Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.يوحنا 2:2 - Sindhi Bible

2 ۽ اهو ئي اسانجن گناهن جو ڪفارو آهي؛ ۽ نہ رڳو اسانجن گناهن جو، پر ساري دنيا جي گناهن جو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 اهو ئي اسان جي پاپن جو ڪفارو ڏيڻ وارو ٻليدان آهي، نہ رڳو اسان جي، بلڪ سڄي سنسار جي پاپن جو ڪفارو پڻ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 اهو ئي اسان جي گناهن جو ڪفارو ڏيڻ واري قرباني آهي، نہ رڳو اسان جي، بلڪ سڄي جهان جي گناهن جو ڪفارو پڻ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 مسيح پاڻ اھڙي قرباني آھي، جيڪا اسان جا گناھہ کڻي وڃي ٿي، نہ رڳو اسان جا پر سڄي جھان جا گناھہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.يوحنا 2:2
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جنهن ٻڪر تي عزازيل جي لاءِ پُکو پوي، تنهن کي ڪفاري جي لاءِ جيئرو ئي خداوند جي حضور ۾ حاضر ڪيو وڃي، ۽ پوءِ عزازيل جي لاءِ بيابان ۾ ڇڏيو وڃي.


پوءِ نوڪر چيو تہ اي مالڪ، جيئن تو فرمايو تيئن ڪيو اٿم، پر اڃا بہ جاءِ آهي.


ٻئي ڏينهن هن يسوع کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي چيو، تہ ڏسو خدا جو گهيٽو، جو جهان جو گناهہ کڻي ٿو وڃي!


۽ جيڪڏهن آئون زمين کان مٿي چاڙهيو ويندس، تہ سڀني ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندس.


۽ هو زال کي چوڻ لڳا تہ اسين جو هاڻي مڃون ٿا، سو تنهنجي چوڻ ڪري نہ، پر اسان پاڻ ٻُڌي خاطري ڪئي آهي، ۽ ڄاڻون ٿا تہ سچ پچ هي جهان جو نجات ڏيندڙ آهي.


تنهنڪري واجب هو تہ هو سڀني ڳالهين ۾ پنهنجن ڀائرن جهڙو ٿئي؛ انهي لاءِ تہ اُمت جي گناهن جي ڪفاري ڏيڻ لاءِ، خدا سان واسطو رکندڙ ڳالهين ۾، هڪڙو رحمدل ۽ ايماندار سردار ڪاهن ٿئي.


هو پاڻ اسان جا گناهہ پنهنجي بدن تي کڻي صليب تي چڙهيو، انهي لاءِ تہ اسين گناهن جي ڪري مري راستبازيءَ لاءِ جيون؛ هن جي مار کائڻ جي ڪري اوهان کي شفا ملي.


هن ڪري جو مسيح بہ هڪڙو ئي ڀيرو گناهن جي لاءِ ڏک سَٺو، يعني راستباز ناراستن لاءِ، تان تہ هو اسان کي خدا تائين پهچائي. هو جسماني طور مارجي ويو، پر روحاني طور جياريو ويو؛


پر جي اسين روشنيءَ ۾ هلون، جيئن ڪ پاڻ روشنيءَ ۾ آهي، تہ اسان جي پاڻ ۾ شراڪت آهي، ۽ سندس فرزند يسوع جو رت اسان کي سموري گناهہ کان صاف ٿو ڪري.


۽ اوهان کي خبر آهي تہ هو جو ظاهر ٿيو هو، سو انهي لاءِ تہ گناهہ کڻي وڃي؛ ۽ منجهس گناهہ اصل ئي ڪونهي.


پيار هن ۾ نہ آهي تہ اسان خدا کي پيار ڪيو، پر انهي ۾ آهي تہ هن اسان کي پيار ڪيو، ۽ اسان جي گناهن جي ڪفاري لاءِ پنهنجي فرزند کي موڪليائين.


۽ اسان ڏٺو آهي ۽ شاهدي ٿا ڀريون، تہ پيءُ پٽ کي موڪليو آهي تہ جهان جو نجات ڏيندڙ ٿئي.


اسين ڄاڻون ٿا تہ اسين خدا جا آهيون، پر سارو جهان انهي بڇڙي جي قبضي ۾ آهي.


۽ اهو وڏو ازدها يعني اهو قديم نانگ، جو ابليس ۽ شيطان سڏبو آهي، ۽ ساري جهان کي گمراهہ ڪندو آهي، سو زمين تي اُڇلايو ويو، ۽ سندس ملائڪ بہ ساڻس گڏ هيٺ اُڇلايا ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ