Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.پطرس 2:21 - Sindhi Bible

21 ڇالاءِ جو انهي لاءِ ئي اوهين سڏيا ويا آهيو: هن ڪري جو مسيح بہ اوهان جي لاءِ ڏک سَٺا، ۽ اوهان کي هڪڙو نمونو ڏيئي ويو تہ اوهين بہ سندس پيروي ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

21 انهيءَ ڳالهہ لاءِ ئي ايشور اوهان کي سڏيو آهي. هائو، صبر سان تڪليفون سهڻ لازمي آهي، ڇاڪاڻ تہ مسيح بہ اوهان جي خاطر تڪليفون سٺيون. ائين هو اوهان کي هڪڙو نمونو ڏيئي ويو آهي، تہ جيئن اوهين سندس نقشِ‌قدم تي هلندا رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 انهيءَ ڳالهہ لاءِ ئي خدا اوهان کي سڏيو آهي. هائو، صبر سان تڪليفون سهڻ لازمي آهي، ڇاڪاڻ تہ مسيح بہ اوهان جي خاطر تڪليفون سٺيون. ائين هو اوهان کي هڪڙو نمونو ڏيئي ويو آهي، تہ جيئن اوهين سندس نقشِ‌قدم تي هلندا رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

21 انھيءَ ڳالھہ لاءِ ئي اوھين سڏيا ويا آھيو، ڇالاءِ⁠جو مسيح بہ اوھان جي خاطر ڏک سھي اوھان کي ھڪڙو نمونو ڏيئي ويو آھي، تہ جيئن اوھين سندس نقشِ⁠قدم تي ھلندا رھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.پطرس 2:21
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

راستبازي هن جي اڳيان اڳيان هلندي؛ ۽ سندس پير جي نشانن کي اسان لاءِ واٽ بنائيندي.


۽ جيڪو پنهنجو صليب کڻي منهنجي پٺيان نہ ايندو، سو منهنجي لائق نہ آهي.


منهنجي پاڃاري پاڻ تي کڻو، ۽ مون کان سکو؛ ڇالاءِ جو آئون دل جو حليم ۽ نماڻو آهيان، ۽ اوهان جي روح کي آرام ملندو.


تڏهن يسوع پنهنجن شاگردن کي چيو تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو منهنجي پٺيان اچڻ گهري، تہ پنهنجي خوديءَ کي ماري، ۽ پنهنجو صليب کڻي منهنجي پٺيان اچي.


ڇا مسيح کي ضرور ڪين هو تہ هي ڏک سهي، ۽ پوءِ پنهنجي جلال ۾ گهڙي؟


ڇوتہ مون اوهان کي نمونو ڏنو آهي تہ جيئن مون اوهان سان ڪيو آهي، تيئن اوهين بہ ڪريو.


اهي ڳالهيون مون اوهان کي انهيءَ لاءِ چيون آهن تہ مون ۾ اوهان کي اطمينان ملي. دنيا ۾ اوهين مصيبت ۾ آهيو: پر دلجاءِ ڪريو، آئون دنيا تي غالب آيو آهيان.


۽ شاگردن جي دلين کي مضبوط ڪندا رهيا، ۽ ايمان تي قائم رهڻ لاءِ سمجهائيندا رهيا، ۽ چوندا هئا تہ ضرور آهي تہ اسين گهڻيون مصيبتون سهي خدا جي بادشاهت ۾ داخل ٿيون.


۽ کولي کولي دليل ڏيئي چيائين، تہ اِهو ضرور هو تہ مسيح ڏک سهي، ۽ مُئلن مان جيئرو ٿي اُٿي؛ ۽ هي يسوع، جنهن جي آئون اوهان کي خبر ٿو ڏيان، سو ئي مسيح آهي.


جو آئون ڏيکاريندوسانس تہ منهنجي نالي جي صدقي کيس ڪيترا نہ ڏک سهڻا پوندا.


ڇالاءِ جو جن کي هن اڳيئي ٿي ڄاتو، تن کي هن اڳيئي مقرر ڪري ڇڏيو، تہ سندس فرزند جا هم شڪل ٿين، انهي لاءِ تہ هو گهڻن ڀائرن ۾ پهريتو ٿئي.


اوهين بہ منهنجي پيروي ڪريو، جيئن آئون مسيح جي پيروي ٿو ڪريان.


۽ محبت سان هلو، جيئن ڪ مسيح بہ اوهان کي پيار ڪيو، ۽ اسان جي لاءِ پاڻ کي پاڻهي خوشبوءِ وانگر خدا جي اڳيان نذرانو ۽ قرباني ڪري ڏيئي ڇڏيائين.


اهڙي ئي طبيعت رکو جهڙي مسيح يسوع جي هئي؛


تان تہ انهن مصيبتن جي ڪري ڪنهن جي بہ دل هارجي نہ وڃي، جو اوهين پاڻ ڄاڻو ٿا تہ اسين انهيءَ جي لاءِ مقرر ٿيا آهيون.


ڇالاءِ جو اوهين ڄاڻو ٿا تہ اسان اوهان کي خداوند يسوع جي طرفان ڪهڙا ڪهڙا حڪم پهچايا.


هائو، ۽ اُهي سڀ جي مسيح يسوع ۾ ديندار ٿي رهڻ ٿا گهُرن، سي ستايا ويندا.


ڇالاءِ جو جنهن جي لاءِ سڀ شيون آهن، ۽ جنهن جي وسيلي سڀ شيون پيدا ٿيون آهن، تنهن لاءِ اهو مناسب هو تہ جڏهن گهڻن پٽن کي جلال تائين پهچائي، تڏهن انهن جي نجات جي بانيءَ کي ڏکن جي وسيلي ڪامل ڪري.


هو دنيا جي شروعات کان اڳي مقرر ٿيو هو، پر اوهان جي خاطر آخري زماني ۾ پڌرو ڪيو ويو.


هو پاڻ اسان جا گناهہ پنهنجي بدن تي کڻي صليب تي چڙهيو، انهي لاءِ تہ اسين گناهن جي ڪري مري راستبازيءَ لاءِ جيون؛ هن جي مار کائڻ جي ڪري اوهان کي شفا ملي.


هن ڪري جو مسيح بہ هڪڙو ئي ڀيرو گناهن جي لاءِ ڏک سَٺو، يعني راستباز ناراستن لاءِ، تان تہ هو اسان کي خدا تائين پهچائي. هو جسماني طور مارجي ويو، پر روحاني طور جياريو ويو؛


بديءَ جي عيوض بدي نہ ڪريو، ۽ گار جي بدران گار نہ ڏيو؛ پر اُٽلندو دعا ڪريو؛ ڇالاءِ جو اوهين انهي لاءِ سڏيا ويا هئا تہ برڪت جا وارث ٿيو.


تنهنڪري جڏهن مسيح جسم ۾ ڏک سَٺا، تڏهن اوهين بہ ساڳي طبيعت اختيار ڪريو، ڇالاءِ تہ جنهن جسم ۾ ڏک سَٺا، سو گناهن کان ڇُٽي پيو؛


پر جيئن جيئن اوهين مسيح جي ڏکن ۾ شريڪ ٿا ٿيو، تيئن تيئن خوشي ڪريو؛ تہ سندس جلال جي ظهور جي وقت بہ ڏاڍا خوش ۽ سرها ٿيو.


جيڪو چوي ٿو تہ آئون هن ۾ رهان ٿو، تنهن کي گهرجي تہ پاڻ بہ ائين ئي هلي، جيئن هو هلندو هو.


انهي مان اسان کي پيار جي خبر پيئي آهي، ڇالاءِ جو هن اسان جي لاءِ پنهنجي جان ڏني: ۽ اسان کي بہ پنهنجن ڀائرن لاءِ جان ڏيڻ گهرجي.


۽ هو گهيٽي جي رت جي وسيلي ۽ پنهنجي شاهديءَ جي ڪلام ڪري مٿس غالب پيا، ڇالاءِ جو هنن موت تائين پنهنجو ساهہ پيارو نہ سمجهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ