Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.پطرس 2:12 - Sindhi Bible

12 ۽ غير قومن ۾ پنهنجي هلت چلت چڱي رکو، تہ جن ڳالهين ڪري هو اوهان کي بدڪار ڄاڻي اوهان جي گلا ٿا ڪن، تن ۾ اوهان جا چڱا ڪم ڏسي عدالت جي ڏينهن خدا جي وڏائي ظاهر ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 غير وشواسين ۾ پنهنجي هلت چلت چڱي رکو، تہ جيئن جيڪي اوهان تي بڇڙو هئڻ جي تهمت ٿا هڻن سي اوهان جا چڱا ڪم ڏسي انهيءَ ڏينهن تي ايشور جي مهما ڪن جڏهن هو اچي عدالت ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 غير ايمان وارن ۾ پنهنجي هلت چلت چڱي رکو، تہ جيئن جيڪي اوهان تي بڇڙو هئڻ جي تهمت ٿا هڻن سي اوهان جا چڱا ڪم ڏسي انهيءَ ڏينهن تي خدا جي واکاڻ ڪن جڏهن هو اچي عدالت ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 غير قومن ۾ پنھنجي ھلت چلت چڱي رکو، تہ جيئن جيڪي اوھان تي بدڪار ھئڻ جي تھمت ٿا ھڻن سي اوھان جا چڱا ڪم ڏسي انھيءَ ڏينھن تي خدا جي واکاڻ ڪن جڏھن خداوند اچي عدالت ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.پطرس 2:12
46 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بدڪارن ترار ڪڍي آهي، ۽ پنهنجون ڪمانون ڪشيون اٿن؛ انهي لاءِ تہ غريبن ۽ محتاجن کي ڪيرائي ڇڏين، ۽ چڱيءَ چال وارن کي قتل ڪن.


جيڪو شڪرگذاريءَ جي قرباني پيش ٿو ڪري سو منهنجو جلال ظاهر ٿو ڪري؛ ۽ جيڪو پنهنجي چال چلن برابر ٿو رکي تنهن کي آءٌ خداوند جي نجات ڏيکاريندس.


پر مصيبت جي ڏينهن ۽ جيڪا خرابي پري کان ايندي تنهن ۾ اوهين ڇا ڪندا؟ ڪنهن ڏي مدد لاءِ ڊوڙندا؟ ۽ پنهنجي وڏائي ڪٿي ڇڏيندا؟


تڏهن وزيرن ۽ والين ڪوشش ڪئي تہ حڪمرانيءَ جي نسبت ۾ داني ايل جو ڪو قصور هٿ ڪن، پر اهڙي قصور هٿ ڪرڻ جو هنن کي وجهہ ملي نہ سگهيو؛ ڇالاءِ جو هو ايماندار هو، ۽ هن ۾ ڪا گهٽتائي يا قصور نہ هو.


ايترو بس آهي تہ شاگرد پنهنجي اُستاد جهڙو ٿئي، ۽ نوڪر پنهنجي ڌڻيءَ جهڙو. جيڪڏهن هنن گهر جي ڌڻيءَ کي بعلزبول ڪري سڏيو آهي، تہ سندس گهر جي ڀاتين کي ڪيترو نہ زيادہ ڪري سڏيندا!


مبارڪ اوهين تڏهن آهيو، جڏهن منهنجي نالي ماڻهو اوهان کي طعنا هڻندا، ۽ ستائيندا، ۽ بي گناهہ اوهان تي هر طرح جي تهمت لڳائيندا.


ساڳيءَ طرح اوهان جي روشني بہ ماڻهن اڳيان چمڪي، تہ اهي اوهان جا چڱا ڪم ڏسي، اوهان جو پيءُ جو آسمان ۾ آهي تنهن جي وڏائي ڪن.


پر جڏهن خلق هيءُ حال ڏٺو، تڏهن سڀ ڊڄي ويا، ۽ خدا جي وڏائي ڪرڻ لڳا، جنهن انسان کي اهڙي طاقت ڏني آهي.


”سڳورو هجي خداوند اسرائيل جو خدا، ڇوتہ هن پنهنجي اُمت تي نظر ڪري اُن کي نجات ڏني آهي.


۽ اُهي توکي، ۽ تو ۾ جيڪي تنهنجا ٻار آهن تن کي، وٺي پَٽ سان هڻندا، ۽ تو ۾ پهڻ پهڻ تي بہ نہ ڇڏيندا، ڇالاءِ جو جنهن ڏينهن تو تي نظر ٿي، تنهن ڏينهن کي تو نہ سڃاتو.


مبارڪ آهيو اوهين، جڏهن ابن آدم جي ڪري ماڻهو اوهان کي ڌڪاريندا، ۽ اوهان کي ڪڍي ڌار ڪندا، ۽ ڦٽ لعنت ڪندا، ۽ اوهان جي نالي کي بڇڙو سمجهي رد ڪندا.


پوءِ جڏهن هو ٻاهر ويو، تڏهن يسوع چيو، تہ هاڻي ابن آدم جو جلال ظاهر ٿيو، ۽ منجهس خدا جو بہ جلال ظاهر ٿيو؛


شمعون بيان ڪيو آهي تہ ڪهڙيءَ طرح خدا، شروعات ۾ غير قومن تي نظر ڪئي، انهي لاءِ تہ انهن مان پنهنجي نالي لاءِ هڪڙي اُمت چونڊي ڪڍي.


نڪي وري جن ڳالهين جو مون تي هاڻي الزام آندو اٿن، تن جي ثابتي ڏيئي ٿا سگهن.


۽ جڏهن اُهو اچي حاضر ٿيو، تڏهن جيڪي يهودي يروشلم مان آيا هئا، سي سندس چوڌاري بيهي ويا ۽ مٿس ڏاڍيون ڳريون تهمتون رکيائون، پر انهن جي ثابتي ڏيئي نہ سگهيا.


پر چڱو ٿيندو تہ جيڪي تنهنجا خيال آهن، سي اسان کي ٻُڌاءِ: باقي هن فرقي جي بابت اسان کي خبر آهي تہ جتي ڪٿي انهي جي گلا آهي.


بديءَ جي عيوض ڪنهن سان بدي نہ ڪريو. جي ڳالهيون سڀني ماڻهن جي نظر ۾ چڱيون آهن، تن جو خيال رکو.


۽ اهڙيءَ طرح شائستگيءَ سان هلون جيئن ڏينهن جو هلبو آهي، نہ ناچ رنگ ۽ نشي ۾، نہ زناڪاريءَ ۽ شهوت پرستيءَ ۾، نہ جهيڙي ۽ حسد ۾:


۽ جيڪو انهيءَ طرح مسيح جي خدمت ٿو ڪري سو خدا کي پسند آهي، ۽ ماڻهن وٽ قبول پيل آهي.


۽ غير قومون بہ خدا جي رحم ڪري سندس جلال ظاهر ڪن. جيئن ڪ لکيل آهي تہ ”انهي ڪري آئون غير قومن ۾ تنهنجي تعريف ڪندس، ۽ تنهنجي نالي جا گيت ڳائيندس.“


۽ سندس دل جا ڳُجهہ ظاهر ٿي پوندا، ۽ نيٺ هو گوڏا کوڙي خدا کي سجدو ڪندو، ۽ قبول ڪندو تہ تحقيق خدا اوهان ۾ آهي.


ڇالاءِ جو اسان جو فخر هيءُ آهي، ۽ اسان جي دل بہ شاهدي ٿي ڏئي، تہ اسان دنيا ۾ ۽ خاص ڪري اوهان ۾ جيڪا هلت چلت ڪئي، سا جسماني ڏاهپ سان نہ، پر پاڪيزگيءَ، ۽ راستبازيءَ، ۽ خدا جي فضل سان.


هاڻي اسين خدا کان دعا ٿا گهُرون تہ اوهين ڪا بڇڙائي نہ ڪريو؛ نہ انهي لاءِ تہ اسين وفادار ڏسڻ ۾ اچون، پر انهي لاءِ تہ اوهين اُهوئي ڪريو جو چڱو هجي، پوءِ اسين ڀلي تہ بي وفا سمجهيا وڃون.


ڇالاءِ جو اسين انهن ڳالهين جو اڳيئي خيال ٿا ڪريون جي نہ رڳو خداوند جي نظر ۾، پر ماڻهن جي نظر ۾ بہ چڱيون آهن.


انهن سان گڏ اسين سڀيئي بہ پنهنجي جسم جي خواهشن ۾ هلندا هئاسين، ۽ جسم ۽ دل جي سَڌين پورين ڪرڻ ۾ مشغول هئاسين، ۽ طبيعت جي ڪري ٻين وانگر غضب جا فرزند هئاسين:


اوهين پنهنجي اڳوڻي هلت چلت ۽ پراڻي انسانيت، جا فريب جي شهوتن ڪري خراب ٿيندي ٿي وڃي، تنهن کي لاهي ڇڏيو؛


رڳو هيترو ڪريو تہ اوهان جي هلت چلت مسيح جي خوشخبريءَ جي لائق ٿئي: پوءِ آئون اچي اوهان کي گڏجان يا نہ، تہ بہ اوهان جو احوال اهو ٻُڌان تہ اوهين هڪڙي ئي روح ۾ قائم آهيو، ۽ هڪدل ٿي خوشخبريءَ جي ايمان لاءِ جانفشاني ڪندا ٿا رهو.


هاڻي، اي ڀائرو، جيڪي بہ ڳالهيون سچيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون اشرافت جهڙيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون انصاف جهڙيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون پاڪ آهن، جيڪي بہ ڳالهيون وڻندڙ آهن، جيڪي بہ ڳالهيون چڱيون آهن؛ مطلب تہ جي ڪابہ نيڪي هجي، ۽ جي ڪابہ تعريف هجي، تہ انهن تي غور ڪندا رهجو.


تان تہ جيڪي ڪليسيا کان ٻاهر آهن تن کان عزت مليوَ ۽ ڪنهن جا بہ محتاج نہ ٿيو.


بادشاهن ۽ سڀني حاڪمن لاءِ بہ، تہ اسين نهايت دينداريءَ ۽ سنجيدگيءَ سان امن ۽ اطمينان جي حياتي گذاريون.


ڪوبہ ماڻهو تنهنجي جوانيءَ سببان تنهنجي حقارت نہ ڪري، پر تون ايمان وارن جي لاءِ، ڪلام ۽ هلت چلت ۾، محبت، ايمان ۽ پاڪيزگيءَ ۾ نمونو ٿيءُ.


جا چڱن ڪمن جي ڪري مشهور هجي؛ ٻارن کي پاليو هجيس، مسافرن جي مهمان نوازي ڪئي هجيس، پاڪ ٿيلن جا پير ڌوتا هجنس، ڏکويلن جي مدد ڪئي هجيس، سڀ ڪنهن چڱي ڪم ۾ سعيي سان لڳي هجي.


اسان جي لاءِ دعا گهُرو، ڇالاءِ جو اسان کي پڪ آهي تہ اسان جي نيت صاف آهي، ۽ سڀني ڳالهين ۾ ايمانداريءَ سان گذارڻ ٿا گهُرون.


پيسي جي پيار کان اوهين آزاد رهو؛ جيڪي اوهان وٽ آهي تنهن تي راضي رهو: ڇالاءِ جو هن پاڻ چيو آهي تہ ”آئون توکي ڪنهن بہ طرح ڇڏي ڪين ڏيندس، نڪي آئون ڪڏهن توکي وساريندس.“


اوهان ۾ ڏاهو ۽ سمجهُو ڪير آهي؟ انهي کي گهرجي تہ پنهنجا ڪم چڱيءَ هلت ۽ ڏاهپ جي حليمائيءَ سان ڏيکاري.


ڇالاءِ جو خدا جي اها ئي مرضي آهي تہ نيڪي ڪرڻ سان اوهين بيوَقوف ماڻهن جي نادانيءَ جي ڳالهين کي بند ڪريو.


۽ نيت بہ نيڪ رکو تہ جن ڳالهين جي نسبت ۾ اوهان جي گلا ٿي ٿئي، تن ۾ جيڪي اوهان جي مسيحي چڱي هلت چلت جي بدگوئي ٿا ڪن، سي شرمندا ٿين.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو منادي ڪري تہ اهو خدا جي ڪلام موجب ڪري؛ جيڪڏهن ڪو خدمت ڪري تہ اهڙي ڪري جهڙي خدا طاقت ڏني هجيس، انهي لاءِ تہ سڀني ڳالهين ۾ يسوع مسيح جي وسيلي خدا جو جلال ظاهر ٿئي، جنهن جي وڏائي ۽ بادشاهي هميشہ تائين قائم آهي. آمين.


جڏهن هي سڀ شيون هن طرح ڳري وڃڻيون آهن، تڏهن اوهان جي پاڪ هلت چلت ۽ دينداري ڪهڙي نہ قسم جي هئڻ گهرجي،


تڏهن هوءَ صبح تائين هن جي پيرن وٽ ليٽي پيئي: ۽ هو اهڙو سوير اُٿيو جو ماڻهو ماڻهوءَ کي سڃاڻي نہ سگهي، ڇالاءِ جو هن چيس تہ اها ڳالهہ ظاهر نہ ٿئي تہ ڪا زال ڳاهڻ واري پڙ تي آئي هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ