Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 7:29 - Sindhi Bible

29 پر اي ڀائرو، آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ وقت تنگ اچي ٿيو آهي، تنهنڪري اڳتي سگهرا ڇڙن جهڙا ٿي رهن،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

29 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! چوڻ جو مطلب هي آهي تہ آخري وقت ويجھو اچي چڪو آهي. سو مسيح جي اچڻ جي بنسبت هاڻي کان وٺي پرڻيل ماڻهو پنهنجي شاديءَ کي ڪا اهميت نہ ڏين،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

29 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! چوڻ جو مطلب هي آهي تہ آخري وقت ويجھو اچي چڪو آهي. سو مسيح جي اچڻ جي بنسبت هاڻي کان وٺي پرڻيل ماڻهو پنهنجي شاديءَ کي ڪا اهميت نہ ڏين،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

29 پر اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان کي ھيترو ٿو چوان تہ وقت تنگ ٿي چڪو آھي. ھاڻي کان وٺي زالن وارا ڇڙن جھڙا ٿي رھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 7:29
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ برزليءَ بادشاهہ کي چيو تہ منهنجي عمر جي ورهين جا ڏينهن ڪيترا آهن جو آءٌ بادشاهہ سان يروشلم ڏي هلان؟


ڇالاءِ جو ڪنهن کي خبر آهي تہ انسان جي لاءِ سندس حياتيءَ ۾، يعني سندس اجائي حياتي، جا هو پاڇي وانگر گذاري ٿو، تنهن جي سڀني ڏينهن ۾ ڪهڙي شيءِ چڱي آهي؟ ڇالاءِ جو ڪير ڪنهن ماڻهوءَ کي چئي سگهندو تہ کانئس پوءِ سج هيٺان ڇا ٿيندو.


جيڪو ڪم تنهنجي هٿ لڳي سو پنهنجي طاقت آهر پيو ڪر؛ ڇالاءِ جو جنهن قبر ۾ تون وڃڻو آهين تنهن ۾ نڪو ڪم آهي، نڪا رِٿ آهي، نڪو علم آهي، نڪو عقل آهي.


وقت اچي پهتو آهي، ڏينهن ويجهو ايندو وڃي: خريد ڪندڙ خوشي نہ ڪري، ۽ نہ وڪڻندڙ غم ڪري، ڇالاءِ جو انهن جي سڄي جماعت تي غضب نازل ٿيو آهي.


۽ ٻئي چيو، تہ مون شادي ڪئي آهي، سو مون کان آيو ڪين ٿيندو.


پر جي شادي ڪندين تہ بہ تو گناهہ ڪونہ ڪيو، ۽ جي ڪا ڪنواري شادي ڪري تہ بہ گناهہ ڪونہ ڪيائين. مگر جيڪي شادي ٿا ڪن سي دنياوي ڏک سهندا، ۽ منهنجي مرضي آهي تہ اوهين انهن کان بچيا رهو.


۽ جيڪي روئن ٿا سي بہ اهڙا ٿين ڄڻ تہ هو روئن ئي نٿا؛ ۽ جيڪي خوشي ٿا ڪن سي اهڙا ٿين جو ڄڻ تہ هو خوشي ڪانہ ٿا ڪن، ۽ جيڪي خريد ٿا ڪن سي اهڙا ٿين جو ڄڻ تہ هنن وٽ ڪابہ ملڪيت ڪانهي؛


جيڪي دنياداريءَ ۾ آهن سي انهي ۾ غلطان نہ ٿين، ڇالاءِ جو هن دنيا جو ڍنگ مٽجندو ٿو وڃي.


ڇالاءِ جو ”انسان گاهہ وانگر آهي. گاهہ سُڪي وڃي ٿو ۽ گل ڪِري ٿو پوي،


سڀني شين جي پڄاڻي جلد ٿيڻ واري آهي، تنهنڪري اوهين هوشيار رهو ۽ دعا گهُرڻ ۾ سجاڳ رهو.


۽ دنيا توڙي سندس خواهش ٻئي گذرنديون ٿيون وڃن، پر جيڪو خدا جي مرضيءَ تي ٿو هلي، سو هميشہ تائين قائم ٿو رهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ