Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 9:6 - Sindhi Bible

6 يا فقط مون کي ۽ برناباس کي اهو اختيار ڪونهي تہ پورهئي ڪرڻ کان نہ ڇُٽون؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 ڇا رڳو منهنجي ۽ برنباس جي لاءِ ئي ضروري آهي تہ اسين پورهيو ڪري گذارو ڪريون؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 ڇا رڳو منهنجي ۽ برنباس جي لاءِ ئي ضروري آهي تہ اسين پورهيو ڪري گذارو ڪريون؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 يا رڳو مون کي ۽ برنباس کي گذر سفر لاءِ پورھيو ڪرڻ گھرجي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 9:6
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اسين منٿ ٿا ڪريون، تہ اسان کي ڇڏ تہ اسين يردن ڏي وڃون ۽ اُتان هرڪو هڪڙي ڪام کڻي، ۽ پوءِ اُتي اسين پنهنجي رهڻ لاءِ هڪڙي جاءِ جوڙيون. تڏهن هن ورندي ڏيئي چيو تہ ڀلي وڃو.


پنهنجن پٽن ۽ پنهنجي چوپائي مال مان پهريان ڄاول بہ، جيئن شريعت ۾ لکيل آهي، ۽ پنهنجن ڌڻن ۽ گلن جا پهريان ڄاول ڦر بہ، پنهنجي خدا جي گهر ۾، اُنهن ڪاهنن وٽ آڻيون، جي اسان جي خدا جي گهر ۾ خدمت ٿا ڪن:


۽ سندن هيءَ خبر يروشلم واريءَ ڪليسيا جي ڪنن تائين وڃي پهتي: ۽ اُنهن برناباس کي انتاڪيہ تائين موڪليو.


پر يهودين خدا پرست آبروءَ وارين زالن کي، ۽ شهر جي مکيہ ماڻهن کي چوريو، ۽ پولس ۽ برناباس تي ظلم کڙو ڪرايو، ۽ هنن کي پنهنجي سرحد کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيائون.


۽ هنن برناباس جي نالي چيو تہ هيءُ زيوس آهي، ۽ پولس جي نالي چيو تہ هي هرميس آهي؛ ڇالاءِ جو اُهو مکيہ ڳالهائڻ وارو هو.


۽ جيئن تہ سندن ڌنڌو ساڳيو ئي هو، تنهنڪري وڃي ساڻن رهيو ۽ اُهي گڏجي ڪم ڪرڻ لڳا؛ ڇو جو هو تنبو جوڙيندا هئا.


۽ يوسف جنهن کي رسولن برناباس جو لقب ڏنو هو، (جنهن جي معنيٰ آهي نصيحت جو پٽ) ۽ جو ليوي هو، ۽ جنهن جو وطن ڪپرس هو،


پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو تڪراري ڏسڻ ۾ اچي تہ انهي کي چئجو تہ اهو اسان جو دستور نہ آهي، نڪي خدا جي ڪليسيائن جو آهي.


مون ٻين ڪليسيائن کي ڦريو جو کانئن اُجورو ورتم، انهي لاءِ تہ اوهان جي خدمت ڪريان.


ڇالاءِ جو، اي ڀائرو، اوهان کي اسان جي محبت ۽ مشقت ياد هوندي: جو اسان رات ڏينهن پورهيو ڪري اوهان کي خدا جي خوشخبري ٻُڌائي، تہ متان اوهان مان ڪنهن تي بوجو ٿي پئون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ