Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 7:36 - Sindhi Bible

36 جي ڪو ماڻهو سمجهي تہ هو پنهنجي مَڱ سان واجب هلت نٿو هلي، ۽ جي هن جي خواهش آهي تہ جيئن وڻيس تيئن ڪري: ڀلي تہ شادي ڪن، انهي ۾ گناهہ ڪونهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

36 جيڪڏهن ڪو سمجھي ٿو تہ هن جي ڪنيا جوانيءَ کان موٽي آهي ۽ کيس ڪنوارو رکي هن ساڻس ناانصافي ڪئي آهي ۽ هاڻي کيس احساس ٿئي ٿو تہ انهيءَ جي شادي ٿيڻ گھرجي، سو ڀلي شادي ڪرائيس. انهيءَ ۾ ڪوبہ پاپ ڪونهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

36 جيڪڏهن ڪو سمجھي ٿو تہ هن جي ڇوڪري جوانيءَ کان موٽي آهي ۽ کيس ڪنوارو رکي هن ساڻس ناانصافي ڪئي آهي ۽ هاڻي کيس احساس ٿئي ٿو تہ انهيءَ جي شادي ٿيڻ گھرجي، سو ڀلي شادي ڪرائيس. انهيءَ ۾ ڪوبہ گناهہ ڪونهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

36 جيڪڏھن ڪو سمجھي ٿو تہ ھن پنھنجي ڇوڪريءَ کي ڪنوارو رکي ساڻس سٺي ھلت نہ ڪئي آھي ۽ ھوءَ جوانيءَ کان بہ موٽي آھي ۽ ھاڻي کيس احساس ٿئي ٿو تہ انھيءَ جي شادي ٿيڻ گھرجي، تڏھن کيس اھو اختيار آھي. انھيءَ ۾ ڪوبہ گناھہ ڪونھي، سو ڀلي شادي ڪرائيس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 7:36
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

زالون پرڻجو، ۽ پٽ ۽ ڌيئون ڄڻيو، ۽ پنهنجن پٽن کي زالون پرڻايو، ۽ پنهنجين ڌيئن جون شاديون ڪرايو، تہ اُهي پٽ ۽ ڌيئون ڄڻين؛ ۽ اُتي اوهين وڌي گهڻا ٿيو ۽ نہ گهٽجو.


هاڻي يسوع مسيح جو تولد هن طرح ٿيو: جو جڏهن هن جي ماءُ مريم جو مڱڻو يوسف سان ٿيو، ۽ اڃا هو پاڻ ۾ گڏ نہ ٿيا هئا، تڏهن معلوم ٿيو تہ هوءَ پاڪ روح جي قدرت سان حاملہ ٿي آهي.


۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو تو تي عدالت ۾ دعويٰ ڪرڻ گهري، ۽ تنهنجو پهراڻ کڻي وڃي، تہ انهي کي پنهنجو ڪوٽ بہ ڏيئي ڇڏ.


۽ اهو آئون اوهان جي فائدي لاءِ ٿو چوان، نہ انهي لاءِ تہ اوهان کي ڦاسايان، پر انهي لاءِ تہ جيئن مناسب آهي تيئن اوهين بنا ڪنهن رنڊڪ جي خداوند جي خدمت ۾ مشغول رهيو.


پر جيڪو پنهنجي دل ۾ قائم ٿو رهي ۽ اهڙي ڪابہ ضرورت نٿي ٿئيس، بلڪ پنهنجي ارادي جي پوري ڪرڻ جي طاقت اٿس، ۽ پنهنجي دل ۾ اهو پڪو ٺهراءُ ڪيو اٿس تہ پنهنجي مَڱ کي ڪنواري رکندس، تہ ائين چڱو ٿو ڪري.


پر جي هو پاڻ کي جهلي نٿيون سگهن تہ ڀلي پرڻجن. ڇالاءِ جو سڙڻ کان پرڻجڻ بهتر آهي.


۽ تنهنجي ماڻهن مان، جنهن کي آءٌ پنهنجي قربانگاهہ مان ڪڍي نہ ڇڏيندس، سو تنهنجين اکين ۾ باهہ، ۽ تنهنجي دل ڏکوئڻ وارو ٿيندو: ۽ تنهنجي گهراڻي ۾ جيڪي ماڻهو وڌندا سي جوانيءَ ۾ مري ويندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ