Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.يوحنا 5:9 - Sindhi Bible

9 جيڪڏهن اسين ماڻهن جي شاهدي قبول ٿا ڪريون، تہ خدا جي شاهدي انهي کان وڌيڪ آهي: ڇالاءِ جو خدا جي شاهدي هيءَ آهي، جا هن پنهنجي فرزند جي حق ۾ ڏني آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 جيئن تہ اسين ماڻهن جي شاهدي قبول ڪريون ٿا، تہ پوءِ ايشور جي شاهدي تہ انهيءَ کان گھڻو وڌيڪ آهي ۽ ايشور جي اها اهم شاهدي سندس پٽ جي حق ۾ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 جيئن تہ اسين ماڻهن جي شاهدي قبول ڪريون ٿا، تہ پوءِ خدا جي شاهدي تہ انهيءَ کان گھڻو وڌيڪ آهي ۽ خدا جي اها اهم شاهدي سندس فرزند جي حق ۾ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 اسين ماڻھن جي شاھدي قبول ڪريون ٿا. پر خدا جي شاھدي تہ انھيءَ کان وڌيڪ آھي، ڇالاءِ⁠جو اھا خدا جي شاھدي آھي، جيڪا ھن پنھنجي فرزند جي حق ۾ ڏني آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.يوحنا 5:9
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن اڃا ڳالهايو ئي پئي، تہ ڏسو، هڪڙي چمڪندڙ ڪڪر اچي مٿن ڇانوَ ڪئي: ۽ انهي ڪڪر مان آواز آيو، تہ هي منهنجو پيارو پٽ آهي، جنهن مان آئون گهڻو خوش آهيان، اوهين هن جي ٻڌو.


پر جي آئون اُهي ڪريان ٿو تہ جيتوڻيڪ اوهين مون تي ايمان نٿا آڻيو، تہ منهنجي ڪمن تي ايمان آڻيو: تہ اوهان کي خبر پوي ۽ سمجهو تہ پيءُ مون ۾ آهي ۽ آئون پيءُ ۾.


اوهين پاڪ لکيتون ڳوليو ڦوليو ٿا، ڇالاءِ جو ڀانئيو ٿا تہ انهن ۾ اسان لاءِ هميشہ جي زندگي آهي، ۽ اهي ئي آهن جي منهنجي بابت شاهدي ٿيون ڀرين؛


ڇالاءِ جو هن هڪڙو ڏينهن ٺهرائي ڇڏيو آهي جنهن ۾ هو جهان جي عدالت راستيءَ سان، انهي ماڻهوءَ جي وسيلي ڪندو، جنهن کي هن اڳيئي مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ۽ کيس مُئلن مان جياري سڀني ماڻهن کي انهي جي ثابتي ڏني اٿس.


اسين انهيءَ ڳالهہ جا شاهد آهيون؛ ۽ پاڪ روح بہ، جو خدا انهن کي ڏنو آهي جي سندس حڪم ٿا مڃين.


خدا بہ انهن سان گڏ پنهنجي مرضيءَ موافق، نشانين ۽ عجيب ڪمن ۽ طرح طرح جي قدرتن، ۽ پاڪ روح جي نعمتن جي وسيلي، انهن جي شاهدي ڏيندو رهيو.


تان تہ (واعدو ۽ قسم) ٻہ بي تبديل ڳالهيون، جن جي نسبت ۾ خدا جو ڪوڙو ٿيڻ ناممڪن آهي، تن جي وسيلي اسان کي پڪيءَ طرح خاطري ٿئي، تہ جيڪا اُميد اسان جي اڳيان رکيل آهي، تنهن کي هٿ ڪرڻ لاءِ پناهہ وٺڻ واسطي ڊوڙي آيا آهيون.


جيڪو خدا جي فرزند تي ايمان ٿو آڻي، تنهن ۾ شاهدي موجود آهي: جيڪو خدا تي ايمان نٿو آڻي تنهن هن کي ڪوڙو ڪيو آهي؛ ڇالاءِ تہ جيڪا شاهدي خدا پنهنجي فرزند جي حق ۾ ڏني آهي، تنهن تي ايمان نہ آندو اٿس.


ڇالاءِ جو شاهدي ڏيڻ وارا ٽي آهن: روح، پاڻي ۽ رت: ۽ اهي ٽيئي هڪڙي ئي ڳالهہ ٿا ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ