Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 9:5 - Sindhi Bible

5 اسان کي اهو اختيار ناهي ڇا تہ جيئن ٻيا رسول، ۽ خداوند جا ڀائر ۽ ڪيفاس ٿا ڪن، تيئن ڪنهن مسيحي زال سان شادي ڪري کيس پاڻ سان رکون؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 ڇا اسان جو اهو حق نہ آهي تہ اسان مان هر ڪو وشواسي ناري پرڻجي ۽ کيس پاڻ سان گڏ وٺي هلندو رهي، جيئن پرڀوءَ جا ڀائر، پطرس ۽ ٻيا سنت ڪن ٿا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 ڇا اسان جو اهو حق نہ آهي تہ اسان مان هر ڪو هم‌ايمان عورت پرڻجي ۽ کيس پاڻ سان گڏ وٺي هلندو رهي، جيئن خداوند جا ڀائر، پطرس ۽ ٻيا رسول ڪن ٿا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 اسان جو اھو حق نہ آھي ڇا تہ پنھنجين ديندار زالن کي پاڻ سان گڏ گھمائيندا رھون، جيئن ٻيا رسول، خداوند جا ڀائر ۽ پطرس جن ڪن ٿا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 9:5
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منهنجي ڀيڻ، منهنجي ڪنوار، بند ٿيل باغ، يا بند ٿيل چشمو يا مهر ٿيل حوض آهي.


هي هن واڍي جو پٽ نہ آهي ڇا؟ سندس ماءُ جو نالو مريم نہ آهي ڇا؟ ۽ سندس ڀائر يعقوب ۽ يوسف ۽ شمعون ۽ يهوداهہ نہ آهن ڇا؟


۽ جڏهن يسوع پطرس جي گهر آيو، تڏهن ڏٺائين تہ سندس سس تپ جي ڪري بيمار پيئي آهي.


اتي شمعون جي سس تپي پيئي هئي، جنهن جي هنن کيس يڪدم خبر ڏني.


هي اُهو واڍو نہ آهي ڇا، جو مريم جو پٽ، ۽ يعقوب، ۽ يوسيس، ۽ يهوداہ، ۽ شمعون جو ڀاءُ آهي؟ ۽ هن جون ڀينرون هتي اسان وٽ ڪينهن ڇا؟ سو هنن کيس قبول نہ ڪيو.


۽ متي ۽ ٿوما، حلفيءَ جو پٽ يعقوب ۽ شمعون جنهن کي زيلوتيس ڪري سڏيندا هئا،


تنهن تي ڪن چيس، تہ تنهنجي ماءُ ۽ تنهنجا ڀائر ٻاهر بيٺا آهن، ۽ توکي گڏجڻ ٿا چاهين.


هو کيس يسوع وٽ وٺي آيو. يسوع هن ڏانهن نهاري چيو تہ تون يوحنا جو پٽ شمعون آهين، تون ڪيفا، يعني پطرس ڪري سڏبين.


تنهن کانپوءِ هو ڪفرناحوم ۾ ويو، پاڻ ۽ سندس ماءُ، ۽ ڀائر، ۽ سندس شاگرد: ۽ هو اُتي گهڻا ڏهاڙا نہ رهيا.


اِهي مڙيئي، ۽ جيڪي زالون اُتي هيون، ۽ يسوع جي ماءُ مريم، ۽ سندس ڀائر، هڪ دل ٿي عبادت ڪرڻ ۽ دعا گهُرڻ ۾ مشغول رهندا هئا.


آئون اوهان کي فيبيءَ جي سفارش ٿو ڪريان، جا اسان جي ڀيڻ ۽ ڪنخريہ جي خادمہ آهي،


هاڻي منهنجو مطلب هي آهي تہ اوهان مان ڪو پيو چوي تہ آئون پولس جو آهيان، ۽ ڪو تہ آئون اپلوس جو آهيان، ۽ ڪو تہ آئون ڪيفاس جو آهيان، ۽ ڪو تہ آئون مسيح جو آهيان.


پر جي ٻئي دين وارو ساٿي ڌار ٿيڻ گهُري تہ ڀلي ڌار ٿئي؛ اهڙيءَ حالت ۾ ڪو ڀاءُ يا ڀيڻ ٻَڌل نہ آهي. ڇالاءِ جو خدا اسان کي اطمينان جي لاءِ سڏيو آهي.


زال ايتري عرصي تائين مڙس سان ٻَڌل آهي، جيستائين هو جيئرو آهي پر جڏهن مڙس مري ٿو وڃي، تڏهن آزاد ٿي ٿئي، پوءِ جنهن سان وڻيس تنهن سان پرڻجي، پر رڳو خداوند ۾.


انهي هوندي بہ منهنجي اها خواهش آهي تہ سڀ ماڻهو مون جهڙا هجن. پر هرهڪ ماڻهوءَ کي خدا کان پنهنجي پنهنجي بخشش ملي آهي، هڪڙي کي هِن طرح، ٻئي کي هُن طرح.


پر ڪنوارين ۽ بيوهہ زالن کي منهنجو چوڻ آهي تہ جيئن آئون اڪيلو ٿو رهان، تيئن هو بہ رهن تہ چڱو آهي.


پر خداوند جي ڀاءُ يعقوب کانسواءِ ٻئي ڪنهن رسول کي مون ڪونہ ڏٺو.


تنهنڪري نگهبان کي گهرجي تہ بنا الزام هڪڙيءَ زال جو مڙس، پرهيزگار، سنجيدو، باقاعدي هلڻ وارو، مهمان نواز، تعليم ڏيڻ ۾ ماهر؛


اُهي شادي ڪرڻ کان منع ڪندا، ۽ انهن کاڌن کائڻ کان پرهيز ڪندا، جي خدا انهي لاءِ پيدا ڪيا آهن تہ ايماندار ۽ حق سڃاڻڻ وارا، اُهي شڪرگذاريءَ سان کائين.


وڏيءَ عمر وارين زالن کي مائون ڪري ڄاڻ، ۽ جوان زالن کي پوريءَ پاڪيزگيءَ سان ڀينرن وانگر سمجهہ.


جي بي الزام هجن، ۽ هڪڙي ئي زال هجينِ، ۽ سندن ٻار ايمان وارا هجن، ۽ مٿن بدچاليءَ يا سرڪشيءَ جي تهمت نہ آيل هجي.


سڀني کي سمجهڻ گهرجي تہ شادي وڏي عزت جي ڳالهہ آهي، ۽ بسترو بي داغ رهي؛ ڇالاءِ جو زناڪارن ۽ حرامڪارن کي خدا سزا ڏيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ