Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.پطرس 1:24 - Sindhi Bible

24 ڇالاءِ جو ”انسان گاهہ وانگر آهي. گاهہ سُڪي وڃي ٿو ۽ گل ڪِري ٿو پوي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

24 هن ڪري جو پوِتر شاستر چوي ٿو تہ ”هر انسان گاهہ مثل آهي، انهيءَ جو سمورو شان وَ شوڪت گاهہ جي گل وانگر آهي. گاهہ سڪي وڃي ٿو ۽ گل ڪري ٿو پوي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 هن ڪري جو پاڪ ڪلام چوي ٿو تہ ”هر انسان گاهہ مثل آهي، انهيءَ جو سمورو شان وَ شوڪت گاهہ جي گل وانگر آهي. گاهہ سڪي وڃي ٿو ۽ گل ڪري ٿو پوي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

24 جيئن پاڪ ڪلام چوي ٿو تہ ”سڀ انسان گاھہ وانگر آھن، ۽ انھن جو سمورو شان گاھہ جي گل وانگر آھي. گاھہ سڪي وڃي ٿو ۽ گل ڪري ٿو پوي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.پطرس 1:24
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري انهن جا رهاڪو ٿوريءَ طاقت وارا هئا، ۽ اُهي ڊڄي منجهي ويا؛ اُهي اهڙا هئا جهڙو ٻنيءَ جو گاهہ، جهڙي جهنگ جي ساوڪ، ۽ گهرن جي ڇتين تي گاهہ، جهڙو اُهو اَن، جو اُڀرڻ کان اڳي سڙي وڃي.


هو گل وانگر پيدا ٿئي ٿو ۽ وڍيو وڃي ٿو، ۽ پاڇي وانگر لنگهي وڃي ٿو ۽ بيهي نٿو.


منهنجي دل گاهہ وانگي ڪومائجي ۽ سڪي ويئي آهي؛ ۽ آءٌ پنهنجي ماني کائڻ بہ ڀلجيو وڃان.


انسان جي حياتي گاهہ جي مثل آهي؛ هو جهنگلي گل وانگي وڌي ٿو.


شل اهي انهيءَ گاهہ وانگي ٿين جو کڏ تي اُڀري ٿو، ۽ وڌڻ کان اڳي سڪيو وڃي:


ڇالاءِ جو اُهي گاهہ وانگي سگهو ئي وڍجي ويندا، ۽ سائي ٻوٽي وانگر ڪومائجي ويندا.


بيشڪ هرڪو ماڻهو اجائي ڏيک سان ٿو هلي: ۽ اجايو بي آرام ٿو ٿئي: هو مال گڏ ٿو ڪري ۽ خبر ڪانہ اٿس تہ اُهو ڪنهن کي ملندو.


تون انهن کي اُٿل جي پاڻيءَ وانگي وهائي ٿو ڇڏين؛ اهي ننڊ جي جهوٽي وانگر آهن: هو انهي گاهہ جهڙا آهن جو صبح جو اُڀري ٿو.


جڏهن بڇڙا ماڻهو گاهہ وانگي اُسرن ٿا، ۽ سڀ خطاڪار وڌن ويجهن ٿا؛ تڏهن اهو انهيءَ لاءِ ٿو ٿئي تہ اهي هميشہ جي لاءِ برباد ٿي وڃن.


آءٌ، هائو آءٌ، اهو آهيان جو اوهان کي تسلي ٿو ڏيان: تون ڪير آهين جو فاني انسان کان ۽ بني آدم کان ڊڄين ٿو، جو گاهہ وانگر ٿي ويندو؛


پر جيڪڏهن جهنگ جو گاهہ جو اڄ آهي ۽ سڀاڻي کڻي کوري ۾ اُڇلبو، تنهن کي خدا اهڙيءَ طرح ٿو پهرائي، تڏهن اي ڪم اعتقادو، اوهان کي هو اُنهن کان گهڻو وڌيڪ نہ پهرائيندو ڇا؟


پر اوهان کي ايتري بہ خبر ڪانهي تہ سڀاڻي ڇا ٿيندو. اوهان جي حياتي ڇا آهي؟ ڇالاءِ جو اوهين تہ ٻاڦ وانگر آهيو، جا ٿوري وقت تائين ڏسڻ ۾ اچي ٿي، ۽ پوءِ گم ٿيو وڃي.


۽ دنيا توڙي سندس خواهش ٻئي گذرنديون ٿيون وڃن، پر جيڪو خدا جي مرضيءَ تي ٿو هلي، سو هميشہ تائين قائم ٿو رهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ