1.ڪرنٿين 8:7 - Sindhi Bible7 انهي هوندي بہ سڀني ماڻهن کي اهو علم ڪونهي. پر ڪي، جي اڄ تائين بُتن تي هريل آهن، سي جڏهن قرباني چاڙهيل شيءِ مان کائين ٿا، تڏهن اُنهن جي دل پختي نہ هئڻ ڪري پليت ٿي پوي ٿي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible7 پر سڀني ماڻهن کي اها ڄاڻ نہ آهي، ايتري قدر جو اسان وشواسين مان بہ اڃا تائين ڪن جي اها سوچ آهي تہ بتن جو وجود آهي. سو بتن تي ٻليدان ڪيل کاڌو کائڻ سان هو پاڻ کي انهن جي پوجا ۾ شامل سمجھن ٿا. اهڙيءَ طرح ضمير جي ڪمزوريءَ جي ڪري سندن سوچ اپوِتر ٿي پوي ٿي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible7 پر سڀني ماڻهن کي اها ڄاڻ نہ آهي، ايتري قدر جو اسان ايمان وارن مان بہ اڃا تائين ڪن جي اها سوچ آهي تہ بتن جو وجود آهي. سو بتن تي قرباني ڪيل کاڌو کائڻ سان هو پاڻ کي انهن جي پوڄا ۾ شامل سمجھن ٿا. اهڙيءَ طرح ضمير جي ڪمزوريءَ جي ڪري سندن سوچ پليت ٿي پوي ٿي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament7 پر سڀني ماڻھن کي اھا ڄاڻ نہ آھي، ايتري تائين جو اسان مان بہ ڪي اڃا تائين بتپرستيءَ جي اثر ھيٺ آھن. سي ھن کاڌي کي بتن جي ئي قربانيءَ جي حيثيت سان کائين ٿا. جيئن تہ ھو چڱيءَ طرح نيڪيءَ ۽ بديءَ ۾ تميز نہ ٿا ڪري سگھن، تنھنڪري ھو پليت ٿي پون ٿا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |