Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.يوحنا 4:21 - Sindhi Bible

21 ۽ هن کان اسان کي هي حڪم مليو آهي تہ جيڪو خدا کي پيار ٿو ڪري، سو پنهنجي ڀاءُ کي بہ پيار ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

21 جڏهن تہ مسيح جي طرفان اسان کي اهو حڪم مليو آهي تہ جيڪو ايشور سان پيار ٿو ڪري، سو پنهنجي هم‌وشواسي ڀاءُ ڀيڻ سان بہ پيار ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 جڏهن تہ مسيح جي طرفان اسان کي اهو حڪم مليو آهي تہ جيڪو خدا سان پيار ٿو ڪري، سو پنهنجي هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ سان بہ پيار ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

21 جڏھن تہ مسيح جو اھو حڪم آھي تہ جيڪو خدا سان پيار ٿو ڪري تنھن کي پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ سان بہ پيار ڪرڻ گھرجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.يوحنا 4:21
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون پنهنجيءَ قوم جي ماڻهن کان وير نہ وٺج، نڪي انهن سان ڪينو رکج، پر پنهنجي پاڙيسريءَ کي پاڻ جهڙو پيار ڪج: آءٌ خداوند آهيان.


اوهان ٻڌو آهي تہ چيو ويو هو تہ تون پنهنجي پاڙيسريءَ کي پيار ڪر، ۽ پنهنجي دشمن سان عداوت رک:


تنهن تي هن چيو تہ جنهن کي مٿس ڪهل آئي. يسوع چيس تہ تون بہ وڃي ائين ئي ڪر.


منهنجو حڪم هيءُ آهي، تہ اوهين هڪ ٻئي کي پيار ڪريو، جيئن مون اوهان کي پيار ڪيو آهي.


هن ڪري جو ساري شريعت هڪڙي ئي ڳالهہ ۾ پوري ٿي ٿئي؛ يعني هن ۾ تہ ”تون پنهنجي پاڙيسريءَ کي پاڻ جهڙو پيار ڪر.“


ڇالاءِ جو مسيح يسوع ۾ نڪي مختوني ڪنهن ڪم جي آهي، نڪي نامختوني؛ پر ايمان، جو محبت جي وسيلي اثر ٿو ڪري.


پر ڀائرن جي محبت بابت اوهان ڏانهن ڪجهہ لکڻ جي ضرورت ڪانهي، ڇالاءِ جو اوهان کي هڪٻئي کي پيار ڪرڻ جي تعليم خدا کان ملي آهي؛


آخر ۾ اوهين سڀيئي يڪدل ۽ همدرد ٿيو، ڀائرن وانگر هڪٻئي کي پيار ڪريو ۽ نرم دل ۽ نماڻي طبيعت وارا ٿيو؛


سڀني ڳالهين کان وڌيڪ هڪٻئي سان گهڻي محبت رکو؛ ڇالاءِ جو محبت گهڻا ئي گناهہ ڍڪيو ڇڏي.


اي پيارو، آئون اوهان ڏانهن ڪو نئون حڪم نٿو لکان، پر اهو ئي اڳيون حڪم جو شروعات کان وٺي اوهان کي مليو هو: اڳيون حڪم اهو ئي ڪلام آهي جو اوهان شروع کان ٻُڌو.


ڇالاءِ جو هي اهوئي پيغام آهي جو شروعات کان وٺي اوهان ٻُڌو، تہ اوهان کي گهرجي تہ هڪٻئي کي پيار ڪريو،


اسين ڄاڻون ٿا تہ موت مان نڪري زندگيءَ ۾ آيا آهيون، ڇالاءِ جو اسين ڀائرن کي پيار ٿا ڪريون. جيڪو پيار نٿو ڪري سو موت ۾ ٿو رهي.


اي منهنجا ننڍڙا ٻارو، اسان کي رڳو ڳالهين ۽ زبان جو نہ، پر عملي ۽ سچائيءَ جو پيار ڪرڻ کپي.


۽ هن جو حڪم هي آهي تہ اسين سندس فرزند يسوع مسيح جي نالي تي ايمان آڻيون، ۽ هڪٻئي کي پيار ڪريون، جيئن تہ هن اسان کي حڪم ڏنو.


اي پيارو، جڏهن خدا اسان کي اهڙو پيار ڪيو، تہ اسان کي بہ گهرجي تہ هڪٻئي کي پيار ڪريون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ