Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.يوحنا 1:7 - Sindhi Bible

7 پر جي اسين روشنيءَ ۾ هلون، جيئن ڪ پاڻ روشنيءَ ۾ آهي، تہ اسان جي پاڻ ۾ شراڪت آهي، ۽ سندس فرزند يسوع جو رت اسان کي سموري گناهہ کان صاف ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 پر جيڪڏهن اسين روشنيءَ ۾ هلون ٿا، جيئن ايشور پاڻ روشنيءَ ۾ آهي، تہ پوءِ اسان جو هڪٻئي سان ميل ميلاپ آهي ۽ سندس پٽ يسوع جو رت اسان کي سڀني پاپن کان پوِتر ڪري ٿو ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 پر جيڪڏهن اسين روشنيءَ ۾ هلون ٿا، جيئن خدا پاڻ روشنيءَ ۾ آهي، تہ پوءِ اسان جو هڪٻئي سان ميل ميلاپ آهي ۽ سندس فرزند عيسيٰ جو رت اسان کي سڀني گناهن کان پاڪ ڪري ٿو ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 پر جيڪڏھن اسين روشنيءَ ۾ ھلون ٿا، جيئن خدا پاڻ بہ روشنيءَ ۾ آھي، تہ پوءِ اسان جي ھڪ ٻئي سان صحبت آھي ۽ سندس فرزند عيسيٰ مسيح جو رت اسان کي سڀني گناھن کان پاڪ ڪري ٿو ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.يوحنا 1:7
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون نور کي پوشاڪ وانگر ٿو پهرين: ۽ آسمان کي پردي وانگي ٿو پکيڙين:


منهنجيءَ بڇڙائيءَ کان مون کي چڱيءَ طرح ڌوءِ، ۽ منهنجي گناهہ کان مونکي صاف ڪر.


ڇو جو تو منهنجيءَ جان کي موت کان ڇڏايو آهي: تو منهنجن پيرن کي ترڪڻ کان بچايو آهي؛ انهيءَ لاءِ تہ آءٌ خدا جي حضور ۾ زندگيءَ جي نور ۾ هلان.


مبارڪ آهي اها اُمت جا خوشيءَ جي آواز کي سمجهي ٿي: اي خداوند اهي تنهنجي چهري جي نور ۾ ٿا هلن.


راستبازن لاءِ روشني، ۽ سچيءَ دل وارن لاءِ سرهائي پوکي ويئي آهي.


اي يعقوب جا گهراڻا اوهين اچو تہ پاڻ خداوند جي روشنائي ۾ هلون.


اتي جي رهاڪن مان ڪو ڪونہ چوندو تہ آءٌ بيمار آهيان: انهي ۾ رهندڙ ماڻهن جون خطائون معاف ڪيون وينديون.


۽ اهو هن منهنجي وات تي رکيو ۽ چوڻ لڳو تہ ڏس، هي تنهنجن چپن کي لڳو آهي ۽ تنهنجو قصور ڪڍيو ويو ۽ تنهنجي گناهہ جو عيوضو ڏنو ويو آهي.


ڀلا ٻہ ماڻهو پاڻ ۾ ٺاهہ ڪرڻ کان سواءِ گڏ هلي سگهندا ڇا؟


انهيءَ ڏينهن دائود جي گهراڻي ۽ يروشلم جي رهاڪن لاءِ، گناهہ ۽ ناپاڪائيءَ جي ڌوئڻ لاءِ هڪڙو چشمو کُلندو.


اسان جا قرض اسان کي معاف ڪر، جيئن اسان بہ پنهنجن قرضين کي معاف ڪيو آهي.


ٻئي ڏينهن هن يسوع کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي چيو، تہ ڏسو خدا جو گهيٽو، جو جهان جو گناهہ کڻي ٿو وڃي!


تڏهن يسوع چين تہ اڃا ٿوري ساعت نُور اوهان وٽ آهي، جيسين نُور اوهان وٽ آهي، تيسين نُور ۾ هلو تہ متان اونداهي نہ اچي مٿان پئيوَ. ۽ جيڪو اونداهيءَ ۾ ٿو هلي، تنهن کي خبر ئي ڪانہ ٿي پوي تہ ڪيڏانهن ٿو وڃان.


ڇالاءِ جو ڪنهن ڪنهن مهل هڪڙو ملائڪ انهي تلاءَ ۾ لهي اچي پاڻيءَ ۾ چرپر ڪندو هو، ۽ پاڻيءَ جي اُڇل کانپوءِ جيڪو انهي تلاءَ ۾ پهرين گهڙندو هو، تنهن کي جيڪا بہ بيماري هوندي هئي، تنهن کان ڇُٽي پوندو هو.)


رات گهڻي گذري ويئي آهي، ۽ ڏينهن ٿيڻ تي آهي: تنهنڪري اچو تہ اوندهہ جا ڪم ڇڏي سوجهري جا هٿيار ٻَڌون.


۽ اوهان مان ڪي اهڙا ئي هئا، پر اوهين خداوند يسوع مسيح جي نالي سان ۽ اسان جي خدا جي روح سان ڌوپي ويا، ۽ پاڪ ٿي ويا، ۽ راستباز ٺهرايا ويا.


۽ انهي ۾ اسان کي سندس رت جي وسيلي ڇوٽڪارو مليو آهي؛ يعني سندس فضل جي دولت موافق اسانجن گناهن جي معافي ملي آهي.


ڇالاءِ جو اوهين اڳي اوندهہ هئا، پر هاڻي خداوند ۾ روشني ٿيا آهيو: سو روشنيءَ جي ٻارن وانگر هلو،


بقا فقط انهي کي ئي آهي، ۽ هو انهي روشنيءَ ۾ ٿو رهي، جنهن تائين ڪوبہ پهچي نٿو سگهي؛ جنهن کي نہ ڪنهن ماڻهوءَ ڏٺو آهي، نڪو ڏسي ٿو سگهي؛ انهي جي عزت ۽ قدرت شل هميشہ تائين رهي. آمين.


جنهن پاڻ کي اسان جي واسطي قربان ڪيو تہ اسان کي هر قسم جي بي دينيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنهنجي خاص ملڪيت لاءِ هڪڙي اهڙي اُمت بنائي، جا نيڪ ڪمن ۾ سرگرم هجي.


تہ مسيح، جنهن ابدي روح جي وسيلي پاڻ کي خدا جي اڳيان بي عيب قرباني ڪري ڏنو، تنهن جو رت ڪيترو نہ وڌيڪ مُردار ڪمن کان اوهان جي دلين کي پاڪ ڪندو تہ زندہ خدا جي عبادت ڪريو.


سڀڪا چڱي بخشش ۽ سڀڪو ڪامل انعام مٿان ٿو اچي، يعني روشنيءَ جي ابي وٽان ٿو لهي، جنهن ۾ ڪنهن بہ طرح جي ڦير گهير ٿي نٿي سگهي، منجهس ڦرڻ جو پاڇو ئي ڪونهي.


پر هڪڙي بي عيب ۽ بي داغ گهيٽي جي قيمتي رت سان ملي، يعني مسيح جي رت سان.


جيڪي اسان ڏٺو ۽ ٻُڌو آهي، سو اوهان کي بہ ٻُڌايون ٿا، تہ اوهين بہ اسان سان شريڪ ٿيو: ۽ اسان جي شراڪت پيءُ سان، ۽ سندس فرزند يسوع مسيح سان آهي.


۽ جيڪو پيغام اسان هن کان ٻُڌو، سو هي آهي ۽ اوهان کي ڏيون ٿا، تہ خدا روشني آهي، ۽ منجهس اوندهہ اصل ڪانهي.


هي اهو ئي آهي جو پاڻيءَ ۽ رت سان آيو، يعني يسوع مسيح. نہ رڳو پاڻيءَ سان، پر پاڻي ۽ رت ٻنهي سان.


ڇالاءِ جو شاهدي ڏيڻ وارا ٽي آهن: روح، پاڻي ۽ رت: ۽ اهي ٽيئي هڪڙي ئي ڳالهہ ٿا ڪن.


آئون ڏاڍو خوش ٿيس جو جيئن اسان کي پيءُ کان حڪم مليو تيئن ئي مون تنهنجن ٻارن مان ڪن کي حق تي هلندو ڏٺو آهي.


منهنجي لاءِ انهي کان وڌيڪ ٻي خوشي ڪانهي تہ آئون پنهنجن ٻارن بابت ٻُڌان تہ اهي سچ جي پيروي پيا ڪن.


۽ يسوع مسيح وٽان، جو سچو شاهد، ۽ جيڪي مُئلن مان جيئرا ٿيا تن ۾ پهريتو، ۽ زمين جي بادشاهن تي حڪم هلائيندڙ آهي. جو اسان کي پيار ٿو ڪري، ۽ جنهن پنهنجي رت سان اسان کي گناهن کان آزاد ڪيو؛


۽ هو گهيٽي جي رت جي وسيلي ۽ پنهنجي شاهديءَ جي ڪلام ڪري مٿس غالب پيا، ڇالاءِ جو هنن موت تائين پنهنجو ساهہ پيارو نہ سمجهيو.


۽ مون هن کي چيو تہ اي منهنجا سائين، تون ئي ٿو ڄاڻين. ۽ هن مون کي چيو تہ هي اُهي آهن، جي انهيءَ وڏيءَ مصيبت مان نڪري آيا آهن، ۽ انهن پنهنجا ڪپڙا ڌوتا ۽ گهيٽي جي رت ۾ اڇا ڪيا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ