Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 5:3 - Sindhi Bible

3 توکي خبر آهي تہ هر طرف جنگين هئڻ سبب منهنجو پيءُ دائود خداوند پنهنجي خدا جي نالي تي گهر جوڙائي نہ سگهيو، جيسين ڪ خداوند اُهي سندس پيرن جي ترين هيٺ ڪيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 ”تون ڄاڻين ٿو تہ منهنجي پيءُ دائود خداوند پنهنجي خدا جي عبادت لاءِ انهيءَ ڪري هيڪل جوڙائي نہ سگھيو جو آس‌پاس وارن علائقن ۾ ايستائين ساڻس جنگيون هلنديون رهيون، جيستائين خداوند انهيءَ جي دشمنن کي سندس پيرن هيٺ نہ ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 5:3
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ هوندي بہ تون اهو گهر نہ جوڙيندين: پر تنهنجو پٽ، جو تنهنجي پٺ مان پيدا ٿيندو سو منهنجي نالي تي گهر جوڙيندو.


پر خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو تہ تو گهڻو رت وهايو آهي، ۽ وڏيون جنگيون ڪيون اٿيئي: تون منهنجي نالي لاءِ گهر نہ جوڙيندين، ڇالاءِ جو تو منهنجي نظر ۾ زمين تي گهڻو رت وهايو آهي:


تڏهن دائود بادشاهہ پنهنجي پير اُٿي بيٺو، ۽ چيائين تہ، اي منهنجا ڀائرو، ۽ منهنجي قوم، منهنجي ٻڌو: منهنجي دل ۾ هو تہ خداوند جي عهدنامي جي صندوق لاءِ آرام گاهہ، ۽ پنهنجي خدا جي لاءِ پير رکڻ جي صندلي ٺاهيان؛ ۽ مون انهيءَ جي ٺاهڻ جي تياري بہ ڪئي هئي.


پر خداوند مون کي فرمايو تہ تون منهنجي نالي لاءِ گهر ڪين جوڙيندين، ڇالاءِ جو تون جنگي مرد آهين ۽ رت وهايو اٿيئي.


۽ هن جي دسترخاني جو طعام، ۽ هن جي نوڪرن جي ويهڻ جو دستور، ۽ هن جي خدمتگارن جي حاضر رهڻ جو دستور، ۽ انهن جي پوشاڪ، هن جا پيالي بردار ۽ انهن جي پوشاڪ، ۽ هن جي ڏاڪڻ جنهن سان خداوند جي گهر ۾ چڙهي ويندو هو، سا ڏٺائين؛ تڏهن سندس هوش حواس گم ٿي ويو.


تنهن کان سواءِ يهودي ۽ سردار، جي منهنجي دسترخاني تي کائيندا هئا، ڏيڍ سؤ ماڻهو هئا، ۽ انهن کانسواءِ آس پاس جيڪي غير قومون رهنديون هيون، تن مان بہ ڪي ماڻهو هوندا هئا.


هاڻي هڪڙو ڍڳو، ۽ ڇهہ چونڊيل رڍون هڪ ڏينهن لاءِ تيار ٿينديون هيون، ۽ ڪڪڙ بہ منهنجي لاءِ تيار ڪيا ويندا هئا، ۽ هر ڏهين ڏينهن سڀ ڪنهن قسم جي شراب جو انداز تيار ٿيندو هو: انهيءَ هوندي بہ مون حاڪم جي ماني نہ گهري، ڇالاءِ جو انهن ماڻهن تي اڳيئي ٻانهپ ڳري هئي.


خداوند منهنجي خداوند کي فرمايو تہ جيسين آءٌ تنهنجي دشمنن کي تنهنجي پيرن جي صندلي نہ ڪريان، تيسين منهنجي ساڄي پاسي ويٺو رهہ.


تو هن کي پنهنجي ڪاريگريءَ تي حڪومت بخشي آهي ۽ سڀ شيون سندس پيرن هيٺ ڪيون اٿيئي.


۽ اوهين شريرن کي لتاڙيندا؛ ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جنهن ڏينهن آءٌ اهو ڪندس، انهي ڏينهن هو اوهان جي پيرن جي ترين هيٺان خاڪ وانگر ٿيندا.


ڇالاءِ جو جيستائين هو پنهنجن سڀني دشمنن کي پنهنجي پيرن هيٺ نہ آڻيندو، تيستائين هو ضرور بادشاهي ڪندو.


۽ سڀ ڪجهہ هن جي پيرن هيٺ ڪري ڇڏيائين، ۽ کيس ڪل ڪليسيا جو سردار مقرر ڪيائين،


سانڀر، هرڻ، ڦاڙهو، جهنگلي ٻڪر، ۽ جابلو هرڻ، نيل گانءِ ۽ جهنگلي گهيٽو.


۽ هيئن ٿيو جو جڏهن هو انهن پنجن ئي بادشاهن کي ڪڍي يشوع وٽ وٺي آيا، تڏهن يشوع اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي سڏايو، ۽ جيڪي جنگي مرد ساڻس آيا هئا، تن جي سردارن کي چيائين، تہ اوهين ويجها اچو، ۽ پنهنجا پير هنن بادشاهن جي ڳچين تي رکو: ۽ هو ويجها آيا، ۽ پنهنجا پير هنن جي ڳچين تي رکيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ