Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 6:19 - Sindhi Bible

19 اوهين نٿا ڄاڻو ڇا تہ اوهان جو بدن پاڪ روح جي هيڪل آهي، جو اوهان ۾ رهي ٿو ۽ جو اوهان کي خدا کان مليل آهي؟ ۽ اوهين پاڻ پنهنجا نہ آهيو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

19 ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ اوهان جو شرير پوِتر آتما جو گھر آهي؟ اها پوِتر آتما جيڪا اوهان ۾ رهي ٿي سا ايشور اوهان کي بخشي آهي. تنهنڪري اوهين پنهنجي مرضيءَ جا مالڪ نہ آهيو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ اوهان جو بدن پاڪ روح جو گھر آهي؟ اهو پاڪ روح جيڪو اوهان ۾ رهي ٿو سو خدا اوهان کي بخشيو آهي. تنهنڪري اوهين پنهنجي مرضيءَ جا مالڪ نہ آهيو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

19 اوھان کي خبر نہ آھي ڇا تہ اوھان جو بدن انھيءَ پاڪ روح جو گھر آھي، جيڪو اوھان ۾ رھي ٿو ۽ اھو اوھان کي خدا کان عطا ٿيل آھي؟ سو اوھان کي پاڻ تي اختيار نہ آھي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 6:19
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اسرائيل جي بادشاهہ ورندي ڏيئي چيو تہ اي بادشاهہ، منهنجا ڌڻي، ائين ئي آهي جيئن تون چوين ٿو؛ آءٌ، ۽ جيڪي بہ مون وٽ آهي، سو سڀ تنهنجو آهي.


پر آءٌ ڪير آهيان، ۽ منهنجي قوم ڪير آهي، جو اسين هن طرح رضامنديءَ سان نذرانو ڏيون؟ ڇالاءِ جو سڀ شيون تو وٽان آهن، ۽ تنهنجي ئي شين مان اسان توکي ڏنو آهي.


اوهين پڪ ڄاڻو تہ خداوند ئي خدا آهي؛ هن ئي اسان کي پيدا ڪيو، ۽ اسين سندس ئي آهيون: اسين سندس اُمت ۽ سندس چراگاهہ جون رڍون آهيون.


انهن چيو آهي تہ اسين پنهنجيءَ زبان سان غالب پونداسين؛ اسان جا چپ اسان جا ئي آهن: ڪير اسان جو مالڪ آهي؟


پر هن تہ پنهنجي بدن جي هيڪل بابت ڳالهہ ٿي ڪئي.


مگر اوهين جسماني نہ، پر روحاني آهيو، بشرطيڪ خدا جو روح اوهان ۾ رهي ٿو. جنهن ماڻهوءَ ۾ مسيح جو روح نہ آهي سو مسيح جو ناهي.


اوهين نٿا ڄاڻو ڇا تہ اوهين خدا جي هيڪل آهيو، ۽ خدا جو روح اوهان ۾ ٿو رهي؟


کاڌو پيٽ لاءِ آهي ۽ پيٽ کاڌي لاءِ، پر خدا ٻنهي کي چٽ ڪري ڇڏيندو. بدن زناڪاريءَ جي لاءِ ڪينهي پر خداوند جي لاءِ آهي، ۽ خداوند بدن جي لاءِ آهي.


اوهين ايترو نٿا ڄاڻو ڇا تہ اسين ملائڪن جو انصاف ڪنداسين؟ تڏهن دنياوي معاملا ڇو نہ فيصل ڪريون؟


۽ هو سڀني جي لاءِ مُئو تہ جيڪي جيئرا آهن سي اڳتي پنهنجي لاءِ نہ، پر انهي جي لاءِ جيئن، جو سندن واسطي مُئو ۽ وري جي اُٿيو.


۽ خدا جي هيڪل جو بُتن سان ڪهڙو لاڳاپو آهي؟ ڇالاءِ جو اسين جيئري خدا جي هيڪل آهيون، جهڙيءَ طرح ڪ خدا فرمايو آهي تہ ”آئون انهن ۾ رهندس، ۽ انهن ۾ هلندس چلندس، آئون انهن جو خدا ٿيندس ۽ اهي منهنجي اُمت ٿيندا.


جنهن پاڻ کي اسان جي واسطي قربان ڪيو تہ اسان کي هر قسم جي بي دينيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنهنجي خاص ملڪيت لاءِ هڪڙي اهڙي اُمت بنائي، جا نيڪ ڪمن ۾ سرگرم هجي.


يا اوهين ائين ٿا ڀانئيو ڇا، تہ پاڪ ڪتاب جو چوڻ اجايو آهي تہ ”جيڪو روح هن اسان کي ڏنو تہ اسان ۾ رهي، تنهن جي هن کي غيرت آهي؟“


۽ اوهين بہ زندہ پهڻن وانگر اڏجي روحاني گهر بڻجو، انهي لاءِ تہ هڪڙي ڪاهنن جي پاڪ جماعت ٿي، اهڙيون روحاني قربانيون چاڙهيو جي يسوع مسيح جي وسيلي خدا وٽ قبول ٿيون پون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ