Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.يوحنا 2:14 - Sindhi Bible

14 اي بزرگو، مون اوهان ڏانهن هن ڪري لکيو آهي، تہ جيڪو شروعات کان وٺي آهي تنهن کي اوهين سڃاڻو ٿا. اي جوانو، مون اوهان ڏانهن هن ڪري لکيو آهي جو اوهين مضبوط آهيو، ۽ خدا جو ڪلام اوهان ۾ رهي ٿو، ۽ اوهين انهي شرير تي غالب پيا آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 اي منهنجا پريميؤ! مون اوهان ڏانهن انهيءَ ڪري لکيو آهي جو اوهين پتا کي چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا. اي پوڙهؤ! مون اوهان ڏانهن انهيءَ ڪري لکيو آهي جو اوهين مسيح کي چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا، جيڪو شروعات کان وٺي آهي. اي نوجوانؤ! مون اوهان ڏانهن انهيءَ ڪري لکيو آهي جو اوهين مضبوط آهيو ۽ ايشور جو سنديش اوهان ۾ رهي ٿو ۽ اوهين شيطان تي سوڀارا ٿيا آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 اي منهنجا عزيزؤ! مون اوهان ڏانهن انهيءَ ڪري لکيو آهي جو اوهين پيءُ کي چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا. اي پوڙهؤ! مون اوهان ڏانهن انهيءَ ڪري لکيو آهي جو اوهين مسيح کي چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا، جيڪو شروعات کان وٺي آهي. اي نوجوانؤ! مون اوهان ڏانهن انهيءَ ڪري لکيو آهي جو اوهين مضبوط آهيو ۽ خدا جو پيغام اوهان ۾ رهي ٿو ۽ اوهين شيطان تي فتحياب ٿيا آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 اي پيارا ٻارؤ! مون اوھان ڏانھن انھيءَ ڪري لکيو آھي، جو اوھان پيءُ کي سڃاتو آھي. اي پوڙھؤ! مون اوھان ڏانھن انھيءَ ڪري لکيو آھي، جو اوھان انھيءَ کي سڃاتو آھي، جيڪو شروعات کان وٺي آھي. اي نوجوانو! مون اوھان ڏانھن انھيءَ ڪري لکيو آھي، جو اوھين مضبوط آھيو ۽ خدا جو ڪلام اوھان ۾ رھي ٿو ۽ اوھين شيطان تي فتحياب ٿيا آھيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.يوحنا 2:14
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون تنهنجو ڪلام پنهنجيءَ دل ۾ رکيو آهي، تہ آءٌ تنهنجي برخلاف گناهہ نہ ڪريان.


جيڪڏهن اوهين مون ۾ رهو ۽ منهنجون ڳالهيون اوهان ۾ رهن، تہ پوءِ جيڪي وڻيوَ سو گهُرو، ۽ ائين ئي ٿيندو.


۽ اوهين هن جي ڪلام کي پنهنجي دل ۾ جاءِ نٿا ڏيو: ڇوتہ جنهن کي موڪليو اٿس، تنهن کي قبول نٿا ڪريو.


تڏهن اهي يهودي جن کيس مڃيو هو، تن کي چوڻ لڳو، تہ جي اوهين منهنجي ڪلام تي قائم رهندا، تہ سچ پچ منهنجا شاگرد آهيو؛


مون کي خبر آهي تہ اوهين ابراهيم جو اولاد آهيو؛ پوءِ بہ منهنجي مارڻ جي ڪوشش ٿا ڪريو، سو انهي لاءِ جو منهنجو ڪلام اوهان ۾ نٿو سمائجي.


پڇاڙيءَ ۾ آئون چوان ٿو تہ، خداوند ۾ ۽ سندس قدرت جي ڪري زور وارا ٿيو.


جيڪو مون کي طاقت ٿو ڏئي، تنهن جي وسيلي آئون سڀ ڪجهہ ڪري ٿو سگهان.


۽ سندس جلال جي قدرت موجب، هر طرح جي طاقت سان مضبوط ٿيندا وڃو، تہ خوشيءَ سان صبر ۽ تحمل ڪري سگهو؛


ڀلي تہ مسيح جو ڪلام هر قسم جي دانائي سميت اوهان ۾ ججهو ئي رهي. هڪٻئي کي تعليم ڏيو ۽ نصيحت ڪريو، ۽ فضل سان ڀرپور ٿي پنهنجين دلين ۾ خدا جي لاءِ زبور ۽ گيت ۽ ديني راڳ ڳايو.


تنهنڪري اي منهنجا فرزند، جيڪو فضل مسيح يسوع ۾ آهي، تنهن ۾ تون زور وارو ٿيءُ.


ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ هي اُهو عهد آهي جو آئون اسرائيل جي گهراڻي سان انهن ڏينهن کانپوءِ ڪندس؛ آئون پنهنجا قانون هنن جي ذهن نشين ڪندس، ۽ اُهي سندن دلين تي لکندس. ۽ آئون سندن خدا ٿيندس، ۽ هو منهنجي اُمت ٿيندا:


زندگيءَ جو ڪلام، جو شروعات کان وٺي هو، جو اسان ٻُڌو، ۽ پنهنجين اکين سان ڏٺو، ۽ جو اسان غور سان ڏٺو ۽ هٿن سان ڇهيو، تنهن بابت


جي اسين چئون تہ اسان گناهہ ڪونہ ڪيو آهي، تہ هن کي ڪوڙو ٿا ڪريون ۽ سندس ڪلام اسان ۾ نہ آهي.


اي بزرگو، آئون اوهان ڏانهن هن ڪري ٿو لکان جو جيڪو شروعات کان وٺي آهي تنهن کي اوهين سڃاڻو ٿا. اي جوانو، آئون اوهان ڏانهن هن ڪري ٿو لکان، جو اوهين انهي شرير تي غالب پيا آهيو. اي ننڍڙا ٻارو، مون اوهان ڏانهن هن ڪري لکيو آهي، جو اوهين پيءُ کي سڃاڻو ٿا.


اُنهي سچ جي ڪري جو اسان ۾ رهي ٿو، ۽ جو هميشہ اسان سان رهندو.


ڇالاءِ تہ جنهن سچائيءَ جي تون پيروي پيو ڪرين، تنهن جي شاهدي، جڏهن ڀائرن اچي ڏني، تڏهن مون کي ڏاڍي خوشي ٿي.


۽ تون تحمل وارو آهين، ۽ منهنجي نالي سختيون سهندي سهندي بہ ڪين ٿَڪين.


جنهن کي ڪَن آهن سو ٻُڌي تہ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي. جيڪو غالب پوندو تنهن کي انهيءَ زندگيءَ جي وڻ جو ڦل کائڻ لاءِ ڏيندس جو خدا جي فردوس ۾ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ