Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.يوحنا 3:20 - Sindhi Bible

20 خاص ڪري انهن ڳالهين ۾ جن ۾ اسان جي دل اسان کي ڏوهہ ٿي ڏئي. ڇالاءِ جو خدا اسان جي دل کان وڏو آهي، ۽ سڀني ڳالهين جي خبر اٿس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 خاص ڪري انھن ڳالھين ۾ جن ۾ اسان جي دل اسان کي ملامت ڪري ٿي، ڇالاءِ⁠جو خدا اسان جي دلين کان وڌيڪ ڄاڻي ٿو ۽ کيس سڀني ڳالھين جي خبر آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.يوحنا 3:20
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آئون پنهنجي سچائيءَ تي قائم آهيان ۽ انهيءَ کي ڇڏي نہ ڏيندس: جيستائين آءٌ جيئندس تيستائين منهنجي دل مون کي مهڻو نہ ڏيندي.


ڏس، آءٌ توکي جواب ڏيندس، انهيءَ ڳالهہ ۾ تون انصاف وارو نہ آهين؛ ڇالاءِ جو خدا ماڻهوءَ کان وڏو آهي.


تو اسان جون خطائون پنهنجي سامهون رکيون آهن، ۽ اسان جا ڳجها گناهہ تنهنجي چهري جي سوجهري ۾ پڌرا ٿيا آهن.


آءٌ خداوند دلين کي ٿو چڪاسيان، ۽ گردن جي آزمائش ٿو وٺان، انهي لاءِ تہ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس چال موجب، ۽ سندس ڪمن موجب بدلو ڏيان.


خداوند ٿو فرمائي، تہ ڪو پاڻ کي ڳجهين جاين ۾ اهڙو لڪائي سگهندو ڇا جو آءٌ ڏسي نہ سگهانس؟ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ آسمان ۽ زمين ڀري نہ بيٺو آهيان ڇا؟


وري ٽيون گهُمرو چيائينس تہ شمعون بن يوحنا، تون مون کي چاهين ٿو؟ پطرس کي رنج ٿيو جو هن ٽيون گهُمرو چيس تہ تون مون کي چاهين ٿو؟ هن چيس تہ اي خداوند، توکي سڀني ڳالهين جي خبر آهي، تون ڄاڻين ٿو تہ آئون توکي چاهيان ٿو. يسوع چيس تہ منهنجين رڍن کي چارج.


۽ جڏهن هنن اها ڳالهہ ٻُڌي، تڏهن وڏي کان وٺي ننڍي تائين هڪڙو هڪڙو ٿي نڪري ويا: ۽ رڳو يسوع وڃي رهيو، ۽ اُها زال وچ ۾ بيٺي هئي.


پر هو هي ٻُڌي سڙي ويا، ۽ دل ۾ آين تہ هنن کي ماري وجهون.


ڪير آهي جو سزا جي فتويٰ ڏيندو؟ مسيح يسوع ڏيندو ڇا، جو مري ويو، بلڪ مُئلن مان جي اُٿيو، جو خدا جي ساڄي پاسي آهي، ۽ اسان جي شفاعت بہ ڪري ٿو؟


ڇالاءِ جو آئون پنهنجي برخلاف ڪي بہ ڪين ٿو ڄاڻان، تڏهن بہ انهي ڪري آئون راستباز نٿو ٺهرجان. پر منهنجو جاچيندڙ خداوند آهي.


۽ ڄاڻ تہ اهڙو ماڻهو گمراهہ ٿيل ۽ گنهگار آهي، ۽ پاڻ کي ڏوهي ٿو ٺهرائي.


اهڙي ڪابہ مخلوق ڪانهي جا هن کان ڳجهي آهي؛ بلڪ جنهن سان اسان جو واسطو آهي، انهي جي نظر ۾ سڀ شيون بنا پردي ۽ کُليل آهن.


ڇالاءِ جو جڏهن خدا ابراهيم سان واعدو ٿي ڪيو، تڏهن کانئس وڏو ڪو ڪونہ هو، جنهن جو قسم کڻي. تنهنڪري پنهنجو ئي قسم کنيائين،


انهي مان اسان کي خبر پوندي تہ اسين سچ مان آهيون، ۽ سندس حضور ۾ اسان جي دل کي خاطري ملندي.


اي پيارو، جيڪڏهن اسان جي دل اسان کي ڏوهہ نہ ڏيندي، تہ خدا جي حضور ۾ اسان کي همت ٿيندي؛


اي منهنجا ننڍڙا ٻارو، اوهين خدا جا آهيو، ۽ اُنهن تي غالب پيا آهيو؛ ڇالاءِ جو جيڪو اوهان ۾ آهي سو اُنهي کان وڏو آهي جو دنيا ۾ آهي.


۽ آئون انهي جي ٻارن کي ماري وجهندس؛ ۽ سڀني ڪليسيائن کي معلوم ٿيندو تہ آئون اُهو آهيان جو اندر جا خيال ۽ دليون جاچيندو آهيان؛ ۽ آئون اوهان مان هرهڪ کي سندس ڪمن موجب بدلو ڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ