Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 7:14 - Sindhi Bible

14 ڇالاءِ تہ جيڪو مڙس ٻئي مذهب جو آهي سو زال جي ڪري پاڪ ٿو ٿئي، ۽ جيڪا زال ٻئي مذهب جي آهي سا مسيحي مڙس جي ڪري پاڪ ٿي ٿئي. نہ تہ جيڪر اوهان جا ٻار ناپاڪ ٿي پون، پر هاڻ اُهي پاڪ آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ وشواسي پتنيءَ جي ڪري غير وشواسي پتي پوِتر ٿئي ٿو ۽ وشواسي پتيءَ جي ڪري غير وشواسي پتني پوِتر ٿئي ٿي، نہ تہ جيڪر انهن جا ٻار اپوِتر هجن ها، پر هاڻي اهي پوِتر آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ ايمان واري زال جي ڪري غير ايمان وارو مڙس پاڪ ٿئي ٿو ۽ ايمان واري مڙس جي ڪري غير ايمان واري زال پاڪ ٿئي ٿي، نہ تہ جيڪر انهن جا ٻار پليت هجن ها، پر هاڻي اهي پاڪ آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 ڇالاءِ⁠جو ديندار زال جي ڪري بي⁠دين مڙس پاڪ ٿئي ٿو ۽ ديندار مڙس جي ڪري بي⁠دين زال پاڪ ٿئي ٿي، ⁠نہ⁠تہ جيڪر اوھان جا ٻار پليت ھجن ھا، پر ھاڻي اھي پاڪ آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 7:14
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي صيون، جاڳ، جاڳ، زور وٺ؛ اي يروشلم پاڪ شهر پنهنجي سهڻي پوشاڪ ڍڪ؛ ڇالاءِ جو اڄ کان پوءِ تو ۾ اڻ طهريل ۽ ناپاڪ ماڻهو ڪونہ ايندا.


تنهن تي هن کين سڏي پاڻ وٽ ٽڪايو. ۽ ٻئي ڏينهن هو اُٿي ساڻن روانو ٿيو، ۽ يافا مان ڪي ڀائر بہ ساڻن گڏجي ويا.


۽ جي نذراني جو پهريون چاڻو پاڪ آهي، تہ سڄو ڳوهيل اٽو بہ پاڪ آهي: ۽ جي پاڙ پاڪ آهي تہ ٽاريون بہ پاڪ آهن.


۽ جنهن زال جو مڙس ٻئي دين جو هجي، ۽ اُهو ساڻس گڏ رهڻ ۾ راضي هجي، تہ اُها پنهنجي مڙس کي ڇڏي نہ ڏئي.


هن ڪري جو اها خدا جي ڪلام ۽ دعا جي ڪري پاڪ ٿيو پوي.


پاڪ ماڻهن لاءِ سڀ شيون پاڪ آهن: پر جيڪي پليت ۽ بي دين آهن، تن جي لاءِ ڪجهہ بہ پاڪ نہ آهي؛ پر انهن جو عقل توڙي دل ٻئي ناپاڪ آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ