Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 6:1 - Sindhi Bible

1 اوهان مان ڪنهن کي اهڙي همت آهي ڇا تہ جي ٻئي ڪنهن سان معاملو هجيس تہ فيصلي جي لاءِ پاڪ ٿيلن وٽ نہ، پر بي دينن وٽ وڃي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 ڪيڏي نہ شرم جي ڳالهہ آهي جو اوهان مان ڪنهن جو ٻئي وشواسي ڀاءُ ڀيڻ سان ڪو قانوني معاملو آهي تہ فيصلي لاءِ مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن وٽ نہ، پر غير وشواسين جي عدالت ۾ وڃي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 ڪيڏي نہ شرم جي ڳالهہ آهي جو اوهان مان ڪنهن جو ٻئي هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ سان ڪو قانوني معاملو آهي تہ فيصلي لاءِ مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن وٽ نہ، پر غير ايمان وارن جي عدالت ۾ وڃي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 اوھان مان ڪنھن کي ايتري جرئت آھي ڇا جو ڪنھن ٻئي ڀاءُ سان ڪو معاملو ھجيس تہ فيصلي لاءِ ايمان وارن وٽ نہ، پر بي⁠دينن وٽ وڃي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 6:1
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ اوهان جو پيءُ جو آسمان ۾ آهي تنهن جا ٻار ٿيو: ڇالاءِ جو اُهو پنهنجو سج چڱن ۽ مندن تي اُڀرائي ٿو، ۽ سچن ۽ ڪوڙن تي مينهن ٿو وسائي.


تنهنڪري دميتريس، ۽ ٻيا جيڪي سندس ڌنڌي وارا ساڻس گڏ آهن، تن کي جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ تي ڪا دعويٰ ڪرڻي آهي تہ عدالت کُليل آهي ۽ حاڪم ويٺا آهن؛ ڀلي تہ وڃي مقدمو ڪن.


خدا جي انهي ڪليسيا ڏانهن جا ڪرنٿس ۾ آهي، يعني انهن ڏانهن جي مسيح يسوع ۾ پاڪ ڪيا ويا آهن، ۽ انهي لاءِ سڏيا ويا آهن تہ انهن سڀني سان گڏجي پاڪ ٿين، جي هر ڪنهن هنڌ پنهنجي ۽ اسان جي خداوند يسوع مسيح جو نالو ٿا وٺن.


ڇالاءِ تہ خدا گڙٻڙ جو نہ پر اطمينان جو خدا آهي. جيئن پاڪ ٿيلن جي سڀني ڪليسيائن ۾ آهي،


هاڻي انهي چندي بابت، جو پاڪ ٿيلن جي لاءِ آهي: جيئن مون گلتيہ جي ڪليسيائن کي حڪم ڏنو، تيئن اوهين بہ ڪجو.


هاڻي اي ڀائرو، آئون اوهان کي عرض ٿو ڪريان، (اوهان کي استفناس جي گهراڻي وارن جي خبر آهي تہ اُهي اخيہ جو پهريون ڦل آهن، ۽ اُهي پاڪ ٿيلن جي خدمت ڪرڻ لاءِ تيار ٿا رهن،)


ڇالاءِ تہ جيڪي ڌاريا آهن تن تي فتويٰ ڏيڻ سان منهنجو ڪهڙو واسطو؟ ائين نہ آهي ڇا تہ اوهين انهن تي فتويٰ ڏيندا جي پنهنجا آهن؟


اهو اوهان کي انهي ڪري ٿو چوان تہ شرم اچيوَ. ائين آهي ڇا تہ اوهان ۾ هڪڙو ڏاهو ماڻهو بہ لڀي نٿو سگهي، جو پنهنجن ڀائرن جو فيصلو ڪري،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ