Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.يوحنا 5:7 - Sindhi Bible

7 ۽ جيڪو شاهدي ٿو ڏئي، سو روح آهي، ڇوتہ روح حق آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 بلڪ شاهدي ڏيڻ وارا تہ ٽي آهن،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 بلڪ شاهدي ڏيڻ وارا تہ ٽي آهن،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 اھو شاھدي ڏيڻ وارو پاڪ روح آھي، ڇالاءِ⁠جو پاڪ روح حق آھي. بلڪ شاھدي ڏيڻ وارا تہ ٽي آھن:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.يوحنا 5:7
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند جي ڪلام سان آسمان جڙيا؛ ۽ انهن جي ساري خلقت سندس وات جي وائيءَ سان پيدا ٿي.


خداوند خدا جو روح مون تي آهي؛ ڇالاءِ جو خداوند مون کي مسح ڪيو آهي تہ مسڪينن کي خوشخبري ٻڌايان؛ هن مون کي موڪليو آهي تہ دل شڪستن جي دلجوئي ڪريان، قيدين کي آزاديءَ جي، ۽ جيڪي بند ۾ آهن تن جي بند کولڻ جي پڌرائي ڪريان.


هن اڃا ڳالهايو ئي پئي، تہ ڏسو، هڪڙي چمڪندڙ ڪڪر اچي مٿن ڇانوَ ڪئي: ۽ انهي ڪڪر مان آواز آيو، تہ هي منهنجو پيارو پٽ آهي، جنهن مان آئون گهڻو خوش آهيان، اوهين هن جي ٻڌو.


پر جي هو تنهنجي ڳالهہ نہ ٻڌي، تہ هڪڙو يا ٻہ ڄڻا پاڻ سان وٺي وڃ، تہ سموري ڳالهہ ٻن يا ٽن شاهدن جي واتان ثابت ٿئي.


تنهنڪري اوهين وڃي پيءُ، پٽ ۽ پاڪ روح جي نالي بپتسما ڏيئي سڀني قومن کي شاگرد ڪريو:


شروعات ۾ ڪلام هو، ۽ ڪلام خدا سان هو، ۽ ڪلام خدا هو.


اي بابا، پنهنجي نالي کي جلال ڏي. تنهن تي آسمان مان آواز آيو تہ مون جلال ڏنو اٿس، ۽ وري بہ ڏيندوسانس.


يعني سچ جو روح: جنهن کي دنيا حاصل ڪري نٿي سگهي؛ ڇالاءِ جو هوءَ نہ هن کي ڏسي ٿي، نہ سڃاڻي ٿي: اوهين هن کي سڃاڻو ٿا، ڇالاءِ جو هو اوهان سان رهي ٿو، ۽ اوهان ۾ هوندو.


پر جڏهن اُهو مددگار ايندو، جنهن کي آئون پيءُ وٽان اوهان وٽ موڪليندس، يعني سچ جو روح، جو پيءُ مان ٿو نڪري، تڏهن اُهو منهنجي بابت شاهدي ڀريندو:


ڇالاءِ تہ جيئن پيءُ کي خود پاڻ ۾ زندگي آهي، تيئن هن پٽ کي بہ بخشيو آهي تہ منجهس زندگي هجي:


هڪڙو آئون آهيان، جو پاڻ پنهنجي شاهدي ٿو ڀريان، ۽ ٻيو پيءُ، جنهن مون کي موڪليو آهي، سو منهنجي بابت شاهدي ٿو ڏئي.


يسوع جواب ڏنو، تہ جيڪڏهن آئون پنهنجي وڏائي ڪريان، تہ منهنجي وڏائي ڪي ڪينهي: منهنجو پيءُ پاڻ منهنجي وڏائي ڪرڻ وارو آهي؛ جنهن جي نالي چئو ٿا تہ هو اسان جو خدا آهي؛


هن کي خدا پنهنجي ساڄي هٿ تي سرفراز ڪيو، ۽ جيئن پيءُ اڳيئي واعدو ڪيو هوس، تيئن کيس پاڪ روح مليو، جو هن نازل ڪيو آهي، تنهنڪري هي اوهين ڏسو ۽ ٻُڌو ٿا.


اسين انهيءَ ڳالهہ جا شاهد آهيون؛ ۽ پاڪ روح بہ، جو خدا انهن کي ڏنو آهي جي سندس حڪم ٿا مڃين.


خداوند يسوع مسيح جو فضل ۽ خدا جي محبت ۽ پاڪ روح جي شراڪت اوهان سڀني سان هجي.


اي اسرائيل، ٻڌ: خداوند اسان جو خدا هڪڙو ئي خداوند آهي:


زندگيءَ جو ڪلام، جو شروعات کان وٺي هو، جو اسان ٻُڌو، ۽ پنهنجين اکين سان ڏٺو، ۽ جو اسان غور سان ڏٺو ۽ هٿن سان ڇهيو، تنهن بابت


هي اهو ئي آهي جو پاڻيءَ ۽ رت سان آيو، يعني يسوع مسيح. نہ رڳو پاڻيءَ سان، پر پاڻي ۽ رت ٻنهي سان.


ڇالاءِ جو شاهدي ڏيڻ وارا ٽي آهن: روح، پاڻي ۽ رت: ۽ اهي ٽيئي هڪڙي ئي ڳالهہ ٿا ڪن.


۽ هن جا ڪپڙا رت سان ڀريل آهن، ۽ هن جو نالو ”خدا جو ڪلام“ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ