Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 2:3 - Sindhi Bible

3 ۽ خداوند پنهنجي خدا جي حڪم جي سنڀال ڪج، ۽ انهيءَ جي رستن تي هلج، ۽ سندس قانونن، ۽ سندس حڪمن، ۽ سندس فيصلن، ۽ سندس شاهدين تي سنڀالي عمل ڪج، جيئن ڪ موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي، تہ پوءِ جيڪي بہ تون ڪرين تنهن ۾، ۽ جيڏانهن بہ تون مهاڙ ڪرين تيڏانهن ڪاميابي حاصل ڪرين:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 خداوند پنهنجي خدا جي حڪمن جو خيال ڪجانءِ. انهيءَ جي واٽ تي هلجانءِ. سندس حڪمن ۽ قاعدن قانونن تي عمل ڪجانءِ، جيڪي موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهن، انهيءَ لاءِ تہ جيئن جيڪي بہ تون ڪرين ۽ جيڏانهن بہ تون وڃين، ڪاميابي حاصل ڪرين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 2:3
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن عدوم ۾ پهري لاءِ لشڪر رکيا، بلڪ سڄي ادوم ۾؛ ۽ سڀ ادومي دائود جا ٻانها ٿيا. ۽ جيڏانهن دائود ٿي ويو، اوڏانهن خداوند هن کي فتح ٿي بخشي.


پوءِ دائود دمشق جي ارام ۾ سنڀال لاءِ لشڪر رکيو؛ ۽ ارامي دائود جا ٻانها ٿيا، ۽ نذرانا آندائون. ۽ جيڏي دائود ٿي ويو، اوڏي خداوند دائود کي فتح ٿي بخشي.


۽ سليمان خداوند سان محبت رکي پنهنجي پيءُ دائود جي قانونن تي هليو: رڳو مٿانهن هنڌن تي قربانيون ڪندو هو ۽ لوبان ساڙيندو هو.


۽ خداوند هن سان هو؛ جنهن پاسي هو ويندو هو انهيءَ پاسي هو فتحياب ٿيندو هو: ۽ هو اسور جي بادشاهہ کان باغي ٿيو ۽ هن جي تابعداري نہ ڪيائين.


۽ منهنجي پٽ سليمان کي اهڙي ڪامل دل عطا ڪر، تہ تنهنجي حڪمن، شاهدين، ۽ قانونن جي سنڀال ڪري، ۽ انهن تي عمل ڪري، ۽ انهيءَ محل کي ٺاهي، جنهن جي لاءِ مون تياري ڪئي آهي.


مون تنهنجين شاهدين کي هميشہ لاءِ پنهنجو ورثو ڪيو آهي؛ ڇو تہ اهي منهنجيءَ دل جي خوشي آهن.


تو راستبازيءَ سان ۽ پوري وفاداريءَ سان، پنهنجون شاهديون فرمايون آهن.


مبارڪ آهن اهي جي هن جون شاهديون ٿا مڃين، ۽ پوريءَ دل سان سندس ڳولا ٿا ڪن.


خداوند جي شريعت ڪامل آهي، جا جان کي تازگي ٿي ڏئي: ۽ خداوند جي شاهدي سچي آهي، جا نادان کي دانائي ٿي بخشي.


ڳالهہ جي پڇاڙي اها آهي: سڀ مقرر ٿي ويو آهي: خدا کان ڊڄ، ۽ انجا حڪم مڃ، ڇالاءِ جو انسان جو سمورو فرض اهو آهي.


۽ اوهين ستن ڏينهن تائين، جماعت واري تنبوءَ جي در تي رات ڏينهن ويٺا رهجو، ۽ خداوند جي حڪم جي تعميل ڪجو، تہ مري نہ پئو: ڇالاءِ جو مون کي اهڙو ئي حڪم مليو آهي.


اوهين منهنجي ٻانهي موسيٰ جي شريعت، يعني اُهي حڪم ۽ فيصلا جي مون هن کي حورب ۾ اسرائيل جي لاءِ ڏنا، تن کي ياد رکو.


۽ اسان انهن جو ملڪ ورتو، ۽ اهو بني روبن، ۽ بني جد، ۽ بني منسيءَ جي اڌ قبيلي کي ورثي طور ڏنوسين.


تنهنڪري اوهين هن عهد جي ڳالهين تي خبرداري سان عمل ڪريو، تہ اوهين جيڪي ڪريو، تنهن ۾ فتحياب ٿيو.


هاڻي اي اسرائيليو، جيڪي قانون ۽ فيصلا آءٌ اوهان کي سيکاريان ٿو، سي چڱيءَ طرح ٻڌي، انهن تي عمل ڪريو؛ تہ اوهين جيئرا رهو، ۽ جيڪو ملڪ خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جو خدا اوهان کي ڏئي ٿو، انهي ۾ وڃي مٿس قبضو ڪريو.


يعني هي اهي شهادتون، اهي قانون، ۽ اهي فيصلا آهن، جيڪي موسيٰ بني اسرائيل کي مصر مان نڪرڻ کان پوءِ،


ڏسو، جهڙيءَ طرح خداوند منهنجي خدا مون کي حڪم ڏنو هو، تهڙيءَ طرح مون اوهان کي قانون ۽ فيصلا سيکاري ڇڏيا آهن؛ انهي لاءِ تہ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تنهن ۾ انهن تي عمل ڪريو.


۽ اهڙي وڏي قوم ڪهڙي آهي، جنهن کي اهڙا سچا قانون، ۽ فيصلا مليا هجن، جهڙي هيءَ شريعت، جا اڄ مون اوهان کي ڏني آهي؟


پوءِ موسيٰ سڀني بني اسرائيلين کي سڏي کين چيو، تہ اي اسرائيليو، جيڪي قانون ۽ فيصلا آءٌ اڄ اوهان کي ٻڌايان ٿو، سي ٻڌو، انهي لاءِ تہ اوهين اهي سکو، ۽ انهن تي عمل ڪريو.


رڳو خبرداريءَ سان ڪوشش ڪري انهيءَ حڪم ۽ انهيءَ شريعت جي تعميل ڪجو، جنهن جو خداوند جي ٻانهي موسيٰ اوهان کي حڪم ڏنو هو ۽ خداوند پنهنجي خدا سان محبت رکجو، ۽ هن جي سڀني راهن تي هلندا رهجو، ۽ سندس حڪمن تي پورا رهجو، ۽ هن سان چهٽيل رهجو، ۽ پنهنجي ساريءَ دل ۽ ساري روح سان سندس عبادت ڪجو.


تنهنڪري جيڪي موسيٰ جي شريعت واري ڪتاب ۾ لکيل آهي، تنهن سڀ جي همت جهلي پيروي ۽ تعميل ڪجو، تہ اوهين انهيءَ کان سڄي يا کٻي پاسي نہ مُڙو؛


۽ دائود هميشہ ڏاهپ سان هلت ڪندو هو؛ ۽ خداوند ساڻس هو.


تڏهن فلستين جا امير نڪري ٻاهر آيا: ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ڪڏهن هو نڪري ايندا هئا، تڏهن دائود سائول جي ٻين سڀني نوڪرن کان وڌيڪ سياڻپ سان هلندو هو؛ جنهنڪري هن جو نالو معظم ٿي ويو.


۽ دائود کي جيڏانهن سائول موڪليندو هو اوڏانهن هو ويندو هو، ۽ ڏاڍي سياڻپ سان هلندو چلندو هو: ۽ سائول هن کي جنگي ماڻهن جي مٿان مقرر ڪيو، ۽ اها ڳالهہ سڀني ماڻهن جي نظر ۾، ۽ سائول جي نوڪرن جي نظر ۾ سٺي هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ