Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.يوحنا 3:24 - Sindhi Bible

24 ۽ جيڪو هن جي حڪم تي عمل ٿو ڪري، سو هن ۾ قائم ٿو رهي ۽ هو انهي ۾. ۽ انهي مان اسين ڄاڻون ٿا تہ هو اسان ۾ رهي ٿو، يعني انهي روح مان جو هن اسان کي ڏنو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

24 بيشڪ جيڪو ايشور جي حڪمن تي عمل ڪري ٿو، سو منجھس رهي ٿو ۽ هو انهيءَ ۾ رهي ٿو. اسين سندس بخشيل پوِتر آتما جي ڪري ڄاڻون ٿا تہ ايشور اسان ۾ رهي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 بيشڪ جيڪو خدا جي حڪمن تي عمل ڪري ٿو، سو منجھس رهي ٿو ۽ هو انهيءَ ۾ رهي ٿو. اسين سندس عطا ڪيل پاڪ روح جي ڪري ڄاڻون ٿا تہ خدا اسان ۾ رهي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

24 جيڪي خدا جي حڪمن تي عمل ڪن ٿا، سي منجھس رھن ٿا ۽ ھو انھن ۾ رھي ٿو. اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا اسان ۾ رھي ٿو. اھو اسين انھيءَ ڪري ڄاڻون ٿا تہ ھن اسان کي پاڪ روح ڏنو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.يوحنا 3:24
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جي آئون اُهي ڪريان ٿو تہ جيتوڻيڪ اوهين مون تي ايمان نٿا آڻيو، تہ منهنجي ڪمن تي ايمان آڻيو: تہ اوهان کي خبر پوي ۽ سمجهو تہ پيءُ مون ۾ آهي ۽ آئون پيءُ ۾.


يعني سچ جو روح: جنهن کي دنيا حاصل ڪري نٿي سگهي؛ ڇالاءِ جو هوءَ نہ هن کي ڏسي ٿي، نہ سڃاڻي ٿي: اوهين هن کي سڃاڻو ٿا، ڇالاءِ جو هو اوهان سان رهي ٿو، ۽ اوهان ۾ هوندو.


تہ اهي سڀ هڪ ٿين، جيئن تون اي بابا، مون ۾، ۽ آئون تو ۾، تيئن اهي پڻ اسان ۾ ٿين: انهي لاءِ تہ دنيا ايمان آڻي تہ تو مون کي موڪليو آهي.


اوهين نٿا ڄاڻو ڇا تہ اوهين خدا جي هيڪل آهيو، ۽ خدا جو روح اوهان ۾ ٿو رهي؟


اوهين نٿا ڄاڻو ڇا تہ اوهان جو بدن پاڪ روح جي هيڪل آهي، جو اوهان ۾ رهي ٿو ۽ جو اوهان کي خدا کان مليل آهي؟ ۽ اوهين پاڻ پنهنجا نہ آهيو؛


۽ خدا جي هيڪل جو بُتن سان ڪهڙو لاڳاپو آهي؟ ڇالاءِ جو اسين جيئري خدا جي هيڪل آهيون، جهڙيءَ طرح ڪ خدا فرمايو آهي تہ ”آئون انهن ۾ رهندس، ۽ انهن ۾ هلندس چلندس، آئون انهن جو خدا ٿيندس ۽ اهي منهنجي اُمت ٿيندا.


تنهنڪري جيڪو هيءَ ڳالهہ رد ٿو ڪري، سو ماڻهوءَ کي رد نٿو ڪري پر خدا کي رد ٿو ڪري، جو پنهنجو پاڪ روح اوهان کي ڏئي ٿو.


پاڪ روح جي وسيلي، جو اسان ۾ آهي، انهيءَ چڱيءَ امانت جي حفاظت ڪر.


باقي اوهان جيڪي شروع کان ٻُڌو، سو اوهان ۾ قائم رهي. جيڪي شروع کان ٻُڌو اٿوَ، سو جيڪڏهن اوهان ۾ رهندو، تہ اوهين بہ پٽ توڙي پيءُ ٻنهي ۾ رهندا.


۽ جيڪڏهن اسين هن جا حڪم بجا آڻينداسين تہ انهي مان اسان کي معلوم ٿيندو تہ اسين کيس سڃاڻون ٿا.


پر جيڪو هن جي ڪلام تي عمل ٿو ڪري، اُنهيءَ ۾ تحقيق خدا جي محبت ڪامل ٿي آهي. انهيءَ طرح اسان کي معلوم ٿو ٿئي تہ اسين اُنهيءَ ۾ قائم آهيون:


جيڪو چوي ٿو تہ آئون هن ۾ رهان ٿو، تنهن کي گهرجي تہ پاڻ بہ ائين ئي هلي، جيئن هو هلندو هو.


۽ جيڪي کانئس گهُرنداسين سو هن کان اسان کي ملندو، ڇالاءِ جو اسين سندس حڪم مڃون ٿا، ۽ جيڪي ڪم هن جي نظر ۾ پسند آهن سي ٿا ڪريون.


اي پيارو، اچو تہ هڪٻئي کي پيار ڪريون: ڇالاءِ جو پيار خدا جي طرفان آهي؛ ۽ جيڪو پيار ٿو ڪري سو خدا مان پيدا ٿيو آهي، ۽ خدا کي سڃاڻي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ