Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.پطرس 1:21 - Sindhi Bible

21 هن جي وسيلي اوهان خدا تي ايمان آندو آهي، جنهن هن کي مُئلن مان جياريو ۽ جلال ڏنائينس؛ انهي لاءِ تہ اوهان جو ايمان ۽ آسرو خدا تي هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

21 مسيح جي ئي وسيلي اوهين ايشور تي وشواس رکو ٿا. هن کيس مئلن مان جيوت ڪري مهانتا بخشي، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جو وشواس ۽ آسرو ايشور تي ئي هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 مسيح جي ئي وسيلي اوهين خدا تي ايمان رکو ٿا. هن کيس مئلن مان جيئرو ڪري عظمت بخشي، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جو ايمان ۽ آسرو خدا تي ئي هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

21 اوھان مسيح جي ئي وسيلي خدا تي ايمان آندو آھي. ھن کي خدا مئلن مان جياري اٿاريو ۽ جلال بخشيائينس، انھيءَ لاءِ تہ اوھان جو ايمان ۽ آسرو خدا تي ھجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.پطرس 1:21
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي منهنجي جان تون ڇو ڍرڪي پيئي آهين؟ ۽ تون مون ۾ اهڙي بي آرام ڇو ٿي آهين؟ خدا ۾ اُميد رک: ڇو جو هن جي نجات بخش ديدار لاءِ آءٌ اڃا بہ سندس تعريف ڪندس.


برڪت وارو آهي اهو ماڻهو جو خداوند تي ڀروسو ٿو رکي، ۽ جنهن جي اميد آسرو خداوند آهي.


۽ يسوع وٽن اچي ساڻن ڳالهايو ۽ چيائين تہ آسمان ۽ زمين تي سڀ اختياري مون کي ڏني ويئي آهي.


۽ يسوع پڪاري چيو، تہ جيڪو مون تي ايمان ٿو آڻي، سو مون تي نہ، پر اُنهيءَ تي ايمان ٿو آڻي، جنهن مون کي موڪليو آهي.


پنهنجي دل ۾ پريشان نہ ٿيو، اوهين خدا تي ايمان ٿا رکو، مون تي بہ ايمان رکو.


يسوع چيس تہ واٽ ۽ سچ ۽ زندگي آئون آهيان: منهنجي وسيلي ڌاران ڪوبہ پيءُ وٽ نٿو اچي.


اهي ڳالهيون يسوع ڪيون، ۽ پنهنجيون اکيون آسمان ڏانهن کڻي چيائين، تہ اي بابا، اُها گهڙي آئي آهي؛ پنهنجي فرزند جو جلال ظاهر ڪر، تہ فرزند تنهنجو جلال ظاهر ڪري:


اي بابا، منهنجي مرضي آهي تہ جيڪي تو مون کي ڏنا آهن، سي پڻ جتي آئون آهيان، اُتي مون سان هجن؛ انهي لاءِ تہ جو جلال تو مون کي پنهنجي پيار سان دنيا جي شروع کان اڳي ڏنو آهي سو هو ڏسن.


هاڻي اي بابا، مون کي خود پاڻ سان اهو جلال ڏي، جو مون کي توسان دنيا جي پيدا ٿيڻ کان اڳي هو.


ڇالاءِ تہ جنهن کي خدا موڪليو آهي، سو خدا جون ڳالهيون ٿو ڪري: ڪيئن جو هو روح مَئي نٿو ڏئي.


پر اُنهيءَ کي خدا موت جي عذابن کان ڇڏائي اُٿاريو: ڇو جو ٿيڻي نہ هئي تہ هو موت جي قبضي ۾ رهي.


ابراهيم، ۽ اسحاق ۽ يعقوب جي خدا، اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا، پنهنجي بندي يسوع کي جلال بخشيو، جنهن کي اوهان جهلايو، ۽ جڏهن پلاطس هن کي ڇڏي ڏيڻ جو ارادو ڪيو، تڏهن سندس اڳيان انڪاري ٿيا.


۽ زندگيءَ جي مالڪ کي ماريوَ، جنهن کي خدا مُئلن مان جياريو. ۽ انهيءَ ڳالهہ جا اسين شاهد آهيون.


تہ اوهان سڀني کي، ۽ اسرائيل جي ساريءَ اُمت کي معلوم هجي، تہ يسوع مسيح ناصري، جنهن کي اوهان صليب تي چاڙهيو، ۽ جنهن کي خدا وري مُئلن مان جياريو، تنهن جي نالي تي، ۽ تنهن جي ڪري هي ماڻهو هتي اوهان جي اڳيان چڱو ڀلو ٿيو بيٺو آهي.


ڇالاءِ تہ جيڪڏهن تون پنهنجي وات سان يسوع کي خداوند ڪري قبوليندين، ۽ پنهنجي دل ۾ ايمان آڻيندين تہ خدا هن کي مُئلن مان جياريو، تہ توکي نجات ملندي:


پر اسان جي لاءِ بہ، جن جي واسطي ايمان راستبازي ليکبو، انهي لاءِ تہ اسان مٿس ايمان آندو آهي، جنهن اسان جي خداوند يسوع کي مُئلن مان جياريو،


مسيح جي بليعال سان ڪهڙي موافقت آهي؟ يا ايماندار شخص جي بي ايمان سان ڪهڙي ڀائيواري آهي؟


انهي لاءِ جيڪو اوهان جو ايمان يسوع مسيح تي آهي، ۽ جيڪا محبت اوهين سڀني پاڪ ٿيلن ڏانهن ظاهر ڪريو ٿا، تنهن بابت ٻُڌي،


جن تي خدا اهو ظاهر ڪرڻ گهُريو تہ غير قومن ۾ انهي راز جي جلال جي دولت ڪهڙي آهي، تہ مسيح جو جلال جي اُميد آهي سو اوهان ۾ رهي ٿو.


پولس، جو اسان جي نجات ڏيندڙ خدا ۽ اسان جي اُميد، مسيح يسوع جي حڪم موجب، مسيح يسوع جو رسول آهي،


بيشڪ دينداريءَ جو راز وڏو آهي، (اُهو هي آهي) تہ هو جسم ۾ ظاهر ٿيو ۽ روح ۾ راستباز ثابت ٿيو، ۽ ملائڪن کي ڏسڻ ۾ آيو، قومن ۾ سندس منادي ڪئي ويئي، دنيا ۾ مٿس ايمان آندائون، جلال ۾ مٿي کڄي ويو.


پر اسين يسوع کي ٿا ڏسون، جو خدا جي فضل سان هر ڪنهن ماڻهوءَ جي لاءِ موت جو سواد چکڻ جي واسطي، ملائڪن کان ٿورو گهٽ ڪيو ويو، ۽ موت جو عذاب سهڻ ڪري جلال ۽ عزت جو تاج پهرايو ويس.


تنهنڪري اچو تہ مسيح جي بابت ٻاراڻي تعليم ڇڏي ڪماليت ڏانهن وڌندا هلون، ۽ مُردار ڪمن کان توبهہ ڪرڻ ۽ خدا تي ايمان آڻڻ جو وري بنياد نہ وجهون؛


تنهنڪري جيڪي سندس وسيلي خدا کي ويجهو ٿا وڃن، تن کي هو پوري پوري طرح بچائي ٿو سگهي، ڇو جو هو سندن شفاعت لاءِ هميشہ جيئرو آهي.


۽ پڇا ڪيائون تہ ڪهڙي شخص يا زماني ڏانهن، مسيح جو روح جو منجهن هو، اشارو ٿو ڪري تہ مسيح ڏک سهندو ۽ پوءِ جلال حاصل ڪندو.


اسان جي خداوند يسوع مسيح جو خدا ۽ پيءُ مبارڪ هجي، جنهن پنهنجي بيحد رحم سان يسوع مسيح جي مُئلن مان جي اُٿڻ جي ڪري اسان کي زيادہ اُميد جي لاءِ وري نئين سر پيدا ڪيو؛


هو آسمان ۾ ويو ۽ وڃي خدا جي ساڄي پاسي ويٺو؛ ۽ ملائڪ ۽ اختيار وارا ۽ قدرتون انهي جي تابع ڪيون ويون آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ