Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.يوحنا 4:12 - Sindhi Bible

12 ڪنهن بہ ماڻهوءَ ڪڏهن خدا کي نہ ڏٺو آهي؛ جيڪڏهن اسين هڪٻئي کي پيار ٿا ڪريون تہ خدا اسان ۾ ٿو رهي، ۽ سندس پيار اسان ۾ ڪامل ٿيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 ايشور کي ڪنهن بہ ڪڏهن ڪونہ ڏٺو آهي. پر جيڪڏهن اسين هڪٻئي سان پيار ڪريون ٿا تہ ايشور اسان ۾ رهي ٿو ۽ سندس پيار اسان ۾ مڪمل ٿئي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 خدا کي ڪنهن بہ ڪڏهن ڪونہ ڏٺو آهي. پر جيڪڏهن اسين هڪٻئي سان پيار ڪريون ٿا تہ خدا اسان ۾ رهي ٿو ۽ سندس پيار اسان ۾ مڪمل ٿئي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 ڪنھن بہ انسانذات ڪڏھن بہ خدا کي نہ ڏٺو آھي. پر جيڪڏھن اسين ھڪ ٻئي سان پيار ڪريون ٿا تہ خدا اسان ۾ رھي ٿو ۽ سندس پيار اسان ۾ مڪمل ٿئي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.يوحنا 4:12
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يعقوب انهيءَ هنڌ جو نالو فني ايل رکيو، جو چيائين تہ مون خدا کي روبرو ڏٺو، تڏهن بہ منهنجي جان بچي ويئي.


پر تون منهنجو منهن ڏسي ڪين سگهندين؛ ڇالاءِ جو اهڙو ڪوبہ انسان ڪونهي، جو مون کي ڏسي ۽ جيئرو رهي.


آءٌ انهي سان روبرو ظاهر ظهور ڳالهائيندس، ۽ نہ ڳجهارتن ۾، ۽ هو خداوند جي شڪل بہ ڏسندو: تڏهن ڇو اوهين منهنجي ٻانهي جي برخلاف، يعني موسيٰ جي برخلاف، ڳالهائڻ کان نٿي ڊنا؟


ڪنهن بہ ماڻهوءَ خدا کي ڪڏهن ڪونہ ڏٺو آهي؛ هڪڙو ئي فرزند، جو پيءُ جي هنج ۾ آهي، تنهن ئي ظاهر ڪيو اٿس.


هاڻي ايمان، اُميد ۽ محبت اهي ٽيئي دائمي آهن، پر انهن سڀني ۾ محبت وڏي آهي.


هاڻي انهي مدامي بادشاهہ، يعني غير فاني، ناديدہ، واحد خدا جي عزت ۽ جلال هميشہ تائين ٿيندو رهي. آمين.


بقا فقط انهي کي ئي آهي، ۽ هو انهي روشنيءَ ۾ ٿو رهي، جنهن تائين ڪوبہ پهچي نٿو سگهي؛ جنهن کي نہ ڪنهن ماڻهوءَ ڏٺو آهي، نڪو ڏسي ٿو سگهي؛ انهي جي عزت ۽ قدرت شل هميشہ تائين رهي. آمين.


ايمان ئي جي ڪري هن بادشاهہ جي ڪاوڙ جي پرواهہ نہ ڪئي ۽ مصر ڇڏي ڏنائين: ۽ اهڙي طرح برداشت ڪيائين جو ڄڻ تہ اڻ ڏٺل کي ٿو ڏسي.


پر جيڪو هن جي ڪلام تي عمل ٿو ڪري، اُنهيءَ ۾ تحقيق خدا جي محبت ڪامل ٿي آهي. انهيءَ طرح اسان کي معلوم ٿو ٿئي تہ اسين اُنهيءَ ۾ قائم آهيون:


۽ جيڪو هن جي حڪم تي عمل ٿو ڪري، سو هن ۾ قائم ٿو رهي ۽ هو انهي ۾. ۽ انهي مان اسين ڄاڻون ٿا تہ هو اسان ۾ رهي ٿو، يعني انهي روح مان جو هن اسان کي ڏنو.


۽ خدا جو پيار جو اسان ۾ آهي سو اسين ڄاڻون ٿا، ۽ انهي جو اسان کي پورو يقين ٿيو آهي تہ خدا پيار آهي ۽ جيڪو پيار ۾ ٿو رهي سو خدا ۾ ٿو رهي، ۽ خدا انهي ۾ ٿو رهي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو چوي تہ آئون خدا کي پيار ٿو ڪريان ۽ پنهنجي ڀاءُ سان دشمني ٿو رکي، تہ اُهو ڪوڙو آهي؛ ڇالاءِ جو جيڪو پنهنجي ڀاءُ کي پيار نٿو ڪري جنهن کي هن ڏٺو آهي، سو خدا کي پيار ڪري ڪين سگهندو، جنهن کي هن ڏٺو ئي ڪينهي.


اسين خدا جا آهيون؛ جيڪو خدا کي سڃاڻي ٿو سو اسان جي ٻُڌي ٿو؛ جيڪو خدا جو ناهي سو اسان جي نٿو ٻُڌي. انهي مان اسين حق جي روح کي ۽ گمراهيءَ جي روح کي سڃاڻي ٿا وٺون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ