Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 7:35 - Sindhi Bible

35 ۽ اهو آئون اوهان جي فائدي لاءِ ٿو چوان، نہ انهي لاءِ تہ اوهان کي ڦاسايان، پر انهي لاءِ تہ جيئن مناسب آهي تيئن اوهين بنا ڪنهن رنڊڪ جي خداوند جي خدمت ۾ مشغول رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

35 اهو آءٌ اوهان کي پابند ڪرڻ لاءِ نہ پر اوهان جي ئي فائدي لاءِ ٿو چوان، تہ جيڪو صحيح ۽ مناسب آهي سو ڪريو تہ جيئن اوهين تن ۽ من سان پرڀو يسوع جي سيوا ڪندا رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

35 اهو آءٌ اوهان کي پابند ڪرڻ لاءِ نہ پر اوهان جي ئي فائدي لاءِ ٿو چوان، تہ جيڪو صحيح ۽ مناسب آهي سو ڪريو تہ جيئن اوهين دل وَ جان سان خداوند عيسيٰ جي خدمت ڪندا رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

35 اھو آءٌ اوھان کي اوھان جي فائدي لاءِ ٿو چوان نڪي ڦاسائڻ لاءِ، تہ جيئن اوھين يڪدلا ٿي خداوند جي خدمت ۾ مشغول رھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 7:35
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو ڪي خوجا آهن، جي ماءُ جي پيٽان ئي اهڙا ڄاوا، ۽ ڪي خوجا آهن جن کي ماڻهن خوجو ڪيو، ۽ ڪي خوجا آهن جن پاڻ کي آسمان جي بادشاهت لاءِ خوجو ڪيو. جيڪو اها ڳالهہ قبول ڪري سگهي، سو ڀلي تہ قبول ڪري.


تڏهن فريسي وڃي صلاح ڪرڻ لڳا تہ ڪهڙيءَ طرح هن کي ڳالهائڻ ۾ ڦاسايون.


مگر خبردار ٿجو تہ متان اوهان جون دليون هٻڇ، ۽ نشي، ۽ هن حياتيءَ جي فڪر ۾ ڦاسي پون، ۽ اُهو ڏينهن اوهان تي ڄار وانگر اچي ڪڙڪي:


۽ جيڪي ڪنڊين ۾ ڪِريا سي اُهي آهن جن ٻُڌو آهي ۽ هلندي هلندي حياتيءَ جي فڪرن، ۽ دولت، ۽ عيش عشرتن ۾ ڦاسيو پون، ۽ سندن ڦل پچي ئي ڪين.


پر متان زناڪاريون ٿين، تنهنڪري ڀلي تہ هرڪو مرد ۽ هرڪا زال شادي ڪري.


پر جي شادي ڪندين تہ بہ تو گناهہ ڪونہ ڪيو، ۽ جي ڪا ڪنواري شادي ڪري تہ بہ گناهہ ڪونہ ڪيائين. مگر جيڪي شادي ٿا ڪن سي دنياوي ڏک سهندا، ۽ منهنجي مرضي آهي تہ اوهين انهن کان بچيا رهو.


جي ڪو ماڻهو سمجهي تہ هو پنهنجي مَڱ سان واجب هلت نٿو هلي، ۽ جي هن جي خواهش آهي تہ جيئن وڻيس تيئن ڪري: ڀلي تہ شادي ڪن، انهي ۾ گناهہ ڪونهي.


پر جيئن ڪ پاڪ ٿيلن کي مناسب آهي، زناڪاريءَ ۽ هر قسم جي ناپاڪيءَ، يا لالچ جو نالو بہ اوهان ۾ هئڻ نہ کپي.


هاڻي، اي ڀائرو، جيڪي بہ ڳالهيون سچيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون اشرافت جهڙيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون انصاف جهڙيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون پاڪ آهن، جيڪي بہ ڳالهيون وڻندڙ آهن، جيڪي بہ ڳالهيون چڱيون آهن؛ مطلب تہ جي ڪابہ نيڪي هجي، ۽ جي ڪابہ تعريف هجي، تہ انهن تي غور ڪندا رهجو.


زناڪارن ۽ لونڊي بازن ۽ بردہ فروشن لاءِ، ڪوڙن ماڻهن ۽ ڪوڙن قسمن کڻڻ وارن لاءِ، ۽ انهن کانسواءِ صحيح تعليم جي برخلاف ٻيا جيڪي ڪم آهن، تن جي ڪرڻ وارن لاءِ مقرر ٿي آهي.


ساڳيءَ طرح پيرسن زالون بہ هلت چلت ۾ پاڪ ٿيلن وانگر هجن، نہ گلا غيبت ڪندڙ، نہ شراب جي عادت واريون، پر چڱيون ڳالهيون سيکارڻ واريون هجن؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ