Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 7:10 - Sindhi Bible

10 جيڪي پرڻيل آهن تن کي آئون نہ پر خداوند حڪم ٿو ڏئي، تہ زال پنهنجي مڙس کان ڌار نہ ٿئي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 باقي جيڪي پرڻيل آهن تن کي آءٌ نہ، بلڪ پرڀو يسوع حڪم ٿو ڏئي تہ پتني پنهنجي پتيءَ کان جدا نہ ٿئي

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 باقي جيڪي پرڻيل آهن تن کي آءٌ نہ، بلڪ خداوند عيسيٰ حڪم ٿو ڏئي تہ زال پنهنجي مڙس کان جدا نہ ٿئي

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 باقي جيڪي پرڻيل آھن تن کي آءٌ نہ، بلڪ خداوند حڪم ٿو ڏئي تہ زال پنھنجي مڙس کان جدا نہ ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 7:10
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تحقيق جيئن ڪا زال دغا ڪري پنهنجي مڙس وٽان هلي وڃي، تيئن اي اسرائيل جا گهراڻا، اوهان مون سان دغابازيءَ جي هلت ڪئي آهي، خداوند ائين ٿو فرمائي.


پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو پنهنجي زال کي زنا جي سبب کانسواءِ ڪڍي ٿو ڇڏي، سو هن کي زناڪار ٿو ڪري: ۽ جيڪو انهيءَ نڪتل زال سان پرڻبو، سو بہ زنا ڪندو.


۽ فريسي وٽس آيا، ۽ آزمائڻ لاءِ پڇيائونس تہ اهو روا آهي يا نہ، تہ مڙس پنهنجي زال کي ڪڍي ڇڏي؟


جيڪو ماڻهو پنهنجيءَ زال کي طلاق ڏيئي ٻيءَ سان شادي ٿو ڪري، سو زنا ٿو ڪري: ۽ جيڪو اُنهي نڪتل زال سان شادي ٿو ڪري، سو بہ زنا ٿو ڪري.


(پر جي کڻي ڌار ٿئي تہ وري نہ پرڻجي، يا وري پنهنجي مڙس سان پرچي وڃي؛) ۽ مڙس پنهنجي زال کي طلاق نہ ڏئي.


باقي ٻين کي منهنجو چوڻ آهي، نہ خداوند جو، تہ جيڪڏهن ڪنهن ڀاءُ جي زال ٻئي دين جي هجي، ۽ اُها ساڻس گڏ رهڻ ۾ راضي هجي، تہ هو اُنهي کي ڇڏي نہ ڏئي.


پر جي ٻئي دين وارو ساٿي ڌار ٿيڻ گهُري تہ ڀلي ڌار ٿئي؛ اهڙيءَ حالت ۾ ڪو ڀاءُ يا ڀيڻ ٻَڌل نہ آهي. ڇالاءِ جو خدا اسان کي اطمينان جي لاءِ سڏيو آهي.


هاڻي ڪنوارين جي نسبت ۾ مون کي خداوند جو ڪوبہ حڪم مليل ڪونهي، پر آئون پنهنجي راءِ انهي ماڻهوءَ وانگر ٿو ڏيان، جو خدا جي رحم ڪري معتبر آهي.


پر جي نہ پرڻبي تہ منهنجي راءِ ۾ زيادہ خوش رهندي: ۽ آئون ڀانيان ٿو تہ خدا جو روح مون ۾ بہ آهي.


پر انهيءَ ڳالهہ جي آئون اجازت ٿو ڏيان ۽ نہ حڪم ٿو ڪريان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ