Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.يوحنا 4:16 - Sindhi Bible

16 ۽ خدا جو پيار جو اسان ۾ آهي سو اسين ڄاڻون ٿا، ۽ انهي جو اسان کي پورو يقين ٿيو آهي تہ خدا پيار آهي ۽ جيڪو پيار ۾ ٿو رهي سو خدا ۾ ٿو رهي، ۽ خدا انهي ۾ ٿو رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

16 ان کان علاوہ اسان پاڻ بہ ڄاڻي ورتو آهي ۽ اهو وشواس بہ آهي تہ ايشور جو اسان سان پيار آهي. بيشڪ ايشور پيار آهي، تنهنڪري جيڪو پيار ۾ رهي ٿو سو ايشور ۾ رهي ٿو ۽ ايشور بہ انهيءَ ۾ رهي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 ان کان علاوہ اسان پاڻ بہ ڄاڻي ورتو آهي ۽ اهو يقين بہ اٿئون تہ خدا جو اسان سان پيار آهي. بيشڪ خدا پيار آهي، تنهنڪري جيڪو پيار ۾ رهي ٿو سو خدا ۾ رهي ٿو ۽ خدا بہ انهيءَ ۾ رهي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

16 اسان کي خبر آھي ۽ اھو يقين اٿئون تہ خدا جو اسان سان پيار آھي. خدا پيار آھي، جيڪو پيار ۾ رھي ٿو سو خدا ۾ رھي ٿو ۽ خدا بہ انھيءَ ۾ رھي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.يوحنا 4:16
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جن کي تنهنجو ڊپ آهي، تن لاءِ ڪهڙي نہ وڏي ڀلائي تو گڏ ڪري رکي آهي، جا تو بني آدم جي اڳيان پنهنجي ايماندارن لاءِ ظاهر ڪئي آهي.


ڇالاءِ جو قديم وقت کان وٺي ماڻهن تو کان سواءِ اهڙو ڪو خدا نہ ٻڌو آهي، نہ ڪنهن جي ڪنن تائين اهو پهتو آهي، نہ ڪنهن جي اک اهو ڏٺو آهي، جو پنهنجي انتظار ڪرڻ واري لاءِ اهڙا ڪم ڪري.


۽ اسان ايمان آندو آهي، ۽ ڄاتو اٿئون تہ تون اُهو خدا جو قدوس آهين.


يسوع جواب ڏنو، تہ نڪي هن گناهہ ڪيو آهي، نڪي هن جي ماءُ پيءُ: پر اهو انهي ڪري ٿيو آهي، تہ خدا جا ڪم هن ۾ پڌرا ٿين.


پر جيئن لکيل آهي، تہ ”جيڪي شيون اکين نہ ڏٺيون ۽ ڪنن نہ ٻُڌيون، ۽ جي ماڻهوءَ جي خيال ۾ نہ آيون، سي سڀ خدا اُنهن جي لاءِ تيار ڪيون جي کيس پيار ٿا ڪن.“


ڏسو، پيءُ اسان سان ڪهڙي نہ محبت ڪئي آهي، جو اسين خدا جا ٻار ٿا سڏجون: ۽ اسين آهيون بہ. دنيا اسان کي انهي ڪري نٿي سڃاڻي جو اها کيس بہ سڃاڻي نہ سگهي.


انهي مان اسان کي پيار جي خبر پيئي آهي، ڇالاءِ جو هن اسان جي لاءِ پنهنجي جان ڏني: ۽ اسان کي بہ پنهنجن ڀائرن لاءِ جان ڏيڻ گهرجي.


۽ جيڪو هن جي حڪم تي عمل ٿو ڪري، سو هن ۾ قائم ٿو رهي ۽ هو انهي ۾. ۽ انهي مان اسين ڄاڻون ٿا تہ هو اسان ۾ رهي ٿو، يعني انهي روح مان جو هن اسان کي ڏنو.


اي پيارو، اچو تہ هڪٻئي کي پيار ڪريون: ڇالاءِ جو پيار خدا جي طرفان آهي؛ ۽ جيڪو پيار ٿو ڪري سو خدا مان پيدا ٿيو آهي، ۽ خدا کي سڃاڻي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ