Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 7:19 - Sindhi Bible

19 ختنو ڪرائڻ توڙي نہ ڪرائڻ ڪي بہ ڪينهي پر خدا جي حڪمن تي هلڻ سڀ ڪجهہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

19 ختنو ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪجھہ بہ نہ آهي، پر ايشور جي حڪمن تي هلڻ ئي سڀ ڪجھہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 طهر ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪجھہ بہ نہ آهي، پر خدا جي حڪمن تي هلڻ ئي سڀ ڪجھہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

19 طھر ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪجھہ بہ نہ آھي، پر خدا جي حڪمن تي ھلڻ ئي سڀ ڪجھہ آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 7:19
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري جيڪو بہ هنن تمام ننڍن حڪمن مان هڪڙو ڀڃندو، ۽ ماڻهن کي ائين سيکاريندو، سو آسمان جي بادشاهت ۾ سڀني کان ننڍو سڏبو. پر جيڪو انهن تي عمل ڪندو ۽ ائين سيکاريندو، سو ئي آسمان جي بادشاهت ۾ وڏو سڏبو.


جن ڳالهين جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن تي جيڪڏهن هلندا تہ منهنجا دوست آهيو.


جي ائين آهي تہ خدا هڪڙو آهي، جو مختونن کي بہ ايمان جي ڪري راستباز ٺهرائيندو، ۽ جيڪي نامختون آهن، تن کي بہ ايمان جي ڪري.


پر کاڌو خدا وٽ اسان جي سفارش ڪانہ ڪندو، نڪي جي نہ کائينداسين تہ اسان کي ڪو نقصان پهچندو، نڪي جي کائينداسين تہ اسان کي ڪو فائدو ٿيندو.


پوءِ نڪو يهودي رهيو نہ يوناني، نڪو غلام نہ آزاد، نڪو مرد نہ زال، ڇالاءِ جو اوهين سڀ مسيح يسوع ۾ هڪ آهيو.


ڇالاءِ جو مسيح يسوع ۾ نڪي مختوني ڪنهن ڪم جي آهي، نڪي نامختوني؛ پر ايمان، جو محبت جي وسيلي اثر ٿو ڪري.


ڇالاءِ جو مختوني ڪجهہ بہ نہ آهي، ۽ نامختوني بہ ڪجهہ نہ آهي، پر جيڪي آهي سو نئين سر پيدا ٿيڻ آهي.


جتي نڪو يوناني آهي نہ يهودي، نڪو مختون آهي نڪو نامختون، نہ جهنگلي آهي نہ وحشي، نہ غلام آهي نہ آزاد، پر مسيح سڀ ڪجهہ آهي ۽ سڀني ۾ آهي.


هاڻي جيڪي ماڻهو نڪري آيا هئا سي سڀ طهريل هئا: پر جيڪي ماڻهو مصر مان نڪرڻ کان پوءِ واٽ تي بيابان ۾ ڄاوا هئا، تن جو طهر نہ ٿيو هو.


مبارڪ آهن اُهي، جي پنهنجا ڪپڙا ڌوئي صاف ٿا ڪن، اُهي زندگيءَ جي وڻ جا حقدار ٿيندا ۽ انهي شهر ۾ درن مان گهڙندا.


۽ سموئيل چيو تہ خداوند کي جهڙي سندس حڪم جي مڃڻ مان خوشي ٿيندي آهي، اهڙي ڪا سوختني قربانيءَ ۽ ذبح ڪرڻ وارين قربانين مان ٿيندي آهي ڇا؟ ڏس، فرمانبرداري قربانيءَ کان بهتر آهي، ۽ حڪم مڃڻ گهٽن جي چرٻي کان بهتر آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ