Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 9:14 - Sindhi Bible

14 انهيءَ طرح خداوند بہ ائين ٺهرايو آهي، تہ جيڪي انجيل جي منادي ٿا ڪن، تن جو گذران انجيل جي ڪري ئي ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 ساڳيءَ طرح پرڀو يسوع بہ اهو بندوبست ڪيو آهي تہ خوشخبريءَ جو پرچار ڪرڻ وارن کي خوشخبريءَ جي وسيلي گذران ڪرڻ گھرجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 ساڳيءَ طرح خداوند عيسيٰ بہ اهو بندوبست ڪيو آهي تہ خوشخبريءَ جي منادي ڪرڻ وارن کي خوشخبريءَ جي وسيلي گذران ڪرڻ گھرجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 ساڳيءَ طرح خداوند حڪم ڏنو آھي تہ خوشخبريءَ جي منادي ڪرڻ وارن کي خوشخبريءَ جي وسيلي گذران ڪرڻ گھرجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 9:14
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پنهنجي مسافريءَ لاءِ جهولي نہ کڻجو، ۽ نڪي ٻہ ڪوٽ، نڪي جُتي، نڪي لٺ؛ ڇالاءِ جو پورهيت پنهنجي کاڌي جو حقدار آهي.


پوءِ اُنهي گهر ۾ ٽڪي پئجو، ۽ جيڪي ڪي اوهان کي ڏين، سو کائيندا پيئندا رهجو، ڇوتہ مزور پنهنجيءَ مزوريءَ جو حقدار آهي. گهر گهر نہ گهُمجو.


۽ جنهن جنهن شهر ۾ وڃو، ۽ اُتي ماڻهو اوهان کي قبول ڪن، تہ جيڪي ڪي اوهان جي اڳيان آڻي رکن سو کائجو:


۽ جيئن تہ سندن ڌنڌو ساڳيو ئي هو، تنهنڪري وڃي ساڻن رهيو ۽ اُهي گڏجي ڪم ڪرڻ لڳا؛ ڇو جو هو تنبو جوڙيندا هئا.


ڇالاءِ تہ جيتوڻيڪ اوهان کي مسيح ۾ ڏهہ هزار اُستاد هجن تہ بہ اوهان جا گهڻا ابا ناهن. ڇالاءِ جو خوشخبريءَ جي وسيلي آئون ئي اوهان جو مسيح يسوع ۾ پيءُ ٿيس.


جيڪڏهن اسان اوهان لاءِ روحاني شيون پوکيون، تہ اها ڪا وڏي ڳالهہ آهي ڇا تہ اسين اوهان جي جسماني شين ۾ حصيدار ٿيون؟


جيڪڏهن ٻين کي اوهان جي مٿان اهو اختيار آهي تہ اسان کي انهي کان وڌيڪ نہ آهي ڇا؟ انهي هوندي بہ اسان اهو اختيار نہ هلايو، پر اسين سڀ ڪجهہ برداشت ٿا ڪريون، انهي لاءِ تہ مسيح جي خوشخبري ڦهلائڻ ۾ ڪا رنڊڪ نہ وجهون.


ڇالاءِ جو جيڪڏهن آئون انجيل جي منادي ٿو ڪريان، تہ مون کي فخر ڪرڻ جو سبب ڪونهي، ڇالاءِ جو اهو منهنجو فرض آهي. ۽ جيڪڏهن انجيل جي منادي نہ ڪريان، تہ منهنجي حال تي افسوس!


اسان کي کائڻ پيئڻ جو اختيار ڪونهي ڇا؟


هاڻي جڏهن آئون تروآس ۾ مسيح جي خوشخبري ٻُڌائڻ لاءِ آيس ۽ خداوند ۾ منهنجي لاءِ هڪڙو در کُليو،


پر جنهن کي ڪلام جي تعليم ٿي ملي، تنهن کي گهرجي تہ تعليم ڏيڻ واري کي سڀني چڱين شين ۾ پاڻ شريڪ ڪري.


ڇالاءِ تہ اسان جي خوشخبري اوهان وٽ نہ فقط لفظن ۾ آهي، پر قدرت، ۽ پاڪ روح ۾ پوريءَ خاطريءَ سان آهي؛ جو خبر اٿوَ تہ اوهان جي خاطر اسين اوهان سان ڪيئن هلندا هئاسين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ