Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 7:17 - Sindhi Bible

17 رڳو جيئن خداوند هر ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجو حصو ورهائي ڏنو آهي، ۽ جيئن خدا هر هڪ کي سڏيو آهي، تيئن اهو هلي. ۽ اهو قانون آئون سڀني ڪليسيائن جي لاءِ مقرر ڪري ٿو ڇڏيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 آءٌ وشواسين جي سڀني منڊلين کي اهو ساڳيو ئي حڪم ٿو ڏيان تہ ايشور جنهن کي جهڙيءَ حالت ۾ مسيح ڏانهن سڏيو آهي، اهو انهيءَ حالت ۾ ئي رهي، ڇاڪاڻ تہ هر ڪنهن جي حالت پرڀو يسوع جي طرفان مقرر ڪيل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 آءٌ سڀني ڪليسيائن کي اهو ساڳيو ئي حڪم ٿو ڏيان تہ خدا جنهن کي جهڙيءَ حالت ۾ مسيح ڏانهن سڏيو آهي، اهو انهيءَ حالت ۾ ئي رهي، ڇاڪاڻ تہ هر ڪنهن جي حالت خداوند عيسيٰ جي طرفان مقرر ڪيل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 پر جيئن خداوند ھر ھڪ کي زندگيءَ جي نعمت عطا ڪئي آھي ۽ جھڙيءَ طرح خدا کيس چونڊيو آھي، تھڙيءَ طرح ھو زندگي گذاري. اھو حڪم آءٌ سڀني ڪليسيائن جي لاءِ ٿو ڏيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 7:17
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو ڪي خوجا آهن، جي ماءُ جي پيٽان ئي اهڙا ڄاوا، ۽ ڪي خوجا آهن جن کي ماڻهن خوجو ڪيو، ۽ ڪي خوجا آهن جن پاڻ کي آسمان جي بادشاهت لاءِ خوجو ڪيو. جيڪو اها ڳالهہ قبول ڪري سگهي، سو ڀلي تہ قبول ڪري.


يهودين کي يا يونانين کي، يا خدا جي ڪليسيا کي گمراهہ نہ ڪريو:


پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو تڪراري ڏسڻ ۾ اچي تہ انهي کي چئجو تہ اهو اسان جو دستور نہ آهي، نڪي خدا جي ڪليسيائن جو آهي.


جيڪڏهن ڪنهن کي بک هجي تہ ڀلي پنهنجي گهر کائي، تہ متان اوهان جو گڏ ٿيڻ سزا جو سبب ٿئي. باقي ٻيون ڳالهيون جڏهن آئون ايندس، تڏهن اچي درست ڪندس.


ڇالاءِ تہ خدا گڙٻڙ جو نہ پر اطمينان جو خدا آهي. جيئن پاڪ ٿيلن جي سڀني ڪليسيائن ۾ آهي،


هاڻي انهي چندي بابت، جو پاڪ ٿيلن جي لاءِ آهي: جيئن مون گلتيہ جي ڪليسيائن کي حڪم ڏنو، تيئن اوهين بہ ڪجو.


انهي سبب ڪري مون تيمٿيس کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي، جو خداوند ۾ منهنجو پيارو ۽ ايماندار فرزند آهي، ۽ اُهو منهنجي هلت چلت جا مسيح ۾ آهي سا اوهان کي ياد ڏياريندو، جيئن ڪ آئون جتي ڪٿي سڀ ڪنهن ڪليسيا ۾ تعليم ڏيندو رهيو آهيان.


جيڪڏهن ڪو مختون سڏيو وڃي تہ اُهو ختني سان ئي رهي. جيڪڏهن ڪو نامختون سڏيو وڃي تہ اُهو ختنو نہ ڪرائي.


اي ڀائرو، سڀڪو ماڻهو جنهن حالت ۾ سڏيو ويو هجي، تنهن ۾ خدا سان رهي.


انهي هوندي بہ منهنجي اها خواهش آهي تہ سڀ ماڻهو مون جهڙا هجن. پر هرهڪ ماڻهوءَ کي خدا کان پنهنجي پنهنجي بخشش ملي آهي، هڪڙي کي هِن طرح، ٻئي کي هُن طرح.


ٻين ڳالهين کانسواءِ هيءَ ڳالهہ بہ آهي جا هر روز مون تي بار وانگر ٿي رهي، يعني سڀني ڪليسيائن جو فڪر.


۽ ساڻس گڏ اسان انهي ڀاءُ کي موڪليو آهي، جنهن جي تعريف انجيل جي بابت سڀني ڪليسيائن ۾ ڦهليل آهي؛


۽ يهوديہ جون ڪليسيائون، جي مسيح ۾ هيون، تن سان اڃا منهنجي واقفيت ڪانہ ٿي هئي.


ڇالاءِ جو اي ڀائرو، يسوع مسيح ۾ جيڪي خدا جون ڪليسيائون يهوديہ ۾ آهن، تن جا اوهين پوئلڳ ٿيا: هن ڪري جو اوهان بہ پنهنجن هم وطن ماڻهن کان ساڳيون اُهي تڪليفون سَٺيون، جي هنن يهودين کان سَٺيون؛


ايتري قدر جو اسين پاڻ خدا جي ڪليسيائن ۾ اوهان تي اِهو فخر ٿا ڪريون تہ جيڪي ظلم ۽ مصيبتون اوهين سهو ٿا، تن سڀني ۾ اوهان جو صبر ۽ ايمان ظاهر ٿو ٿئي؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ