Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 8:9 - Sindhi Bible

9 پر خبردار رهو متان اوهان جي هن آزاديءَ جي ڪري جيڪي بہ ايمان ۾ ڪمزور آهن سي گمراهہ ٿي وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 پر خبردار رهجو، ائين نہ ٿئي جو اوهان جي هيءَ آزادي ڪمزور سمجھہ وارن لاءِ ڀَٽڪي وڃڻ جو سبب بڻجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 پر خبردار رهجو، ائين نہ ٿئي جو اوهان جي هيءَ آزادي ڪمزور سمجھہ وارن لاءِ گمراهيءَ جو سبب بڻجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 پر خبردار رھجو، ائين نہ ٿئي جو اوھان جي ھيءَ آزادي، ڪمزور سمجھہ وارن لاءِ گمراھيءَ جو سبب بڻجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 8:9
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين ڪمزور هٿن کي زور وارا ڪريو، ۽ نستا گوڏا مضبوط ڪريو.


۽ ائين چيو ويندو، تہ مٿانهون ڪريو، مٿانهون ڪريو، رستو تيار ڪريو، منهنجي اُمت جي رستي تان ٿاٻي کائڻ جي شيءِ پاسي ڪري ڇڏيو.


اي آدمزاد، هنن ماڻهن پنهنجن بُتن کي پنهنجي دل ۾ جاءِ ڏني آهي، ۽ پنهنجي اڳيان پنهنجي بدڪاريءَ جو آٿڙائيندڙ پٿر رکيو اٿن: اهڙن ماڻهن کي مون کان ڪو سوال ڪرڻ لازم آهي ڇا؟


ڇالاءِ جو هو سندن بُتن جي اڳيان سندن خدمت ڪندا هئا، ۽ اسرائيل جي گهراڻي لاءِ بدڪاريءَ جو آٿڙائيندڙ پٿر هئا؛ تنهنڪري خداوند خدا ٿو فرمائي تہ مون پنهنجو هٿ هنن جي برخلاف کنيو، ۽ هو پنهنجي بدڪاري پاڻ کڻندا.


تون ٻوڙي کي لعنت نہ ڪج، نڪي انڌي جي اڳيان ٿاٻي کائڻ جهڙي شيءِ رکج. پر تون پنهنجي خدا کان ڊڄندو رهج: آءٌ خداوند آهيان.


ڏسو متان هن ننڍڙن مان ڪنهن کي حقير ڪري ڄاڻو.


هاڻي اسين جي مضبوط آهيون، تن کي گهرجي تہ هيڻن جون ڪمزوريون برداشت ڪريون، ۽ نہ پاڻ کي خوش ڪريون.


ڪوبہ ماڻهو پنهنجو فائدو نہ ڳولي، پر ٻئي جو ڳولي.


پر جي ڪو ماڻهو اوهان کي چوي تہ هيءَ شيءِ قرباني ٿيل آهي، تہ انهيءَ چتائڻ واري جي خاطر، ۽ ضمير خاطر نہ کائو.


ضمير مان منهنجو مطلب تنهنجي ضمير جو نہ، پر هن ٻئي جي ضمير جو آهي؛ ڀلا منهنجي آزادي ڇو ٻئي جي شڪ ڪرڻ سان آزمائڻ ۾ اچي؟


يهودين کي يا يونانين کي، يا خدا جي ڪليسيا کي گمراهہ نہ ڪريو:


ڇالاءِ تہ جيڪڏهن ڪو، تو علم واري کي بُتن جي مندر ۾ ويهي بُتن تي چاڙهيل قربانيءَ جون شيون کائيندو ڏسي، تہ جي هن جو ايمان ڪمزور هوندو تہ هن جي دل ڪانہ ٿيندي تہ جيڪي شيون بُتن تي قربانيءَ طور چاڙهيل آهن سي هو بہ کائي؟


انهيءَ طرح جڏهن اوهين ڀائرن جو گناهہ ٿا ڪريو، ۽ هنن جي ڪمزور دلين کي زخمي ٿا ڪريو، تڏهن اوهين مسيح جا گنهگار ٿا ٿيو.


ڪمزورن جي لاءِ آئون ڪمزور ٿيس تہ ڪمزورن کي بچايان، آئون سڀني ماڻهن جي لاءِ سڀ ڪجهہ ٿيو آهيان، تہ هر طرح سان ڪن کي بچايان.


افسوس سان مون کي چوڻو ٿو پوي تہ انهن ڳالهين ۾ اسين ضعيف آهيون! انهي هوندي بہ (آئون بيوقوف ٿي ٿو چوان تہ) جي ڪنهن ڳالهہ ۾ ڪو ماڻهو ٻٽاڪ ٿو هڻي تہ آئون بہ ٻٽاڪ هڻي ٿو سگهان.


ڪنهن کي ڪمزور ڏسي آئون ڪمزور نٿو ٿيان؟ ۽ ڪنهن کي گمراهہ ٿيندو ڏسي منهنجو جيءُ نٿو جلي؟


اسين ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ گمراهہ ٿيڻ جو وجهہ نٿا ڏيون، انهي لاءِ تہ اسان جي خدمت ۾ عيب ڏسڻ ۾ نہ اچي؛


ڇالاءِ جو، اي ڀائرو، اوهين آزاد ٿيڻ لاءِ سڏيا ويا هئا، پر ائين نہ ٿئي جو آزاديءَ کي جسماني ڳالهين جي لاءِ ڪم ۾ آڻيو؛ پر محبت جي رستي هڪ ٻئي جي خدمت ڪريو.


خبردار رهجو متان ڪو ماڻهو پنهنجي فيلسوفيءَ ۽ اجائي فريب سان، ماڻهن جي روايتن ۽ دنيا جي ابتدائي تعليم موجب، ۽ نہ مسيح موجب، اوهان کي شڪار ڪري وٺي.


۽ پاڻ کي آزاد ڄاڻو، پر ائين نہ ٿئي جو اها آزادي اوهان جي بدي ڪرڻ جو بهانو ٿي پوي، پر پاڻ کي خدا جا غلام سمجهو.


هو کين آزادگيءَ جو واعدو ڏين ٿا، ۽ پاڻ خرابيءَ جا غلام ٿيا وتن: ڇالاءِ جو جيڪو ماڻهو ڪنهن کان مغلوب ٿو ٿئي، سو انهيءَ جي غلاميءَ ۾ ٿو اچي.


پر مون کي تنهنجي برخلاف ڪي ٿوريون ڳالهيون چوڻيون آهن، ڇالاءِ جو تو وٽ ڪي اهڙا ماڻهو آهن جي بلعام جي تعليم تي ٿا هلن، جنهن بلق کي سيکاريو تہ بني اسرائيل جي واٽ ۾ ٿاٻي کائڻ جهڙي شيءِ رکي، تہ هو بُتن جي قربانيءَ جون شيون کائين ۽ زنا ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ