Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.پطرس 2:16 - Sindhi Bible

16 ۽ پاڻ کي آزاد ڄاڻو، پر ائين نہ ٿئي جو اها آزادي اوهان جي بدي ڪرڻ جو بهانو ٿي پوي، پر پاڻ کي خدا جا غلام سمجهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

16 اوهين آزاد تہ آهيو، پر پنهنجي انهيءَ آزاديءَ کي بڇڙائيءَ جو بهانو نہ بڻايو، بلڪ ايشور جي داسن وانگر جيون گذاريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 اوهين آزاد تہ آهيو، پر پنهنجي انهيءَ آزاديءَ کي بڇڙائيءَ جو بهانو نہ بڻايو، بلڪ خدا جي ٻانهن وانگر زندگي گذاريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

16 آزاد ماڻھن وانگر زندگي گذاريو. پر پنھنجي انھيءَ آزاديءَ کي بڇڙائيءَ جو بھانو نہ بڻايو، البت پاڻ کي خدا جا ٻانھا سمجھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.پطرس 2:16
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر افسوس آهي اوهان لاءِ، اي فقيهو ۽ فريسيو، رياڪارو! ڇالاءِ جو اوهين آسمان جي بادشاهت ماڻهن لاءِ بند ڪري ٿا ڇڏيو، جو نڪي اوهين پاڻ ٿا اندر وڃو، نڪي جيڪي اندر وڃن ٿا، تن کي گهڙڻ ٿا ڏيو.


جيڪڏهن آئون نہ اچان ها، ۽ ساڻن ڳالهيون نہ ڪريان ها، تہ مٿن ڏوهہ ڪونہ هجي ها: پر هاڻي انهن کي پنهنجي ڏوهہ لاءِ ڪو عذر ڪونهي.


۽ گناهہ کان آزاد ٿي اوهين راستبازيءَ جا غلام ٿيا آهيو.


پر هاڻي جڏهن گناهہ کان آزاد ڪيا ويا آهيو ۽ خدا جا غلام ٿيا آهيو، تڏهن اوهان کي انهي جو ڦل، يعني پاڪيزگي حاصل ٿي ٿئي، جنهن جو نتيجو هميشہ جي زندگي آهي.


ڇالاءِ جو جيڪو غلاميءَ جي حالت ۾ خداوند ۾ سڏيو ويو، سو خداوند جو آزاد ڪيل آهي. ساڳيءَ طرح جيڪو آزاديءَ جي حالت ۾ سڏيو ويو، سو مسيح جو غلام آهي.


مسيح اسان کي آزاديءَ لاءِ آزاد ڪيو؛ تنهنڪري قائم رهو ۽ وري ٻانهپ جي پاڃاريءَ ۾ جوٽجي نہ وڃو.


ڇالاءِ جو، اي ڀائرو، اوهين آزاد ٿيڻ لاءِ سڏيا ويا هئا، پر ائين نہ ٿئي جو آزاديءَ کي جسماني ڳالهين جي لاءِ ڪم ۾ آڻيو؛ پر محبت جي رستي هڪ ٻئي جي خدمت ڪريو.


۽ ماڻهن کي خوش ڪندڙن وانگر ظاهري ڏيک جي لاءِ نوڪري نہ ڪريو؛ پر مسيح جي غلامن وانگر دل سان خدا جي مرضي پوري ڪريو؛


ائين سمجهو تہ خداوند کان انهي جي عيوض ۾ اوهان کي ورثو ملندو: اوهين خداوند مسيح جي ٿا خدمت ڪريو.


ڇالاءِ جو اوهان کي خبر آهي تہ اسان ڪڏهن بہ خوشامد وارا لفظ ڪم نہ آندا آهن، نہ اُنهن کي لالچ جو پردو ڪيو اٿئون، ۽ انهيءَ جو خدا شاهد آهي؛


پر جيڪو ڪامل شريعت تي، يعني آزادگيءَ جي شريعت تي نظر ٿو ڪري ۽ غور ڪندو ٿو رهي، سو رڳو ٻُڌندڙ ناهي جو وساريو ڇڏي، پر عمل ڪندڙ آهي؛ اهوئي پنهنجي ڪم ۾ برڪت وارو ٿيندو.


اوهان جي گفتگو ۽ هلت چلت انهن ماڻهن وانگر هئڻ گهرجي، جن جو آزاديءَ جي شريعت موجب انصاف ٿيڻو آهي.


هو کين آزادگيءَ جو واعدو ڏين ٿا، ۽ پاڻ خرابيءَ جا غلام ٿيا وتن: ڇالاءِ جو جيڪو ماڻهو ڪنهن کان مغلوب ٿو ٿئي، سو انهيءَ جي غلاميءَ ۾ ٿو اچي.


ڇالاءِ جو ڪي ماڻهو آهن جي لڪي ڇپي گهڙي آيا آهن، يعني اُهي جي قديم زماني کان هن سزا جي لاءِ مقرر ڪيا ويا هئا، ۽ اُهي بي دين ماڻهو آهن، جي اسان جي خدا جو فضل ڦيرائي شهوت پرستي ٿا ڪن، ۽ اسان جي هڪڙي ئي مالڪ ۽ خداوند يسوع مسيح جو انڪار ٿا ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ