Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 9:18 - Sindhi Bible

18 تڏهن منهنجو اُجورو ڪهڙو ٿيو؟ اهو تہ جڏهن انجيل جي منادي ڪريان تڏهن اُها مفت ٻُڌايان، ۽ انجيل جي نسبت ۾ جيڪو منهنجو حق آهي، سو پوريءَ طرح ڪم نہ آڻيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 تہ پوءِ منهنجو لاڀ ڪهڙو آهي؟ اهو ئي تہ خوشخبريءَ جو مفت پرچار ڪريان ۽ پنهنجي انهيءَ حق جو فائدو حاصل نہ ڪريان جيڪو مون کي انهيءَ جي پرچار ڪرڻ سان حاصل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 تہ پوءِ منهنجو اجورو ڪهڙو آهي؟ اهو ئي تہ خوشخبريءَ جي مفت منادي ڪريان ۽ پنهنجي انهيءَ حق جو فائدو حاصل نہ ڪريان جيڪو مون کي انهيءَ جي منادي ڪرڻ سان حاصل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 تہ پوءِ منھنجو اجورو اھو آھي تہ جڏھن خوشخبريءَ جي منادي ڪريان، تڏھن اھا مفت ٻڌايان ۽ خوشخبريءَ جي ٻڌائڻ ۾ جيڪي منھنجا حق آھن سي پوريءَ طرح ڪم نہ آڻيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 9:18
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

لاهياري کي لائي ٿي ملي، ۽ هو هميشہ جي زندگيءَ لاءِ ڦل ٿو گڏ ڪري؛ تہ ڇا پوکڻ وارو، ۽ ڇا لُڻڻ وارو، ٻئي گڏجي سرها ٿين.


۽ جيئن تہ سندن ڌنڌو ساڳيو ئي هو، تنهنڪري وڃي ساڻن رهيو ۽ اُهي گڏجي ڪم ڪرڻ لڳا؛ ڇو جو هو تنبو جوڙيندا هئا.


ڇالاءِ جو جيڪڏهن تنهنجي ڀاءُ کي تنهنجي کاڌي ڪري رنج ٿو ٿئي، تہ پوءِ تون اڃا پيار جي قاعدي تي نٿو هلين. جنهن شخص جي خاطر مسيح پنهنجي جان ڏني، تنهن کي تون پنهنجي کاڌي جي سبب برباد نہ ڪر.


جهڙيءَ طرح آئون سڀ ڪنهن کي سڀني ڳالهين ۾ راضي ٿو ڪريان، ۽ پنهنجي فائدي جو نہ، پر گهڻن جي فائدي جو طالب آهيان، انهي لاءِ تہ نجات ملينِ.


هاڻي جيڪو پوکي ٿو ۽ جيڪو پاڻي ڏئي ٿو، سي ٻئي هڪ آهن، ۽ هر ڪنهن کي سندس پورهئي موجب اُجورو ملندو.


جيڪي دنياداريءَ ۾ آهن سي انهي ۾ غلطان نہ ٿين، ڇالاءِ جو هن دنيا جو ڍنگ مٽجندو ٿو وڃي.


پر خبردار رهو متان اوهان جي هن آزاديءَ جي ڪري جيڪي بہ ايمان ۾ ڪمزور آهن سي گمراهہ ٿي وڃن.


جيڪڏهن ٻين کي اوهان جي مٿان اهو اختيار آهي تہ اسان کي انهي کان وڌيڪ نہ آهي ڇا؟ انهي هوندي بہ اسان اهو اختيار نہ هلايو، پر اسين سڀ ڪجهہ برداشت ٿا ڪريون، انهي لاءِ تہ مسيح جي خوشخبري ڦهلائڻ ۾ ڪا رنڊڪ نہ وجهون.


پر مون اهو رستو استعمال ڪونہ ڪيو آهي، ۽ آئون هي ڳالهيون انهي لاءِ نٿو لکان تہ منهنجي نسبت ۾ ائين ڪرڻ ۾ اچي. متان ڪو ماڻهو منهنجو فخر کسي وٺي تنهن کان منهنجي لاءِ مرڻ بهتر آهي.


ڇالاءِ تہ جي آئون پنهنجي مرضيءَ سان ائين ٿو ڪريان تہ انهي جو مون کي اُجورو ٿو ملي، پر جي پنهنجي مرضيءَ کانسواءِ ٿو ڪريان تہ پوءِ اِها مختياري مون کي سونپيل آهي.


ڇالاءِ جو اسين پنهنجي منادي نٿا ڪريون، پر مسيح يسوع جي منادي ٿا ڪريون تہ هو خداوند آهي، ۽ پنهنجي لاءِ هيئن ٿا چئون تہ يسوع جي خاطر اوهان جا خادم آهيون.


جيتوڻيڪ اسين مسيح جا رسول ٿي اوهان تي بار وجهي ٿي سگهياسين، پر تڏهن بہ اسان ماڻهن کان عزت ڪانہ گهُري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ