Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.يوحنا 4:2 - Sindhi Bible

2 خدا جي روح کي اوهين هن طرح سڃاڻندا؛ جيڪو روح قبول ڪري تہ يسوع مسيح مجسم ٿيو آهي، سو خدا جي طرفان آهي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 ايشور جي آتما کي اوهين هن طرح سڃاڻي سگھو ٿا تہ جيڪو ماڻهو قبول ڪري ٿو تہ يسوع مسيح شرير ۾ آيو، تنهن ۾ ايشور جي آتما آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 خدا جي روح کي اوهين هن طرح سڃاڻي سگھو ٿا تہ جيڪو ماڻهو قبول ڪري ٿو تہ عيسيٰ مسيح جسم ۾ آيو، تنهن ۾ خدا جو روح آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 خدا جي روح کي اوھين ھن طرح سڃاڻي سگھو ٿا تہ جيڪو روح قبول ڪري ٿو تہ عيسيٰ مسيح انساني صورت ۾ آيو، سو خدا جي طرفان آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.يوحنا 4:2
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ڪلام مجسم ٿيو، ۽ فضل ۽ سچائيءَ سان ڀرپور ٿي اسان وٽ اچي رهيو؛ (۽ اسان سندس اهڙو جلال ڏٺو، جهڙو پيءُ جي هڪڙي ئي جو جلال).


تنهنڪري آئون اوهان کي چتايان ٿو تہ جيڪو خدا جي روح جي هدايت سان ٿو ڳالهائي، سو ائين نٿو چوي تہ يسوع لعنتي آهي، نہ وري ڪو ماڻهو پاڪ روح کان سواءِ چئي سگهي ٿو تہ يسوع خداوند آهي.


بيشڪ دينداريءَ جو راز وڏو آهي، (اُهو هي آهي) تہ هو جسم ۾ ظاهر ٿيو ۽ روح ۾ راستباز ثابت ٿيو، ۽ ملائڪن کي ڏسڻ ۾ آيو، قومن ۾ سندس منادي ڪئي ويئي، دنيا ۾ مٿس ايمان آندائون، جلال ۾ مٿي کڄي ويو.


(۽ اها زندگي ظاهر ٿي، ۽ اسان ڏٺي آهي ۽ انهي جي شاهدي ٿا ڀريون، ۽ اُنهيءَ زندگيءَ، يعني هميشہ واري زندگيءَ جي خبر ٿا ڏيون، جا پيءُ سان هئي ۽ جا اسان تي ظاهر ٿي؛)


جيڪو پٽ کي نٿو مڃي، تنهن وٽ پيءُ نہ آهي: جيڪو پٽ کي مڃي ٿو، تنهن وٽ پيءُ بہ آهي.


جيڪو قبول ڪندو تہ يسوع خدا جو فرزند آهي، تنهن ۾ خدا رهي ٿو، ۽ اهو خدا ۾ ٿو رهي.


۽ جيڪو روح يسوع کي نٿو مڃي، سو خدا جي طرفان ناهي. ۽ اهوئي مخالف مسيح جو روح آهي، جنهن جي بابت اوهان ٻُڌو آهي تہ اچڻ وارو آهي؛ بلڪ هاڻي ئي دنيا ۾ اچي چڪو آهي.


جنهن کي اهو ايمان آهي تہ يسوع ئي مسيح آهي، سو خدا مان نئين سر پيدا ٿيو آهي، ۽ جيڪو پيدا ڪندڙ کي پيار ٿو ڪري، سو انهي کي بہ پيار ٿو ڪري جنهن کي هن پيدا ڪيو آهي.


ڇالاءِ جو گهڻيئي گمراهہ ڪندڙ دنيا ۾ نڪري پيا آهن، جي هن ڳالهہ کي نٿا مڃين تہ يسوع مسيح مجسم ٿيو. اهو ئي گمراهہ ڪندڙ ۽ مسيح جو مخالف آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ