Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.يوحنا 4:17 - Sindhi Bible

17 پيار اسان ۾ هن طرح ڪامل ڪيو ويو آهي تہ عدالت جي ڏينهن اسان کي تسلي هجي، ڇالاءِ جو جيئن هو آهي تيئن اسين بہ هن دنيا ۾ آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 ايشور ۾ رهڻ ڪري پيار اسان ۾ مڪمل ٿئي ٿو. سو عدالت جي ڏينهن اسين پوري اعتماد سان بيهي سگھنداسين، ڇاڪاڻ تہ جيئن مسيح ايشور ۾ آهي تيئن ئي هن سنسار ۾ اسين بہ ايشور ۾ آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 خدا ۾ رهڻ ڪري پيار اسان ۾ مڪمل ٿئي ٿو. سو عدالت جي ڏينهن اسين پوري اعتماد سان بيهي سگھنداسين، ڇاڪاڻ تہ جيئن مسيح خدا ۾ آهي تيئن ئي هن دنيا ۾ اسين بہ خدا ۾ آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 انھيءَ سبب پيار کي اسان ۾ مڪمل ڪيو ويو آھي تہ جيئن عدالت جي ڏينھن اسان کي تسلي ھجي، ڇالاءِ⁠جو ھن ئي دنيا ۾ اسين مسيح وانگر آھيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.يوحنا 4:17
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ عدالت جي ڏينهن اُنهي شهر کان سدوم ۽ عموراہ جي ملڪ لاءِ اُها گهڙي وڌيڪ سوکي ٿيندي.


ايترو بس آهي تہ شاگرد پنهنجي اُستاد جهڙو ٿئي، ۽ نوڪر پنهنجي ڌڻيءَ جهڙو. جيڪڏهن هنن گهر جي ڌڻيءَ کي بعلزبول ڪري سڏيو آهي، تہ سندس گهر جي ڀاتين کي ڪيترو نہ زيادہ ڪري سڏيندا!


تڏهن بہ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ عدالت جي ڏينهن صور ۽ صيدا لاءِ اُها گهڙي اوهان کان وڌيڪ سولي ٿيندي.


تڏهن بہ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ عدالت جي ڏينهن سدوم جي ملڪ لاءِ اُها گهڙي توکان وڌيڪ سولي ٿيندي.


۽ آئون اوهان کي ٿو چوان تہ جيڪو بہ اجايو لفظ ماڻهو واتان ڪڍندا، اُنهي جو عدالت جي ڏينهن حساب ڏيندا.


اها ڳالهہ جا مون اوهان کي ٻُڌائي آهي، تہ نوڪر پنهنجي ڌڻيءَ کان مٿي نہ آهي، سا ياد رکجو. جيڪڏهن اُنهن مون کي ستايو آهي، تہ اوهان کي بہ ستائيندا، جيڪڏهن منهنجين ڳالهين تي هليا آهن، تہ اوهان جي ڳالهين تي بہ هلندا.


۽ جلال جو تو مون کي ڏنو آهي، سو مون کين ڏنو آهي؛ تہ اُهي هڪ ٿين، جيئن اسين هڪ آهيون.


ڇالاءِ جو جن کي هن اڳيئي ٿي ڄاتو، تن کي هن اڳيئي مقرر ڪري ڇڏيو، تہ سندس فرزند جا هم شڪل ٿين، انهي لاءِ تہ هو گهڻن ڀائرن ۾ پهريتو ٿئي.


۽ جهڙيءَ طرح ماڻهن لاءِ هڪڙي ئي ڀيري مرڻ ۽ انهي کانپوءِ عدالت جو هئڻ مقرر ڪيل آهي؛


ڇالاءِ جو جنهن پاڻ رحم نہ ڪيو آهي، تنهن جو انصاف بہ رحم کانسواءِ ٿيندو: رحم انصاف تي غالب ٿو پوي.


تون ڏسين ٿو تہ ايمان هن جي عمل سان گڏجي اثر ڪيو، ۽ عملن ئي جي ڪري ايمان ڪامل ٿيو؛


(تڏهن ثابت آهي تہ) خداوند ڄاڻي ٿو تہ ديندار کي آزمائش کان ڪيئن ڇڏائجي، ۽ بي دينن کي عدالت جي ڏينهن تائين ڪهڙيءَ طرح سزا هيٺ رکي.


۽ آسمان ۽ زمين جي موجود آهن، سي انهي ساڳئي ڪلام جي وسيلي هن لاءِ رکيا ويا آهن، تہ ساڙيا وڃن، ۽ اُهي عدالت جي ڏينهن ۽ بي دين ماڻهن جي برباديءَ تائين موجود رهندا.


۽ هاڻي اي منهنجا ننڍڙا ٻارو، انهي ۾ قائم رهجو، تہ جڏهن هو ظاهر ٿئي تڏهن اسان کي همت هجي، ۽ اسين هن جي اچڻ مهل سندس اڳيان شرمندا نہ ٿيون.


پر جيڪو هن جي ڪلام تي عمل ٿو ڪري، اُنهيءَ ۾ تحقيق خدا جي محبت ڪامل ٿي آهي. انهيءَ طرح اسان کي معلوم ٿو ٿئي تہ اسين اُنهيءَ ۾ قائم آهيون:


جيڪو چوي ٿو تہ آئون هن ۾ رهان ٿو، تنهن کي گهرجي تہ پاڻ بہ ائين ئي هلي، جيئن هو هلندو هو.


ڏسو، پيءُ اسان سان ڪهڙي نہ محبت ڪئي آهي، جو اسين خدا جا ٻار ٿا سڏجون: ۽ اسين آهيون بہ. دنيا اسان کي انهي ڪري نٿي سڃاڻي جو اها کيس بہ سڃاڻي نہ سگهي.


۽ جنهن مٿس اها اُميد رکي آهي، سو پاڻ کي اهڙو پاڪ ڪري جهڙو هو پاڪ آهي.


اي منهنجا ننڍڙا ٻارو، متان ڪو اوهان کي گمراهہ ڪري: جيڪو راستبازيءَ جا ڪم ٿو ڪري، سو انهي وانگر راستباز آهي.


ڪنهن بہ ماڻهوءَ ڪڏهن خدا کي نہ ڏٺو آهي؛ جيڪڏهن اسين هڪٻئي کي پيار ٿا ڪريون تہ خدا اسان ۾ ٿو رهي، ۽ سندس پيار اسان ۾ ڪامل ٿيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ