Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 6:18 - Sindhi Bible

18 زناڪاريءَ کان ڀڄو جيڪو بہ گناهہ ماڻهو ڪري ٿو، سو بدن کان ٻاهر آهي، پر جيڪو زنا ٿو ڪري، سو خود پنهنجي بدن جي برخلاف گناهہ ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 سو زناڪاريءَ کان ڀڄو. ٻيو هر پاپ، جيڪو ماڻهو ڪري ٿو سو شرير کان ٻاهر آهي، پر جيڪو زنا ڪري ٿو سو پاڻ پنهنجي شرير جو پاپي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 سو زناڪاريءَ کان ڀڄو. ٻيو هر گناهہ، جيڪو ماڻهو ڪري ٿو سو بدن کان ٻاهر آهي، پر جيڪو زنا ڪري ٿو سو پاڻ پنهنجي بدن جو گنهگار آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 سو زناڪاريءَ کان ڀڄو. ٻيو ھر گناھہ، جيڪو ماڻھو ڪري ٿو سو بدن کان ٻاھر آھي، پر جيڪو زنا ڪري ٿو سو پاڻ پنھنجي بدن جو گناھہ ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 6:18
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن ڪو ماڻهو زال سان سمهندي انزال ڪري، تہ اهي ٻئي پاڻيءَ ۾ وهنجن، ۽ اهي شام تائين ناپاڪ رهندا.


انهي ڪري خدا اُنهن جي دلين جي خواهش موجب کين ناپاڪيءَ ۾ ڇڏي ڏنو، تہ اُنهن جا بدن پاڻ ۾ بي آبرو ڪيا وڃن:


يا اوهين نٿا ڄاڻو تہ بدڪار خدا جي بادشاهت جا وارث نہ ٿيندا؟ ڀلجي نہ وڃو، نڪي زناڪار، نڪي بُت پرست، نڪي حرامڪار، نڪي عياش، نڪي لونڊي باز،


متان جڏهن آئون وري اچان، تڏهن منهنجو خدا مون کي اوهان جي اڳيان شرمندو ڪري، ۽ مون کي اهڙن گهڻن لاءِ افسوس ڪرڻو پوي، جن هيستائين ناپاڪي ۽ زناڪاري ۽ نفس پرستي جا گناهہ پي ڪيا آهن، ۽ توبهہ نہ ڪئي اٿن.


هاڻي جسم جا ڪم ظاهر آهن، يعني زناڪاري، ناپاڪي، شهوت پرستي،


پر جيئن ڪ پاڪ ٿيلن کي مناسب آهي، زناڪاريءَ ۽ هر قسم جي ناپاڪيءَ، يا لالچ جو نالو بہ اوهان ۾ هئڻ نہ کپي.


تنهنڪري اوهان جا عضوا جي زمين تي آهن، تن کي ماري ڇڏيو، يعني زناڪاري، ناپاڪي، شهوت، خراب خواهش، ۽ لالچ جا بُت پرستي آهي؛


جو خدا جي مرضي اِها آهي تہ اوهين پاڪ رهو: ۽ زناڪاريءَ کان پاسو ڪريو؛


نہ شهوت جي جوش ۾، جيئن ڪ غير قوم وارا ڪندا آهن، جي خدا کي نٿا سڃاڻن؛


پر جوانيءَ جي خواهشن کان پري ڀڄ، ۽ جيڪي پاڪ دل سان خداوند کي ٿا پڪارين، تن سان گڏ راستبازيءَ، ايمان، محبت ۽ صلح جو طالب ٿيءُ.


سڀني کي سمجهڻ گهرجي تہ شادي وڏي عزت جي ڳالهہ آهي، ۽ بسترو بي داغ رهي؛ ڇالاءِ جو زناڪارن ۽ حرامڪارن کي خدا سزا ڏيندو.


اي پيارو، آئون اوهان کي پرديسي ۽ مسافر ڄاڻي عرض ٿو ڪريان تہ اُنهن جسماني خواهشن کان پري رهو، جي روح سان وڙهن ٿيون،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ