Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.يوحنا 4:4 - Sindhi Bible

4 اي منهنجا ننڍڙا ٻارو، اوهين خدا جا آهيو، ۽ اُنهن تي غالب پيا آهيو؛ ڇالاءِ جو جيڪو اوهان ۾ آهي سو اُنهي کان وڏو آهي جو دنيا ۾ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 پيارا ٻارؤ! اوهين ايشور جا آهيو ۽ انهن تي سوڀارا ٿيا آهيو جيڪي سنديش ڏيندڙ سنت سڏائين ٿا، ڇاڪاڻ تہ جيڪو اوهان ۾ آهي سو انهيءَ کان وڌيڪ طاقتور آهي جيڪو سنسار ۾ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 پيارا ٻارؤ! اوهين خدا جا آهيو ۽ انهن تي فتحياب ٿيا آهيو جيڪي نبي سڏائين ٿا، ڇاڪاڻ تہ جيڪو اوهان ۾ آهي سو انهيءَ کان وڌيڪ طاقتور آهي جيڪو دنيا ۾ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 پيارا ٻارؤ! اوھين خدا جا آھيو ۽ انھن نبي سڏائيندڙن تي فتحياب ٿيا آھيو، ڇالاءِ⁠جو جيڪو اوھان ۾ آھي سو انھيءَ کان وڌيڪ طاقتور آھي جيڪو دنيا ۾ آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.يوحنا 4:4
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي هن دنيا جي عدالت ٿيندي: هاڻي هن دنيا جي سردار کي لوڌي ڪڍندا.


هن کانپوءِ آئون اوهان سان گهڻيون ڳالهيون ڪين ڪندس، ڇالاءِ جو هن دنيا جو سردار اچي ٿو: جنهن جو مون سان ڪو واسطو ڪونهي؛


عدالت نسبت جو هن دنيا جي سردار جي عدالت ٿي چڪي آهي.


آئون هنن ۾ ۽ تون مون ۾، تہ اهي پوريءَ طرح سان هڪ ٿي ڪماليت کي پهچن؛ انهي لاءِ تہ دنيا کي خبر پوي تہ تو مون کي موڪليو آهي، ۽ انهن کي پيار ڪيو اٿيئي، جيئن تو مون کي پيار ڪيو آهي.


تڏهن هنن ڳالهين بابت اسين ڇا چئون؟ جيڪڏهن خدا اسان سان آهي تہ ڪير اسان جي برخلاف آهي؟


بلڪ جنهن اسان کي پيار ڪيو، تنهن جي وسيلي اسين فتح کان وڌيڪ ٿا حاصل ڪريون.


۽ اسان کي دنيا جو روح نہ، پر اهو روح مليو جو خدا جي طرفان آهي، انهي لاءِ تہ اسين خدا جي نعمتن کي سمجهي سگهون.


کاڌو پيٽ لاءِ آهي ۽ پيٽ کاڌي لاءِ، پر خدا ٻنهي کي چٽ ڪري ڇڏيندو. بدن زناڪاريءَ جي لاءِ ڪينهي پر خداوند جي لاءِ آهي، ۽ خداوند بدن جي لاءِ آهي.


ڇالاءِ جو هن دنيا جي سردار بي ايمانن جي دلين کي انڌو ڪري ڇڏيو آهي؛ انهي لاءِ تہ مسيح، جو خدا جي صورت آهي، تنهن جي جلال جي خوشخبريءَ جي روشني انهن تي نہ پوي.


۽ خدا جي هيڪل جو بُتن سان ڪهڙو لاڳاپو آهي؟ ڇالاءِ جو اسين جيئري خدا جي هيڪل آهيون، جهڙيءَ طرح ڪ خدا فرمايو آهي تہ ”آئون انهن ۾ رهندس، ۽ انهن ۾ هلندس چلندس، آئون انهن جو خدا ٿيندس ۽ اهي منهنجي اُمت ٿيندا.


جن گناهن ۾ اوهين اڳي هن دنيا جي دستور موجب هلندا هئا، ۽ فضا ۾ اختيار هلائڻ واري حاڪم جي، يعني انهي روح جي پيروي ڪندا هئا، جو هاڻي نافرمانيءَ جي فرزندن ۾ اثر پيدا ٿو ڪري؛


۽ ايمان جي وسيلي مسيح اوهانجي دلين ۾ گهر ڪري؛ تہ اوهين محبت ۾ پاڙ هڻي ۽ پيڙهہ ڄمائي،


پڇاڙيءَ ۾ آئون چوان ٿو تہ، خداوند ۾ ۽ سندس قدرت جي ڪري زور وارا ٿيو.


اي منهنجا ننڍڙا ٻارو، اهي ڳالهيون آئون اوهان ڏانهن انهي لاءِ ٿو لکان تہ اوهين گناهہ نہ ڪريو. ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو کڻي گناهہ ڪري تہ پيءُ وٽ اسان جو هڪڙو مددگار موجود آهي، يعني يسوع مسيح راستباز:


اي بزرگو، آئون اوهان ڏانهن هن ڪري ٿو لکان جو جيڪو شروعات کان وٺي آهي تنهن کي اوهين سڃاڻو ٿا. اي جوانو، آئون اوهان ڏانهن هن ڪري ٿو لکان، جو اوهين انهي شرير تي غالب پيا آهيو. اي ننڍڙا ٻارو، مون اوهان ڏانهن هن ڪري لکيو آهي، جو اوهين پيءُ کي سڃاڻو ٿا.


خاص ڪري انهن ڳالهين ۾ جن ۾ اسان جي دل اسان کي ڏوهہ ٿي ڏئي. ڇالاءِ جو خدا اسان جي دل کان وڏو آهي، ۽ سڀني ڳالهين جي خبر اٿس.


۽ جيڪو هن جي حڪم تي عمل ٿو ڪري، سو هن ۾ قائم ٿو رهي ۽ هو انهي ۾. ۽ انهي مان اسين ڄاڻون ٿا تہ هو اسان ۾ رهي ٿو، يعني انهي روح مان جو هن اسان کي ڏنو.


انهيءَ طرح اسين ڄاڻون ٿا تہ اسين هن ۾ رهون ٿا، ۽ هو اسان ۾ ٿو رهي، ڇالاءِ جو هن پنهنجي روح مان اسان کي ڏنو آهي.


۽ خدا جو پيار جو اسان ۾ آهي سو اسين ڄاڻون ٿا، ۽ انهي جو اسان کي پورو يقين ٿيو آهي تہ خدا پيار آهي ۽ جيڪو پيار ۾ ٿو رهي سو خدا ۾ ٿو رهي، ۽ خدا انهي ۾ ٿو رهي.


اسين خدا جا آهيون؛ جيڪو خدا کي سڃاڻي ٿو سو اسان جي ٻُڌي ٿو؛ جيڪو خدا جو ناهي سو اسان جي نٿو ٻُڌي. انهي مان اسين حق جي روح کي ۽ گمراهيءَ جي روح کي سڃاڻي ٿا وٺون.


اسين ڄاڻون ٿا تہ اسين خدا جا آهيون، پر سارو جهان انهي بڇڙي جي قبضي ۾ آهي.


ڇالاءِ جو جيڪو خدا مان پيدا ٿيو آهي، سو دنيا تي غالب ٿو پوي؛ ۽ اهو غلبو جنهن دنيا کي فتح ڪيو آهي، سو اسان جو ايمان آهي.


۽ هو گهيٽي جي رت جي وسيلي ۽ پنهنجي شاهديءَ جي ڪلام ڪري مٿس غالب پيا، ڇالاءِ جو هنن موت تائين پنهنجو ساهہ پيارو نہ سمجهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ