Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 2:2 - Sindhi Bible

2 آءٌ جهان وارو رستو وٺيو ٿو وڃان: تنهنڪري تون مضبوط ٿيءُ ۽ مڙس ماڻهو ٿي هل؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 ”منهنجا ڏينهن اچي پورا ٿيا آهن، سو تون مضبوط ۽ مڙس ماڻهو ٿيءُ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 2:2
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

چڱي همت جهل تہ پنهنجي قوم لاءِ، ۽ پنهنجي خدا جي شهرن لاءِ بهادري ڏيکاريون: پوءِ خداوند کي جيڪي وڻي سو ڪري.


پر هاڻي جڏهن هو مري ويو تڏهن آءٌ ڇو روزو رکان؟ آءٌ ڪو هن کي موٽائي آڻي سگهندس ڇا؟ آءٌ هن وٽ وڃي سگهندس، پر هو مون وٽ موٽي اچي نہ سگهندو.


۽ هاڻي، اي خداوند منهنجا خدا، تو پنهنجي ٻانهي کي، منهنجي پيءُ دائود جي جاءِ تي بادشاهہ ڪيو آهي: ۽ آءٌ رڳو هڪڙو ننڍڙو ٻار آهيان؛ مون کي اها خبر نہ آهي تہ ڪيئن ٻاهر وڃان يا اندر اچان.


جي تون انهن قانونن ۽ فيصلن جي سنڀال ڪندين جن سان خداوند موسيٰ جي معرفت اسرائيل جي هدايت ڪئي، تہ تون ڪامياب ٿيندين: مضبوط ٿيءُ ۽ چڱي همت جهل، ڊڄ نہ، نڪي هراس ۾ پئُہ.


سون، ۽ چانديءَ، ۽ پتل، ۽ لوهہ جو ڪوبہ شمار ڪونهي؛ تنهنڪري اُٿي ڪم ڪر، ۽ خداوند تو ساڻ هجي.


سو خبردار؛ ڇالاءِ جو خداوند توکي چونڊيو آهي، تہ هڪڙو گهر ۽ پاڪ مڪان ٺاهين: تنهنڪري همت جهل ۽ ائين ڪر.


۽ دائود پنهنجي پٽ سليمان کي چيو، تہ همت جهل ۽ حوصلي سان اهو ڪم ڪر: ڊڄ نہ، نڪي بي دل ٿيءُ: ڇالاءِ تہ خداوند خدا، يعني منهنجو خدا، تو ساڻ آهي؛ ۽ هو توکي نہ وساري ڇڏيندو نڪي توکي ڇڏي ڏيندو، جيستائين ڪ خداوند جي گهر جي خدمت جو سڄو ڪم پورو ٿئي.


ڇالاءِ جو جڏهن ٿورا سال گذري ويندا تڏهن آءٌ انهيءَ راهہ تي ويندس جتان موٽڻ جو نہ آهيان.


ڇالاءِ جو آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون نيٺ مون کي ماريندين، ۽ جيڪو گهر سڀني جيئرن جي لاءِ ٺهرايل آهي اتي آڻيندين.


اهو ڪهڙو ماڻهو اهي جو پيو جيئندو ۽ موت کي ڪين ڏسندو، ڪير پنهنجيءَ جان کي قبر کان بچائيندو؟


ڳالهہ جي پڇاڙي اها آهي: سڀ مقرر ٿي ويو آهي: خدا کان ڊڄ، ۽ انجا حڪم مڃ، ڇالاءِ جو انسان جو سمورو فرض اهو آهي.


اوهين سجاڳ رهو، ايمان تي ثابت قدم رهو، مردانا ٿيو ۽ مضبوط ٿيو.


پڇاڙيءَ ۾ آئون چوان ٿو تہ، خداوند ۾ ۽ سندس قدرت جي ڪري زور وارا ٿيو.


۽ هن نون جي پٽ يشوع کي نصيحت ڪئي، ۽ چيائينس تہ زور ڀريو ۽ همت وارو ٿي؛ ڇالاءِ جو تون بني اسرائيل کي انهي ملڪ ۾ آڻيندين جنهن بابت مون ساڻن قسم کنيو هو: ۽ آءٌ توسان هوندس.


ڪوبہ ماڻهو تنهنجي جوانيءَ سببان تنهنجي حقارت نہ ڪري، پر تون ايمان وارن جي لاءِ، ڪلام ۽ هلت چلت ۾، محبت، ايمان ۽ پاڪيزگيءَ ۾ نمونو ٿيءُ.


تنهنڪري اي منهنجا فرزند، جيڪو فضل مسيح يسوع ۾ آهي، تنهن ۾ تون زور وارو ٿيءُ.


۽ جهڙيءَ طرح ماڻهن لاءِ هڪڙي ئي ڀيري مرڻ ۽ انهي کانپوءِ عدالت جو هئڻ مقرر ڪيل آهي؛


۽ ڏسو، اڄ آءٌ انهيءَ پاسي ٿو وڃان جنهن پاسي سارو جهان وڃڻو آهي: ۽ اوهين سڀ پنهنجين دلين ۽ روح ۾ ڄاڻو ٿا، تہ جيڪي چڱيون ڳالهيون خداوند اوهان جي خدا اوهان جي نسبت ۾ ڪيون، تن مان هڪڙي ڳالهہ بہ نہ گُٿي آهي؛ سڀ اوهان جي لاءِ پوريون ٿيون آهن، ۽ هڪڙي ڳالهہ بہ انهن مان گهٽ نہ ٿي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ