Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.پطرس 1:1 - Sindhi Bible

1 يسوع مسيح جي رسول، پطرس جي طرفان انهن مسافرن ڏانهن جي پنطس، ۽ گلتيہ، ۽ ڪپدڪيا، ۽ آسيا، ۽ بٿنيہ ۾ پکڙيل آهن،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 هي خط مون پطرس جي طرفان آهي، جيڪو يسوع مسيح جو خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت آهيان. هي ايشور جي انهن چونڊيل ماڻهن ڏانهن ٿو لکجي، جيڪي پرديسين جي حيثيت ۾ پنطس، گلتيا، ڪپدُڪيا، آسيا ۽ بتونيا صوبن ۾ ٽڙيل پکڙيل آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 هي خط مون پطرس جي طرفان آهي، جيڪو عيسيٰ مسيح جو رسول آهيان. هي خدا جي انهن چونڊيل ماڻهن ڏانهن ٿو لکجي، جيڪي پرديسين جي حيثيت ۾ پنطس، گلتيا، ڪپدُڪيا، آسيا ۽ بتونيا صوبن ۾ ٽڙيل پکڙيل آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 ھي خط پطرس جي طرفان آھي، جيڪو عيسيٰ مسيح جو رسول آھي. ھي خدا جي انھن چونڊيل ماڻھن ڏانھن ٿو لکجي، جيڪي جلاوطن جي حيثيت ۾ پنطس، گلتيا، ڪپدڪيا، ايشيا ۽ بٿونيا پرڳڻن ۾ پکڙيل آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.پطرس 1:1
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هامان بادشاهہ اخسويرس کي چيو تہ هڪڙي قوم آهي، جا بادشاهت جي سڀني پرڳڻن ۾ ۽ ٻين قومن ۾، گڏيل ۽ پري پري پکڙيل آهي؛ ۽ انهن جا قاعدا ٻين سڀني قومن جي قاعدن کان علحدا آهن؛ هو بادشاهہ جي قاعدن تي نٿا هلن: تنهنڪري انهن کي ائين ڇڏي ڏيڻ مان بادشاهہ کي ڪوبہ فائدو ڪونهي.


تو اسان کي ڪاسائيءَ جي رڍن وانگي ڪيو آهي، ۽ قومن ۾ اسان کي دربدر ڪيو اٿيئي.


تنهن هوندي بہ آءٌ ڪجهہ باقي ڇڏيندس، جي اوهان مان ترار کان بچي نڪري قومن ۾ ويندا؛ ۽ انهي وقت اوهين ملڪن ۾ ڇڙوڇڙ ٿي ويندا.


۽ آءٌ اوهان کي غير قومن ۾ دربدر ڪندس، ۽ اوهان جي پٺيان ترار ڪڍندس: ۽ اوهان جو ملڪ ويران، ۽ اوهان جا شهر غير آباد ٿي ويندا.


هاڻي اُنهن ٻارهن رسولن جا نالا هي آهن: پهريون شمعون، جنهن کي پطرس ڪري سڏيندا آهن، ۽ سندس ڀاءُ اندرياس؛ زبديءَ جو پٽ يعقوب، ۽ سندس ڀاءُ يوحنا؛


۽ جيڪڏهن اُهي ڏينهن گهٽايا نہ وڃن ها تہ جيڪر ڪوبہ انسان نہ بچي ها، پر چونڊيلن جي خاطر اُهي ڏينهن گهٽايا ويندا.


۽ گليل جي سمنڊ جي ڪناري تان لنگهندي هن ٻہ ڀائر ڏٺا، هڪڙو شمعون، جنهن کي پطرس ٿا سڏين، ۽ ٻيو سندس ڀاءُ اندرياس؛ جن سمنڊ ۾ ڄار پئي وڌو؛ ڇالاءِ جو اُهي مهاڻا هئا.


پوءِ خدا جا چونڊيل، جي رات ڏينهن کيس پيا پڪارين، تن لاءِ هو دير ڪندو ڇا؟ بلڪ انهن جو انصاف ڪين ڪندو ڇا؟


۽ نہ فقط هن قوم لاءِ، پر انهي لاءِ، تہ خدا جا ٻار جي ڇڙوڇڙ ٿيل آهن، تن کي گڏي آڻي هڪ ڪري.


تڏهن يهودي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ هيءُ ڪيڏانهن وڃڻو آهي، جو اسين لهي ڪين سگهنداسونس؟ يونان منجهہ جي ڇڙوڇڙ ٿي ويا آهن، تن وٽ وڃي يونانين کي تعليم ڏيندو ڇا؟


اُتي هن کي اڪولہ نالي هڪڙو يهودي مليو، جنهن جو وطن پنطس هو، ۽ پنهنجي زال پرسڪلہ سان گڏ تازو اطاليہ مان آيو هو؛ ڇالاءِ جو ڪلوديس حڪم ڏنو هو تہ سڀ يهودي روم مان نڪري وڃن: ۽ هو انهن وٽ آيو.


ڪجهہ وقت اتي گذاري اُتان نڪتو، ۽ هڪ ٻئي پٺيان گلتيہ ۽ فروگيہ جي ملڪن مان لنگهندو سڀني شاگردن کي مضبوط ڪندو ويو.


۽ اهڙيءَ طرح ٻہ ورهيہ گذري ويا؛ انهي ڪري جيڪي آسيہ ۾ رهندا هئا، يهودي توڙي يوناني، تن سڀني خدا جو ڪلام ٻُڌو.


پر جو عبادتخانو لبرتينن جو سڏبو هو، تنهن مان، ۽ ڪرين، ۽ سڪندرين مان، ۽ جي ڪلڪيہ ۽ آسيا جا هئا، تن مان ڪي اُٿي کڙا ٿيا ۽ استيفنس سان بحث ڪرڻ لڳا.


تنهنڪري جيڪي هاڻي ٽڙي پکڙي ويا هئا، سي هر ڪنهن هنڌ ڪلام جي خوشخبري ڏيندا رهيا.


آسيہ جون جماعتون اوهان کي سلام ٿيون ڏين. اڪولہ ۽ پرسڪہ، ۽ جيڪا جماعت هنن جي گهر ۾ آهي، سي اوهان کي خداوند ۾ گهڻا گهڻا سلام ٿا ڏين.


اي ڀائرو، اسان جي مرضي نہ آهي تہ اوهين اسان جي انهيءَ مصيبت کان ناواقف رهو جا آسيہ ۾ اسان تي پيئي؛ جنهن ڪري اسين حد کان وڌيڪ، ۽ پنهنجي طاقت کان ٻاهر بار هيٺ اچي وياسين، ايتري قدر جو اسان پنهنجي حياتيءَ جي بہ اُميد لاهي ڇڏي.


۽ جيڪي ڀائر مون سان آهن تن سڀني جي طرفان، گلتيہ جي ڪليسيائن ڏانهن:


۽ انهي وقت اوهين مسيح کان ڌار ۽ اسرائيلي جماعت کان خارج هئا، ۽ واعدي جي عهدن کان غير واقف هئا، ۽ دنيا ۾ نااُميد ۽ خدا کان جدا هئا،


تنهنڪري اوهين ڌاريا ۽ پرديسي نہ رهيا پر پاڪ ٿيلن جا هم وطن ۽ خدا جي گهر جا ڀاتي آهيو،


۽ خداوند اوهان کي زمين جي هڪڙي ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين، سڀني قومن ۾ دربدر ڪندو، اتي تون ٻين معبودن جي عبادت ڪندين، جي ڪاٺ ۽ پهڻ جا هوندا، جن جي توکي يا تنهنجي ابن ڏاڏن کي خبر ڪانهي.


مون چيو تہ آءٌ انهن کي پري پري پکيڙي ڇڏيندس، آءٌ انهن جي يادگيري ماڻهن منجهان ڪڍي ڇڏيندس.


۽ خداوند اوهان کي قومن ۾ دربدر ڪندو، ۽ جن قومن ۾ خداوند اوهان کي وٺي ويندو، تن ۾ اوهان جو شمار گهڻو گهٽجي ويندو.


توکي اها خبر آهي تہ آسيہ جا سڀيئي ماڻهو مون کان ڦري ويا آهن؛ جن مان فوگلس ۽ هرموگنيس آهن.


اهي سڄي عمر ايمان تي قائم هئا، ۽ جيتوڻيڪ واعدي جون شيون نہ ملين، مگر پري کان انهن کي ڏسي انهن جي مرحبا ڪيائون، ۽ قبول ڪيائون تہ اسين زمين تي پرديسي ۽ مسافر آهيون.


خدا ۽ خداوند يسوع مسيح جي بندي يعقوب جي طرفان اُنهن ٻارهن قبيلن کي سلام رسن، جي جدا جدا ملڪن ۾ ٿا رهن.


اي پيارو، آئون اوهان کي پرديسي ۽ مسافر ڄاڻي عرض ٿو ڪريان تہ اُنهن جسماني خواهشن کان پري رهو، جي روح سان وڙهن ٿيون،


يسوع مسيح جي بندي ۽ رسول شمعون پطرس جي طرفان انهن ڏانهن، جن اسان جي خدا ۽ نجات ڏيندڙ يسوع مسيح جي راستبازيءَ ڪري اسان جهڙو قيمتي ايمان حاصل ڪيو آهي:


جنهن چيو تہ جيڪي تون ڏسين ٿو سو ڪتاب ۾ لک، ۽ اُهو ستن ئي ڪليسيائن ڏانهن ڏياري موڪل؛ يعني افسس ڏانهن، ۽ سمرنہ ڏانهن، ۽ پرگمن ڏانهن، ۽ ٿواتيرہ ڏانهن، ۽ سرديس ڏانهن، ۽ فلدلفيہ ڏانهن، ۽ لوديڪيہ ڏانهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ