آجو نہ آهي.


جي اڳي نافرمان هئا، جڏهن نوح جي زماني ۾ خدا تحمل ڪري انتظار ۾ هو، ۽ ڪَشتي تيار پئي ٿي، جنهن ۾ ٿورا ماڻهو، يعني اٺ ڄڻا پاڻيءَ ۾ ٻُڏڻ کان بچي پيا.


۽ جڏهن وڏو ڌنار ظاهر ٿيندو، تڏهن اوهان کي جلال جو اهڙو ڇَٽ ملندو، جو ڪومائجڻ جو ناهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ