Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 7:23 - Sindhi Bible

23 اوهين ملهہ ڳڌل آهيو، ماڻهن جا غلام نہ ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

23 مُلهہ ڏيئي اوهين خريد ڪيا ويا آهيو، سو ڪنهن انسان جا غلام نہ ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 مُلهہ ڏيئي اوهين خريد ڪيا ويا آهيو، سو ڪنهن انسان جا غلام نہ ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

23 اوھين تہ مُلھہ ورتل آھيو، سو ماڻھن جا غلام نہ ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 7:23
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو اهي منهنجا ٻانها آهن، جن کي مون مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو: اهي غلامن وانگي وڪيا نہ وڃن.


ڪوبہ ماڻهو ٻن مالڪن جي خدمت ڪري ڪين سگهندو، ڇالاءِ جو يا تہ هو هڪڙي سان عداوت ڪندو ۽ ٻئي کي پيار ڪندو، يا تہ وري هڪڙي سان ميل رکندو ۽ ٻئي کي ليکيندو ئي ڪين. اوهين خدا ۽ دولت ٻنهي جي خدمت ڪري ڪين سگهندا.


اوهين پنهنجي ۽ اُنهي ساري ڌڻ جي سنڀال ڪجو، جنهن جو پاڪ روح اوهان کي نگهبان مقرر ڪيو آهي، ۽ خدا جي انهيءَ ڪليسيا کي سنڀاليندا رهجو، جا هن خاص پنهنجي رت سان خريد ڪئي.


ڇالاءِ تہ ملهہ ڳڌل آهيو. تنهنڪري پنهنجي بدن سان خدا جو جلال ظاهر ڪريو.


سو رڳو انهن ڪوڙن ڀائرن جي ڪري، جي لڪي ڇپي داخل ٿيا هئا، جي انهي ڪري چوريءَ گهڙي آيا هئا تہ جيڪا آزادي يسوع مسيح ۾ حاصل ٿي آهي، تنهن جي جاسوسي ڪري اسان کي غلام بنائين.


جنهن پاڻ کي اسان جي واسطي قربان ڪيو تہ اسان کي هر قسم جي بي دينيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنهنجي خاص ملڪيت لاءِ هڪڙي اهڙي اُمت بنائي، جا نيڪ ڪمن ۾ سرگرم هجي.


هن ڪري جو مسيح بہ هڪڙو ئي ڀيرو گناهن جي لاءِ ڏک سَٺو، يعني راستباز ناراستن لاءِ، تان تہ هو اسان کي خدا تائين پهچائي. هو جسماني طور مارجي ويو، پر روحاني طور جياريو ويو؛


۽ هڪڙو نئون راڳ ڳائڻ لڳا، تہ تون انهي ڪتاب وٺڻ ۽ اُنهي جي مهرن کولڻ جي لائق آهين: ڇالاءِ جو تون ڪُٺو ويو هئين، ۽ سڀ ڪنهن قبيلي، ۽ ٻوليءَ، ۽ اُمت، ۽ قوم جي ماڻهن کي پنهنجي رت سان تو ملهہ ورتو آهي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ