Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 9:23 - Sindhi Bible

23 ۽ آئون انجيل جي واسطي سڀ ڪجهہ ٿو ڪريان، تہ انهيءَ جي بخشش ۾ حصيدار ٿيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

23 اهو سڀ ڪجھہ آءٌ خوشخبريءَ جي خاطر ٿو ڪريان تہ جيئن انهيءَ جي آسيسن ۾ حصيدار ٿيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 اهو سڀ ڪجھہ آءٌ خوشخبريءَ جي خاطر ٿو ڪريان تہ جيئن انهيءَ جي برڪتن ۾ حصيدار ٿيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

23 اھو سڀ ڪجھہ آءٌ خوشخبريءَ جي خاطر ٿو ڪريان تہ جيئن انھيءَ جي بخشش ۾ حصيدار ٿيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 9:23
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو جيڪو ڀانئين ٿو تہ پنهنجي جان بچايان، سو اُها وڃائيندو؛ ۽ جيڪو منهنجي واسطي ۽ انجيل جي واسطي پنهنجي جان وڃائيندو، سو اُها بچائيندو.


پر جي ڪي ٽاريون ڀڃي ڇڏيون ويون، ۽ تون جهنگلي زيتون ٿي انهن ۾ پيوند ڪيو وئين، ۽ زيتون جي وڻ جي سڻڀيءَ رس واريءَ پاڙ ۾ هنن سان شريڪ ٿي وئين؛


جيڪڏهن ٻين کي اوهان جي مٿان اهو اختيار آهي تہ اسان کي انهي کان وڌيڪ نہ آهي ڇا؟ انهي هوندي بہ اسان اهو اختيار نہ هلايو، پر اسين سڀ ڪجهہ برداشت ٿا ڪريون، انهي لاءِ تہ مسيح جي خوشخبري ڦهلائڻ ۾ ڪا رنڊڪ نہ وجهون.


ڪمزورن جي لاءِ آئون ڪمزور ٿيس تہ ڪمزورن کي بچايان، آئون سڀني ماڻهن جي لاءِ سڀ ڪجهہ ٿيو آهيان، تہ هر طرح سان ڪن کي بچايان.


اوهان کي خبر ڪانهي ڇا تہ شرط ۾ ڊوڙڻ وارا تہ سڀيئي ٿا ڊوڙن، مگر انعام فقط هڪڙي کي ٿو ملي؟ اوهين بہ اهڙيءَ طرح ڊوڙو جو انعام حاصل ڪريو.


ڇالاءِ جو مون ڏاڍي ڏک ۽ دلگيريءَ سان، گهڻا ڳوڙها ڳاڙي اوهان ڏانهن لکيو؛ نہ انهي لاءِ تہ اوهين غمگين ٿيو، پر انهي لاءِ تہ جيڪا گهڻي محبت مون کي اوهان سان آهي سا اوهان کي معلوم ٿئي.


اُنهن جا اسين تابعدار نہ ٿياسين؛ نہ، هڪڙي گهڙي بہ نہ ٿياسين؛ انهي لاءِ تہ انجيل جي سچائي اوهان ۾ قائم رهندي اچي.


تنهنڪري آئون چونڊيلن جي خاطر سڀ ڪجهہ ٿو سهان، انهي لاءِ تہ جيڪا نجات مسيح يسوع ۾ آهي، سا هو بہ ابدي جلال سان حاصل ڪن.


هاري بہ جيڪو پورهيو ڪري ٿو، تنهن کي سڀ کان اڳي پيدائش مان حصو ملڻ گهرجي.


تنهنڪري اي پاڪ ڀائرو، جي آسماني ڪوٺ ۾ شريڪ آهيو، اوهين انهي رسول ۽ سردار ڪاهن تي، يعني يسوع تي غور ڪريو، جنهن کي اسين مڃون ٿا.


ڇالاءِ جو اسين مسيح ۾ شريڪ ٿيا آهيون، بشرطيڪ جيڪو يقين اسان کي شروع ۾ هو، تنهن تي توڙ تائين وفاداريءَ سان قائم رهندا اچون؛


تنهنڪري اوهان ۾ جيڪي بزرگ آهن، تن کي آئون نصيحت ٿو ڪريان، جو آئون بہ اُنهن منجهان هڪڙو ۽ مسيح جي ڏکن جو شاهد آهيان، ۽ جيڪو جلال ظاهر ٿيڻ وارو آهي، تنهن ۾ بہ شريڪ آهيان؛


جيڪي اسان ڏٺو ۽ ٻُڌو آهي، سو اوهان کي بہ ٻُڌايون ٿا، تہ اوهين بہ اسان سان شريڪ ٿيو: ۽ اسان جي شراڪت پيءُ سان، ۽ سندس فرزند يسوع مسيح سان آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ