Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 7:5 - Sindhi Bible

5 اوهين هڪ ٻئي کان ڌار نہ رهو، پر فقط ٿوري وقت لاءِ ٻنهي جي رضامنديءَ سان ائين ڪريو، تہ اوهين دعا ۾ لڳي سگهو. ۽ پوءِ وري پاڻ ۾ گڏ ٿيو، متان نفس جي غالب پوڻ ڪري شيطان اوهان کي آزمائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 اوهين هڪٻئي کي حق ادائيءَ کان محروم نہ ڪريو، پر ڀلي هڪٻئي جي رضامنديءَ سان هڪ مقرر وقت لاءِ پرهيز ڪريو، تہ جيئن اوهين پرارٿنا ڪرڻ ۾ پوريءَ طرح مصروف رهو. پوءِ وري پاڻ ۾ ملو، ڇو تہ متان اوهان ۾ برداشت جي گھٽتائيءَ سبب شيطان اوهان کي برغلائي وجھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 اوهين هڪٻئي کي حق ادائيءَ کان محروم نہ ڪريو، پر ڀلي هڪٻئي جي رضامنديءَ سان هڪ مقرر وقت لاءِ پرهيز ڪريو، تہ جيئن اوهين دعا گھرڻ ۾ پوريءَ طرح مصروف رهو. پوءِ وري پاڻ ۾ ملو، ڇو تہ متان اوهان جي نفساني برداشت جي گھٽتائيءَ سبب شيطان اوهان کي برغلائي وجھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 اوھين ھڪ ٻئي کي حق ادائيءَ کان محروم نہ ڪريو، پر ڀلي ٿوري وقت لاءِ ھڪ ٻئي جي رضامنديءَ سان ائين ڪريو، تہ جيئن اوھان کي دعا گھرڻ لاءِ وقت ملي. پوءِ وري پاڻ ۾ ملو. متان پرھيزگاريءَ جي گھٽتائيءَ سبب شيطان اوھان کي برغلائي وجھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 7:5
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن ماڻهن کي چيو تہ ٽئين ڏينهن لاءِ تيار ٿيو: ڪوبہ زال کي ويجهو نہ وڃي.


جيڪڏهن هو ٻي زال آڻي، تہ هو انهيءَ جي خوراڪ، پوشاڪ، ۽ شاديءَ جي حق ۾ ڪابہ گهٽتائي نہ ڪري.


ماڻهو ميڙيو، جماعت خاص طرح مقرر ڪريو، بزرگن کي گڏ ڪريو؛ ٻار ۽ کير پياڪ معصوم گڏ ڪريو: ڀلي گهوٽ پنهنجي ڪوٺيءَ مان، ۽ ڪنوار پنهنجي خلوت مان نڪري اچي.


۽ لشڪرن جي خداوند جي گهر جي ڪاهنن ۽ نبين کان پڇن، تہ اسين پنجين مهيني ۾ پاڻ کي جدا ڪري، ماتم ڪريون ڇا، جيئن سال بسال اسان ڪيو آهي؟


(پر اهو قسم دعا ۽ روزي کانسواءِ نڪرڻ جو نہ آهي.)


پر هن چين تہ سڀ ماڻهو اها ڳالهہ قبول ڪري ڪين سگهندا، رڳو اُهي قبول ڪندا جن کي اهڙي طاقت مليل آهي.


تڏهن يسوع چيس، تہ اي شيطان، هتان ٽري وڃ، ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ ”تون خداوند پنهنجي خدا کي سجدو ڪر، ۽ رڳو انهي جي ئي عبادت ڪر.“


زال پنهنجي بدن جي مختيار نہ آهي، پر سندس مڙس؛ ۽ ساڳيءَ طرح مڙس بہ پنهنجي بدن جو مختيار نہ آهي، پر سندس زال.


انهي ڪري جڏهن آئون زيادہ برداشت نہ ڪري سگهيس، تڏهن اوهان جي ايمان جو حال معلوم ڪرڻ لاءِ تيمٿيس کي موڪليم، تہ متان ڪنهن طرح آزمائڻ واري اوهان کي آزمايو هجي، ۽ اسان جو پورهيو ضايع ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ