Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.يوحنا 3:4 - Sindhi Bible

4 جيڪو گناهہ ٿو ڪري سو بي شرع ڪم ٿو ڪري؛ ۽ گناهہ شرع جي برخلاف آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 جيڪو بہ پاپ ڪري ٿو سو ايشور جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ٿو ڪري. هائو، پاپ ايشور جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 جيڪو بہ گناهہ ڪري ٿو سو خدا جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ٿو ڪري. هائو، گناهہ خدا جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 جيڪوبہ گناھہ ڪري ٿو سو خدا جي قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جو ڏوھدار آھي، ڇاڪاڻ⁠تہ گناھہ خدا جي قانون جي ڀڃڪڙي آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.يوحنا 3:4
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اُنهيءَ هوندي بہ جنهن ملڪ ۾ هو قيد ٿي وڃن، اتي جيڪڏهن هو پشيمان ٿين، ۽ باز اچن، ۽ جنهن ملڪ ۾ هو قيد ٿي ويا هجن انهيءَ ۾ توکي عرض ڪن، ۽ چون تہ اسان گناهہ ڪيو آهي، ۽ ڏنگا ڪم ڪيا آهن، ۽ شرارت جي هلت ڪئي آهي؛


انهيءَ طرح سائول جيڪو گناهہ خداوند جي برخلاف ڪيو هو، جو خداوند جي حڪم تي پوريءَ طرح نہ هليو هو، تنهن جي ڪري مئو؛ ۽ انهيءَ ڪري بہ، جو هن هڪڙي ڏائڻ کان صلاح مشورت پڇي،


پوءِ خدا جو روح زڪرياہ بن يهويدع ڪاهن تي نازل ٿيو؛ ۽ هو ماڻهن کان مٿي بيهي چوڻ لڳو تہ خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين ڇو خداوند جي حڪم عدولي ٿا ڪريو، جو سکيا گذاري نٿا سگهو، ۽ ڇالاءِ جو اوهان خداوند کي ڇڏي ڏنو آهي، تنهنڪري هن بہ اوهان کي ڇڏي ڏنو آهي.


ظلم ڪري ۽ فتويٰ ڏيئي هن کي وٺي ويا؛ پر هن جي زماني جي ماڻهن مان ڪنهن اهڙو خيال ڪيو تہ منهنجي اُمت جي گناهن ڪري هن تي مار پيئي، ۽ هو جيئرن جي زمين مان وڍيو ويو؟


هائو، اسرائيل تنهنجي شريعت جي حد ڀڳي آهي، ۽ ڦري ٻئي پاسي ويا آهن، انهي لاءِ تہ تنهنجي حڪم عدولي ڪن؛ تنهنڪري اسان تي اُهو قسم، جو خدا جي ٻانهي موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي ۽ اُها لعنت نازل ٿي آهي؛ ڇالاءِ جو اسان هن جو گناهہ ڪيو آهي.


ڇالاءِ جو هن خداوند جي ڪلام جي بي ادبي ڪئي، ۽ سندس حڪم ڀڳائين؛ اهڙو شخص اصل تباهہ ڪيو ويندو، ۽ هن جو گناهہ انهي جي سر تي رهندو.


تنهنڪري جيڪو بہ هنن تمام ننڍن حڪمن مان هڪڙو ڀڃندو، ۽ ماڻهن کي ائين سيکاريندو، سو آسمان جي بادشاهت ۾ سڀني کان ننڍو سڏبو. پر جيڪو انهن تي عمل ڪندو ۽ ائين سيکاريندو، سو ئي آسمان جي بادشاهت ۾ وڏو سڏبو.


تڏهن پولس هن کي چيو تہ اي چوناريل ڀِت، تو تي خدا جي مار پوندي؛ تون شريعت موجب منهنجي عدالت ڪرڻ ويٺو آهين، ۽ شريعت جي برخلاف مون کي مار ڏيارڻ جو حڪم ٿو ڏين؟


ڇالاءِ جو شريعت جي ڪمن جي ڪري ڪوبہ ماڻهو سندس نظر ۾ راستباز ڪين ٺهرندو: ڇالاءِ جو شريعت جي وسيلي ئي گناهہ جي خبر ٿي پوي.


ڇالاءِ جو شريعت تہ غضب پيدا ٿي ڪري، پر جتي شريعت ڪانهي اُتي نافرماني بہ ڪانهي.


متان جڏهن آئون وري اچان، تڏهن منهنجو خدا مون کي اوهان جي اڳيان شرمندو ڪري، ۽ مون کي اهڙن گهڻن لاءِ افسوس ڪرڻو پوي، جن هيستائين ناپاڪي ۽ زناڪاري ۽ نفس پرستي جا گناهہ پي ڪيا آهن، ۽ توبهہ نہ ڪئي اٿن.


۽ جا دعا ايمان سان گهُربي، سا بيمار کي بچائيندي، ۽ خداوند انهي کي اُٿاري کڙو ڪندو؛ ۽ جيڪڏهن هن گناهہ ڪيا هوندا تہ انهن جي معافي ملنديس.


هر طرح جي ناراستي گناهہ آهي: پر اهڙو بہ گناهہ آهي جنهن جو نتيجو موت نہ آهي.


۽ سائول سموئيل کي چيو تہ مون گناهہ ڪيو آهي: ڇالاءِ جو مون خداوند جي حڪم کان، ۽ تنهنجي چوڻ کان ٻاهر وک وڌي آهي: ڇالاءِ جو آءٌ ماڻهن کان ڊنس، ۽ انهن جي ڳالهہ مڃيم.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ