Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 7:2 - Sindhi Bible

2 ڇالاءِ جو هن لبنان جي ٻيلي وارو گهر جوڙيو؛ اُنهيءَ جي ڊيگهہ هڪ سؤ هٿ، ويڪر پنجاهہ هٿ ۽ اوچائي ٽيهہ هٿ هئي، ۽ اُهو ديودار جي پيلپاون جي چئن قطارن تي بيٺل هو، ۽ پيلپاون جي مٿان ديودار جا شهتير رکيل هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2-3 هن لبنان جي ٻيلي واري ڪاٺ مان محل جو هال ٺهرايو جنهن جي ڊيگھہ ڇائيتاليهہ ميٽر، ويڪر ٽيويهہ ميٽر ۽ اوچائي ساڍا تيرهن ميٽر هئي. محل جو هال ديال ڪاٺ جي ٿنڀن جي چئن قطارن تي بيٺل هو ۽ ٿنڀن جي مٿان ديال جا پنجيتاليهہ شهتير رکيل هئا، هر هڪ قطار جي لوُئيِ ۾ پندرهن پندرهن شهتير هئا. هال جي ڇت ديال جي ڪاٺ مان ٺهيل هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 7:2
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن پلٽيل سون جون ٽي سؤ سپرون جوڙايون؛ هرهڪ سپر ۾ سون جو ڏيڍ سير لڳو: ۽ اُهي بادشاهہ لبنان جي ٻيلي واري گهر ۾ رکيون.


۽ بادشاهہ سليمان جي پيئڻ جا باسڻ سڀ سون جا هئا، ۽ لبنان جي ٻيلي واري گهر جا سڀ باسڻ بہ نج سون جا هئا: ڪي بہ چانديءَ جا نہ هئا؛ سليمان جي ڏينهن ۾ اُها ليکي ۾ ئي نہ هئي.


۽ جيڪي پنجيتاليهہ شهتير انهن پيلپاون تي رکيل هئا تن جي مٿان اُهو ديودار جي تختن سان ڍڪيل هو؛ پندرهن پندرهن هرهڪ قطار ۾ هئا.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن سليمان خدا جو گهر ۽ بادشاهہ جو گهر جوڙائي پورو ڪيو ۽ جيڪي سليمان ڪرڻ ٿي گهريو سو سندس مراد موجب پورو ٿيو،


۽ سڀ گدام جا شهر، جي سليمان جا هئا، ۽ پنهنجي رٿن، ۽ گهوڙي سوارن لاءِ شهر، ۽ ٻيو بہ جيڪي سليمان يروشلم ۾، ۽ لبنان ۾، ۽ پنهنجي بادشاهيءَ جي ساري ملڪ ۾ ٺاهڻ گهريو، سو بہ جوڙايائين.


۽ هن ٽي سؤ ڍالون ڪُٽيل سون جون جوڙايون؛ هرهڪ ڍال تي سون جا ٽي سؤ شيڪل لڳا: ۽ اُهي بادشاهہ لبنان جي ٻيلي واري گهر ۾ رکيون.


تنهنجي ڳچي عاج جي ٿنڀ جهڙي آهي؛ تنهنجون اکيون حشبون جي تلائن جهڙيون آهن، جي بيت ربيم جي در وٽ آهن؛ تنهنجو نڪ لبنان جي ٺلهہ وانگر آهي، جنهن جو رخ دمشق ڏي آهي.


۽ هو يهوداہ جو ڍڪ کڻي ويو؛ ۽ انهيءَ ڏينهن تو ٻيلي واري گهر ۾ سلاح خاني تي نگاهہ ڪئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ