Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.يوحنا 1:1 - Sindhi Bible

1 زندگيءَ جو ڪلام، جو شروعات کان وٺي هو، جو اسان ٻُڌو، ۽ پنهنجين اکين سان ڏٺو، ۽ جو اسان غور سان ڏٺو ۽ هٿن سان ڇهيو، تنهن بابت

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 اسين اوهان ڏانهن جيون جي وچن بابت لکون ٿا، جيڪو شروعات کان وٺي هو. اسان اهو ٻڌو ۽ پنهنجين اکين سان ڏٺو آهي. هائو، اسان نہ رڳو ڏٺو آهي بلڪ پنهنجن هٿن سان ڇهيو بہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 اسين اوهان ڏانهن زندگيءَ جي ڪلام بابت لکون ٿا، جيڪو شروعات کان وٺي هو. اسان اهو ٻڌو ۽ پنهنجين اکين سان ڏٺو آهي. هائو، اسان نہ رڳو ڏٺو آهي بلڪ پنهنجن هٿن سان ڇهيو بہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 اوھان ڏانھن اسين زندگيءَ جي ڪلام بابت لکون ٿا، جيڪو شروعات کان وٺي ھو. اسان اھو ٻڌو ۽ پنھنجين اکين سان ڏٺو آھي. ھائو، اسان نہ رڳو ڏٺو آھي بلڪ پنھنجن ھٿن سان ڇھيو بہ آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.يوحنا 1:1
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪنهن اُهو ڪم ڪيو آهي، ۽ پيڙهين کي شروعات کان سڏيو آهي؟ مون خداوند، جو اول ۽ آخر آهيان، اهو مون ڪيو آهي.


پر اي بيت الحم افراتاہ، تون جو يهوداہ جي قبيلن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ننڍڙو آهين، تہ بہ تو مان هڪڙو شخص نڪرندو، ۽ منهنجي لاءِ اسرائيل جو حاڪم ٿيندو؛ ۽ هن جو اصل قديم وقت کان بلڪ هميشہ کان آهي.


۽ جهڙيءَ طرح جن شروع کان ئي پاڻ پنهنجين اکين سان ڏٺو، ۽ ڪلام جا خادم هئا، تن اهي اسان کي سونپي ڏنيون،


منهنجا هٿ ۽ پير ڏسو، تہ آئون اُهوئي آهيان؛ هٿ لائي ڏسوم؛ ڇالاءِ تہ جهڙا هڏا ۽ گوشت مون ۾ ٿا ڏسو، تهڙا روح ۾ ڪونہ ٿيندا آهن.


۽ جنهن ڏٺو آهي، تنهن شاهدي ڀري آهي، ۽ سندس شاهدي سچي آهي: ۽ هن کي خبر آهي تہ هو سچ ٿو چوي، انهي لاءِ تہ اوهين پاڻ ايمان آڻيو.


تڏهن توما کي چيائين تہ پنهنجي آڱر هيڏانهن ڪري منهنجا هٿ ڏس، ۽ پنهنجو هٿ هيڏانهن ڪري منهنجيءَ پاسريءَ ۾ وجهہ، ۽ بي ايمان نہ ٿيءُ، پر ايمان آڻ.


ڇالاءِ تہ جيئن پيءُ کي خود پاڻ ۾ زندگي آهي، تيئن هن پٽ کي بہ بخشيو آهي تہ منجهس زندگي هجي:


يسوع چين تہ اوهان کي سچ سچ ٿو چوان، تہ ابراهيم پيدا ٿيو، تنهن کان اڳي آئون آهيان.


۽ هن کين پنهنجي ڏک سهڻ کان پوءِ ڪيترين ئي ثابتين سان پاڻ کي جيئرو ڏيکاريو، جيئن تہ چاليهن ڏينهن تائين هنن کي پاڻ ڏيکاريندو رهيو، ۽ خدا جي بادشاهت جون ڳالهيون ڪندو رهيو:


ڇالاءِ جو ٿيڻي نہ آهي تہ جيڪي ڳالهيون اسان ڏٺيون ۽ ٻُڌيون آهن، سي نہ ڪريون.


تہ پوءِ جيڪڏهن هيڏيءَ وڏيءَ نجات کان غافل رهياسين، تہ ڪيئن ڇُٽي سگهنداسين؟ جنهن جو بيان پهرين خداوند جي وسيلي ڪيو ويو هو، ۽ جن اُهو ٻُڌو، تن اسان وٽ انهي جي ثابتي ڏني؛


۽ اسان ڏٺو آهي ۽ شاهدي ٿا ڀريون، تہ پيءُ پٽ کي موڪليو آهي تہ جهان جو نجات ڏيندڙ ٿئي.


۽ جيڪو شاهدي ٿو ڏئي، سو روح آهي، ڇوتہ روح حق آهي.


جنهن چيو تہ جيڪي تون ڏسين ٿو سو ڪتاب ۾ لک، ۽ اُهو ستن ئي ڪليسيائن ڏانهن ڏياري موڪل؛ يعني افسس ڏانهن، ۽ سمرنہ ڏانهن، ۽ پرگمن ڏانهن، ۽ ٿواتيرہ ڏانهن، ۽ سرديس ڏانهن، ۽ فلدلفيہ ڏانهن، ۽ لوديڪيہ ڏانهن.


خداوند خدا، جو آهي، ۽ جو هو، ۽ جو اچڻو آهي، اُهو قادر مطلق فرمائي ٿو تہ آئون الفا ۽ اوميگا آهيان.


۽ هن جا ڪپڙا رت سان ڀريل آهن، ۽ هن جو نالو ”خدا جو ڪلام“ آهي.


۽ سمرنہ واريءَ ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن لک، تہ جيڪو اول ۽ آخر آهي، ۽ جو مري ويو هو ۽ وري جيئرو ٿيو، سو چوي ٿو تہ


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ