Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.يوحنا 3:21 - Sindhi Bible

21 اي پيارو، جيڪڏهن اسان جي دل اسان کي ڏوهہ نہ ڏيندي، تہ خدا جي حضور ۾ اسان کي همت ٿيندي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

21 اي پريميؤ! جيڪڏهن اسان جي دل محسوس نہ ٿي ڪري تہ اسين پاپي آهيون، تڏهن ايشور جي آڏو اسين اعتماد سان حاضر ٿي سگھون ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 اي عزيزؤ! جيڪڏهن اسان جي دل محسوس نہ ٿي ڪري تہ اسين گنهگار آهيون، تڏهن خدا جي آڏو اسين اعتماد سان حاضر ٿي سگھون ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

21 اي پيارا عزيزو! جيڪڏھن اسان جون دليون اسان کي ملامت نہ ٿيون ڪن، تہ پوءِ خدا جي آڏو اسين ھمت ڪري سگھون ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.يوحنا 3:21
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو تڏهن تون قادر مطلق ۾ خوش رهندين، ۽ پنهنجو منهن خدا جي اڳيان کڻندين.


آئون پنهنجي سچائيءَ تي قائم آهيان ۽ انهيءَ کي ڇڏي نہ ڏيندس: جيستائين آءٌ جيئندس تيستائين منهنجي دل مون کي مهڻو نہ ڏيندي.


آءٌ دانائيءَ سان سنئين واٽ وٺندس: تون مون وٽ ڪڏهن ايندين؟ آءٌ پنهنجي گهر ۾ ڪامل دل سان هلندس.


جيڪو تنهنجو اعتقاد آهي سو خدا جي اڳيان پنهنجي دل ئي ۾ رک؛ مبارڪ آهي اُهو ماڻهو، جو جيڪا شيءِ هن جي نظر ۾ چڱي آهي، تنهن تي شڪ شبهو نٿو ڪري.


ڇالاءِ جو آئون پنهنجي برخلاف ڪي بہ ڪين ٿو ڄاڻان، تڏهن بہ انهي ڪري آئون راستباز نٿو ٺهرجان. پر منهنجو جاچيندڙ خداوند آهي.


ڇالاءِ جو اسان جو فخر هيءُ آهي، ۽ اسان جي دل بہ شاهدي ٿي ڏئي، تہ اسان دنيا ۾ ۽ خاص ڪري اوهان ۾ جيڪا هلت چلت ڪئي، سا جسماني ڏاهپ سان نہ، پر پاڪيزگيءَ، ۽ راستبازيءَ، ۽ خدا جي فضل سان.


جنهن ۾ اسان کي مٿس ايمان آڻڻ ڪري دليري ٿي ملي، ۽ خاطري سان خدا تائين پهچ اٿئون.


تنهنڪري منهنجي مرضي آهي تہ ماڻهو هر ڪنهن هنڌ، ڪاوڙ ۽ تڪرار کانسواءِ، پاڪ هٿ کڻي دعا ڪن.


تڏهن اچو تہ اسين سچيءَ دل سان ۽ پوري ايمان سان دل جي الزام کان پاڪ ٿيڻ لاءِ پنهنجين دلين تي ڇڻڪار ڪري، ۽ پنهنجي بدن کي صاف پاڻيءَ سان ڌوئي، سندس ويجها وڃون.


تنهنڪري اچو تہ همت رکي فضل جي تخت وٽ هلون تہ اسان تي رحم ٿئي، ۽ اُهو فضل حاصل ڪريون جو گهُرج وقت اسان جي مدد ڪري سگهي.


۽ هاڻي اي منهنجا ننڍڙا ٻارو، انهي ۾ قائم رهجو، تہ جڏهن هو ظاهر ٿئي تڏهن اسان کي همت هجي، ۽ اسين هن جي اچڻ مهل سندس اڳيان شرمندا نہ ٿيون.


اي پيارو، آئون اوهان ڏانهن ڪو نئون حڪم نٿو لکان، پر اهو ئي اڳيون حڪم جو شروعات کان وٺي اوهان کي مليو هو: اڳيون حڪم اهو ئي ڪلام آهي جو اوهان شروع کان ٻُڌو.


اي پيارو، هاڻي اسين خدا جا ٻار آهيون، ۽ اڃا اها ڳالهہ ظاهر ڪانہ ٿي آهي تہ اسين ڇا ٿينداسين. پر ايترو ڄاڻون ٿا تہ جڏهن هو ظاهر ٿيندو، تڏهن اسين بہ ان جهڙا ٿينداسين.


خاص ڪري انهن ڳالهين ۾ جن ۾ اسان جي دل اسان کي ڏوهہ ٿي ڏئي. ڇالاءِ جو خدا اسان جي دل کان وڏو آهي، ۽ سڀني ڳالهين جي خبر اٿس.


پيار اسان ۾ هن طرح ڪامل ڪيو ويو آهي تہ عدالت جي ڏينهن اسان کي تسلي هجي، ڇالاءِ جو جيئن هو آهي تيئن اسين بہ هن دنيا ۾ آهيون.


۽ اها ئي همت اسان کي هن جي حضور ۾ آهي، تہ جيڪڏهن اسين سندس مرضيءَ موجب ڪا شيءِ گهُرون، تہ هو اسان جي ٻُڌي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ