1.بادشاهَہ 3:3 - Sindhi Bible3 ۽ سليمان خداوند سان محبت رکي پنهنجي پيءُ دائود جي قانونن تي هليو: رڳو مٿانهن هنڌن تي قربانيون ڪندو هو ۽ لوبان ساڙيندو هو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible3 سليمان پنهنجي پيءُ جي نصيحتن تي عمل ڪري خداوند سان محبت جو اظهار تہ ڪندو هو، پر مختلف هنڌن تي وڃي ساڙڻ لاءِ قربانيون پڻ پيش ڪندو هو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو حڪم آءٌ توکي ڏيان سو جيڪڏهن تون مڃيندين، ۽ منهنجن رستن تي هلندين، ۽ جيڪي منهنجي نظر ۾ برابر آهي سو ڪندين، ۽ منهنجن قاعدن، ۽ منهنجن حڪمن جي سنڀال ڪندين، جيئن منهنجو ٻانهو دائود ڪندو هو، تہ آءٌ توسان هوندس، ۽ تنهنجي لاءِ هڪڙو پڪو گهر جوڙيندس، جيئن دائود جي لاءِ جوڙيو هوم، ۽ اسرائيل تنهنجي حوالي ڪندس.
تنهنڪري هاڻي، اي خداوند، اسرائيل جا خدا، تو پنهنجي ٻانهي منهنجي پيءُ دائود سان جيڪو واعدو ڪيو آهي سو پورو ڪر: جو چيو اٿيئي تہ منهنجي نظر هيٺ تو وٽ اسرائيل جي تخت تي ويهڻ لاءِ ماڻهوءَ جي ڪمي نہ ٿيندي؛ بشرطيڪ تنهنجو اولاد پنهنجي رستي جي سنڀال ڪري منهنجي اڳيان اهڙيءَ طرح هلندو جهڙيءَ طرح تون منهنجي اڳيان هليو آهين.