Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 7:22 - Sindhi Bible

22 ڇالاءِ جو جيڪو غلاميءَ جي حالت ۾ خداوند ۾ سڏيو ويو، سو خداوند جو آزاد ڪيل آهي. ساڳيءَ طرح جيڪو آزاديءَ جي حالت ۾ سڏيو ويو، سو مسيح جو غلام آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

22 جڏهن تہ جيڪو بہ غلام پرڀو يسوع جو ٿيڻ لاءِ سڏيو ويو آهي سو پرڀو يسوع جو آزاد ڪيل آهي. ساڳيءَ طرح جيڪو بہ آزاد ماڻهو سڏيو ويو آهي سو مسيح جو غلام آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 جڏهن تہ جيڪو بہ غلام خداوند عيسيٰ جو ٿيڻ لاءِ سڏيو ويو آهي سو خداوند عيسيٰ جو آزاد ڪيل آهي. ساڳيءَ طرح جيڪو بہ آزاد ماڻهو سڏيو ويو آهي سو مسيح جو غلام آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

22 تنھن ھوندي بہ جڏھن ڪو غلام خداوند طرفان چونڊيو ويو آھي تہ ھو خداوند جو آزاد ڪيل آھي. ساڳيءَ طرح جڏھن ڪو آزاد ماڻھو خداوند طرفان چونڊيو ويو آھي تہ ھو مسيح جو غلام آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 7:22
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند سچ پچ آءٌ تنهنجو ٻانهو آهيان: آءٌ تنهنجو ٻانهو، ۽ تنهنجي ٻانهيءَ جو اولاد آهيان؛ تو منهنجا بند کوليا آهن.


پولس، جو يسوع مسيح جو غلام آهي، ۽ رسول ٿيڻ جي لاءِ سڏيو ويو آهي، ۽ خدا جي انهيءَ خوشخبريءَ جي ڏيڻ لاءِ مخصوص ڪيو ويو آهي،


جي تون غلاميءَ ۾ سڏيو ويو هجين تہ فڪر نہ ڪر. پر جي آزاد ٿي سگهين تہ اُهو بهتر ڄاڻ.


ڇالاءِ تہ جيتوڻيڪ آئون سڀني ماڻهن کان آزاد هوس، تہ بہ مون پاڻ کي سڀني جو غلام ڪيو، انهي لاءِ تہ گهڻن کي ڇڪي آڻيان.


جن وٽ شريعت ڪانهي، تن جي لاءِ آئون بي شريعت جهڙو ٿيس، اگرچہ خدا جي اڳيان آئون بي شريعت نہ هوس، پر مسيح جي شريعت هيٺ هوس، سو انهي لاءِ تہ جيڪي بي شريعت آهن تن کي هٿ ڪريان.


ڇا آئون ماڻهن جي مهرباني ٿو چاهيان يا خدا جي؟ يا آئون ماڻهن کي خوش ڪرڻ ٿو گهُران ڇا؟ جيڪڏهن اڃا بہ ماڻهن کي خوش ڪندو رهان ها تہ مسيح جو خادم يا غلام نہ هجان ها.


مسيح اسان کي آزاديءَ لاءِ آزاد ڪيو؛ تنهنڪري قائم رهو ۽ وري ٻانهپ جي پاڃاريءَ ۾ جوٽجي نہ وڃو.


ڇالاءِ جو، اي ڀائرو، اوهين آزاد ٿيڻ لاءِ سڏيا ويا هئا، پر ائين نہ ٿئي جو آزاديءَ کي جسماني ڳالهين جي لاءِ ڪم ۾ آڻيو؛ پر محبت جي رستي هڪ ٻئي جي خدمت ڪريو.


اپفراس، جو اوهان مان هڪڙو آهي، ۽ مسيح يسوع جو غلام آهي، سو اوهان کي سلام ٿو چوي ۽ هميشہ اوهان جي لاءِ جانفشانيءَ سان دعا ٿو گهُري، انهي لاءِ تہ اوهين ڪامل ٿي پوري يقين سان خدا جي ساريءَ مرضيءَ تي قائم رهو.


نہ غلام وانگر پر غلام کان بهتر يعني پياري ڀاءُ وانگر. هو جسماني طور ۽ روحاني طور مون کي پيارو آهي، ۽ توکي تہ انهي کان بہ وڌيڪ.


۽ پاڻ کي آزاد ڄاڻو، پر ائين نہ ٿئي جو اها آزادي اوهان جي بدي ڪرڻ جو بهانو ٿي پوي، پر پاڻ کي خدا جا غلام سمجهو.


يسوع مسيح جي بندي ۽ رسول شمعون پطرس جي طرفان انهن ڏانهن، جن اسان جي خدا ۽ نجات ڏيندڙ يسوع مسيح جي راستبازيءَ ڪري اسان جهڙو قيمتي ايمان حاصل ڪيو آهي:


يهوداهہ، جو يسوع مسيح جو غلام ۽ يعقوب جو ڀاءُ آهي، تنهن جي طرفان انهن ڏانهن جيڪي سڏيل، ۽ خدا پيءُ جا پيارا، ۽ يسوع مسيح لاءِ حفاظت ۾ رکيل آهن،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ