Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 8:10 - Sindhi Bible

10 ڇالاءِ تہ جيڪڏهن ڪو، تو علم واري کي بُتن جي مندر ۾ ويهي بُتن تي چاڙهيل قربانيءَ جون شيون کائيندو ڏسي، تہ جي هن جو ايمان ڪمزور هوندو تہ هن جي دل ڪانہ ٿيندي تہ جيڪي شيون بُتن تي قربانيءَ طور چاڙهيل آهن سي هو بہ کائي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 فرض ڪريو تہ ڪو ڪمزور سمجھہ وارو اوهان ڄاڻ وارن مان ڪنهن کي بت‌خاني ۾ بتن تي ٻليدان ڪيل کاڌو کائيندو ڏسي، تہ هو بہ اهو کاڌو کائڻ ۾ نہ همتائبو ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 فرض ڪريو تہ ڪو ڪمزور سمجھہ وارو اوهان ڄاڻ وارن مان ڪنهن کي بت‌خاني ۾ بتن تي قرباني ڪيل کاڌو کائيندو ڏسي، تہ هو بہ اهو کاڌو کائڻ ۾ نہ همتائبو ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 فرض ڪريو تہ ڪو ڪمزور سمجھہ وارو اوھان علم وارن مان ڪنھن کي بت⁠خاني ۾ بتن تي چاڙھيل قربانيءَ واريون شيون کائيندي ڏسندو، تہ ھو بہ انھن شين کائڻ ۾ نہ ھمتائبو ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 8:10
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ سڀ ڪنهن قربانگاهہ جي پاسي ۾ گروي ورتل ڪپڙن تي ليٽن ٿا، ۽ پنهنجي خدا جي گهرن ۾، جن تي ڏنڊ پيل آهي، تن جو شراب ٿا پيئن.


۽ انهن هنن ماڻهن کي پنهنجن معبودن جي قربانين جي موقعي تي اچڻ جي دعوت ڏني؛ ۽ هي ماڻهو اتي وڃي کائيندا، ۽ انهن جي معبودن جي اڳيان سجدو ڪندا هئا.


پر کين لکي موڪليون تہ جيڪي شيون بُتن تي چاڙهي ناپاڪ ڪيون اٿن، ۽ زنا، ۽ جن جانورن کي گهوگهو ڏيئي ماريو اٿن، تن سڀني کان، ۽ رت کان پاسو ڪن.


آئون ڄاڻان ٿو، ۽ خداوند يسوع ۾ مون کي يقين آهي، تہ ڪابہ شيءِ پاڻوهي ناپاڪ نہ آهي: سواءِ هن جي تہ جيڪو ڪنهن شيءِ کي ناپاڪ سمجهي ٿو، تنهن جي لاءِ اُها ناپاڪ آهي.


پر جيڪو ڪنهن شيءِ ۾ شڪ شبهو رکي کائيندو، اُهو ڏوهاري ٺهربو، ڇالاءِ جو هو اُها اعتقاد سان نٿو کائي؛ ۽ جيڪي اعتقاد کان ناهي سو گناهہ آهي.


يهودين کي يا يونانين کي، يا خدا جي ڪليسيا کي گمراهہ نہ ڪريو:


هاڻي جيڪي شيون بُتن تي قربانيءَ طور ٿا چاڙهين تن بابت، اسان کي خبر آهي تہ بُت دنيا ۾ ڪي بہ ڪين آهن، ۽ هڪڙي کانسواءِ ٻيو ڪو خدا ڪونهي.


انهي هوندي بہ سڀني ماڻهن کي اهو علم ڪونهي. پر ڪي، جي اڄ تائين بُتن تي هريل آهن، سي جڏهن قرباني چاڙهيل شيءِ مان کائين ٿا، تڏهن اُنهن جي دل پختي نہ هئڻ ڪري پليت ٿي پوي ٿي.


پر خبردار رهو متان اوهان جي هن آزاديءَ جي ڪري جيڪي بہ ايمان ۾ ڪمزور آهن سي گمراهہ ٿي وڃن.


۽ هو ٻنيءَ ۾ ويا، ۽ ڊاک گڏ ڪيائون، ۽ اُها لتاڙي پوءِ خوشي ڪيائون، ۽ پنهنجي معبود جي گهر اچي، اُها کاڌائون پيتائون، ۽ ابيملڪ تي لعنت ڪيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ