Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.يوحنا 1:5 - Sindhi Bible

5 ۽ جيڪو پيغام اسان هن کان ٻُڌو، سو هي آهي ۽ اوهان کي ڏيون ٿا، تہ خدا روشني آهي، ۽ منجهس اوندهہ اصل ڪانهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 هاڻي جيڪو سنديش اسان يسوع مسيح کان ٻڌو آهي، سو اوهان کي ٻڌايون ٿا تہ ”ايشور روشني آهي ۽ منجھس اوندهہ تہ اصل آهي ئي ڪانہ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 هاڻي جيڪو پيغام اسان عيسيٰ مسيح کان ٻڌو آهي، سو اوهان کي ٻڌايون ٿا تہ ”خدا روشني آهي ۽ منجھس اوندهہ تہ اصل آهي ئي ڪانہ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 ھاڻي، جيڪو پيغام اسان سندس فرزند کان ٻڌو آھي، سو اوھان کي ڏيون ٿا تہ ”خدا روشني آھي ۽ منجھس اوندھہ تہ اصل آھي ئي ڪانہ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.يوحنا 1:5
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ بہ اوندهہ توکان ڪين لڪائيندي، بلڪ رات بہ ڏينهن وانگر روشن آهي: تنهنجي اڳيان اوندهہ توڙي سوجهرو ٻئي برابر هڪ جهڙا آهن.


خداوند منهنجي روشني ۽ منهنجي نجات آهي؛ آءٌ ڪنهن کان ڊڄان؟ خداوند منهنجيءَ حياتيءَ جو زور آهي؛ آءٌ ڪنهن جو ڊپ رکان؟


ڇو جو تو وٽ زندگيءَ جو چشمو آهي: ۽ اسين تنهنجي سوجهري ۾ سوجهرو ڏسنداسين.


ڇو جو خداوند خدا سج ۽ ڍال آهي: خداوند فضل ۽ جلال ٿو بخشي: جيڪي سچائيءَ تي ٿا هلن تن کان هو ڪابہ چڱي شيءِ روڪي ڪين رکندو.


اي يعقوب جا گهراڻا اوهين اچو تہ پاڻ خداوند جي روشنائي ۾ هلون.


اڳتي وري توکي ڏينهن جي سوجهري لاءِ سج جي ضرورت ڪانہ پوندي، نڪي چنڊ روشنائيءَ لاءِ توتي چمڪندو: پر خداوند تو لاءِ هميشہ جي روشني ٿيندو، ۽ تنهنجو خدا تنهنجو جلال ٿيندو.


هو اونهيون ۽ ڳجهيون ڳالهيون ظاهر ڪري ٿو: هن کي خبر آهي تہ اونداهي ۾ ڇا آهي، ۽ روشنائي انهيءَ وٽ رهي ٿي.


۽ يوحنا جي شاهدي هيءَ آهي، تہ جڏهن يهودين يروشلم مان ڪاهن ۽ لاوي وٽس موڪليا، تہ پڇي اچوس تہ تون ڪير آهين:


هن ۾ زندگي هئي؛ ۽ اُها زندگي ماڻهن جو نُور هئي.


سچو نُور جو هرهڪ انسان کي روشن ٿو ڪري، سو جهان ۾ اچڻو هو.


وري يسوع کين چيو تہ جهان جو سوجهرو آئون آهيان، جيڪو منهنجي پيروي ٿو ڪري، سو اونداهيءَ ۾ ڪين هلندو، بلڪ زندگيءَ جو سوجهرو ملندس.


جيسين آئون جهان ۾ آهيان، تيسين آئون جهان جو سوجهرو آهيان.


ڇالاءِ جو اها ڳالهہ مون کي خداوند کان ملي، ۽ مون اوهان کي پهچائي ڏني، تہ ڪهڙيءَ طرح جنهن رات خداوند يسوع حوالي ڪيو ويو، هن ماني کنئي،


بقا فقط انهي کي ئي آهي، ۽ هو انهي روشنيءَ ۾ ٿو رهي، جنهن تائين ڪوبہ پهچي نٿو سگهي؛ جنهن کي نہ ڪنهن ماڻهوءَ ڏٺو آهي، نڪو ڏسي ٿو سگهي؛ انهي جي عزت ۽ قدرت شل هميشہ تائين رهي. آمين.


سڀڪا چڱي بخشش ۽ سڀڪو ڪامل انعام مٿان ٿو اچي، يعني روشنيءَ جي ابي وٽان ٿو لهي، جنهن ۾ ڪنهن بہ طرح جي ڦير گهير ٿي نٿي سگهي، منجهس ڦرڻ جو پاڇو ئي ڪونهي.


ڇالاءِ جو هي اهوئي پيغام آهي جو شروعات کان وٺي اوهان ٻُڌو، تہ اوهان کي گهرجي تہ هڪٻئي کي پيار ڪريو،


۽ انهي شهر کي روشنيءَ لاءِ سج جي گهُرج ڪانہ هئي، نڪا چنڊ جي؛ ڇالاءِ جو خدا جو جلال کيس روشن ٿو ڪري، ۽ گهيٽو سندس چراغ آهي.


۽ اڳتي وري رات ڪانہ ٿيندي؛ ۽ انهن کي چراغ يا سج جي روشنيءَ جي ضرورت ڪانہ پوندي، ڇالاءِ جو خداوند خدا انهن کي روشنائي ڏيندو؛ ۽ اُهي هميشہ تائين بادشاهي ڪندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ